جيڪو راستيءَ سان هلي ٿو، ۽ سچ ڳالهائي ٿو؛ جيڪو ظلم جي نفعي کي حقير ٿو سمجهي، جيڪو رشوت کان پنهنجا هٿ هٽائي ٿو، جيڪو خونريزيءَ جي ڳالهين ٻڌڻ کان پنهنجا ڪن بند ڪري ٿو، ۽ جيڪو بڇڙائيءَ ڏانهن نهارڻ کان پنهنجون اکيون بند ڪري ٿو؛ اهو بلندي تي رهندو: جابلو قلعا هن جي پناهہ ٿيندا: هن جي ماني کيس ڏني ويندي: ۽ هن کي پاڻي بہ ضرور ملندو.