پيدائش 45
45
1تڏهن يوسف انهن جي اڳيان، جيڪي وٽس بيٺا هئا، پاڻ کي جهلي نہ سگهيو؛ ۽ واڪو ڪري چيائين تہ سڀني ماڻهن کي مون وٽان ٻاهر موڪليو. جڏهن يوسف پاڻ کي پنهنجي ڀائرن ۾ ظاهر ڪيو، تڏهن اتي ٻيو ڪوبہ ماڻهو حاضر ڪونہ هو. 2پوءِ هو زور زور سان روئڻ لڳو: جو مصرين ۽ فرعون جي گهر وارن ٻڌو. 3۽ يوسف پنهنجن ڀائرن کي چيو تہ آءٌ يوسف آهيان؛ ڇا، منهنجو پيءُ اڃا جيئرو آهي؟ تڏهن سندس ڀائر کيس ورندي ڏيئي نہ سگهيا؛ ڇالاءِ جو هو سندس روبرو فڪر ۾ پئجي ويا. 4تڏهن يوسف پنهنجن ڀائرن کي چيو تہ ڀلائي ڪري منهنجي ويجها اچو ۽ هو ويجها آيا، تڏهن چيائين تہ آئون اوهان جو ڀاءُ يوسف آهيان، جنهن کي اوهان مصر ۾ وڪيو هو. 5هاڻي فڪر نہ ڪريو، نڪي انهيءَ لاءِ غمگين ٿيو تہ اوهان مون کي هتي وڪيو: ڇالاءِ جو خدا ڪيترن جي جان بچائڻ لاءِ اوهان کان اڳ ۾ مون کي هتي موڪليو. 6ڇوتہ ٻن ورهين کان ملڪ ۾ ڏڪار آهي، پر اڃا پنج ورهيہ ٻيا پيا آهن، جن ۾ نڪا زمين کيڙبي، نڪو لابارو پوندو. 7خدا مون کي اوهان کان اڳ ۾ موڪليو تہ اوهان مان ڪن کي زمين تي بچائي رکي، ۽ وڏي ڇوٽڪاري سان اوهان کي جيئرو رکي. 8سو هاڻي، اوهان نہ، پر خدا مون کي هيڏانهن موڪليو: ۽ مون کي فرعون جي پيءُ جهڙو، ۽ سندس سڄي گهر جو مالڪ، ۽ مصر جي ساري ملڪ تي حاڪم ڪيو آهي. 9هاڻي اوهين جلد منهنجي پيءُ ڏانهن وڃو، ۽ چئوس تہ تنهنجو پٽ يوسف هيئن ٿو چوي، خدا مون کي سڄي مصر جو مالڪ ڪيو آهي: مون وٽ هليو اچ، دير نہ ڪر. 10تون جشن جي علائقي ۾ اچي رهندين، تہ تون، ۽ تنهنجا پٽ پوٽا، ۽ تنهنجا ڍور ۽ ڌڻ، ۽ ٻيو جيڪي بہ تو وٽ آهي، سو مون کي ويجهو ٿئي: 11۽ اتي آءٌ تنهنجي پرورش ڪندس؛ ڇالاءِ جو اڃا ڏڪار جا پنج ورهيہ پيا آهن؛ متان تون، ۽ تنهنجو خاندان، ۽ ٻيا جيڪي تو وٽ آهن، سي ڪنگال ٿي پون. 12۽ ڏسو اوهين، ۽ منهنجو ڀاءُ بنيمين اکين سان ڏسو ٿا، تہ آءٌ ئي پنهنجي واتان پيو ڳالهايان. 13۽ مصر ۾ جيڪو منهنجو شان آهي ۽ ٻيو بہ جيڪي ڏٺو اٿوَ، سو سڀ منهنجي پيءُ کي بيان ڪري ٻڌائجو. هاڻي اوهين جلد وڃي منهنجي پيءُ کي هتي وٺي اچو. 14پوءِ هن پنهنجي ڀاءُ بنيمين کي ڀاڪر پائي رنو؛ ۽ بنيمين بہ کيس ڀاڪر پائي رنو. 15۽ هن پنهنجن سڀني ڀائرن کي چُميو ۽ ساڻن رنائين: تنهن کان پوءِ سندس ڀائر ساڻس ڳالهيون ڪرڻ لڳا.
16هاڻي انهيءَ ڳالهہ جي خبر فرعون جي گهر تائين پهچي ويئي، جو چيائون تہ يوسف جا ڀائر آيا آهن: ۽ انهيءَ ڪري فرعون ۽ سندس نوڪر ڏاڍا خوش ٿيا. 17۽ فرعون يوسف کي چيو تہ تون پنهنجن ڀائرن کي چئُہ تہ اوهين هيئن ڪريو؛ جو پنهنجا وهٽ لڏي روانا ٿيو ۽ جلدي وڃي ڪنعان جي ملڪ ۾ پهچو؛ 18۽ پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجن گهر وارن کي وٺي مون وٽ اچو: ۽ آءٌ اوهان کي مصر جي ملڪ جون نعمتون ڏيندس، ۽ اوهان کي هن ملڪ جون عمديون شيون کائڻ لاءِ ملنديون. 19هاڻي تون اهو حڪم ڏي تہ هو پنهنجين زالن ۽ ٻارن لاءِ مصر جي ملڪ مان گاڏيون وٺي وڃن، ۽ پنهنجي پيءُ کي هيڏانهن وٺي اچن. 20اوهين پنهنجي مال متاع جو فڪر نہ ڪريو: ڇالاءِ جو مصر جي ملڪ جون سڀ نعمتون اوهان جون آهن.
21سو اسرائيل جي پٽن ائين ئي ڪيو: ۽ يوسف فرعون جي حڪم موجب کين گاڏيون ڏنيون، ۽ رستي جي لاءِ سمر بہ ڏنائين. 22۽ انهن مان هر هڪ کي وڳو ڏنائين، پر بنيمين کي ٽي سؤ چانديءَ جا سڪا، ۽ پنج وڳا ڏنائين. 23۽ پنهنجي پيءُ جي لاءِ هي شيون موڪليائين: ڏهہ گڏهہ، جن تي مصر جون عمديون شيون لڏيل هيون، ڏهہ گڏهيون جن تي اَن، ماني ۽ کاڌو لڏيل هو، جو سندس پيءُ جي لاءِ رستي جو سمر هو. 24اهڙيءَ طرح هن پنهنجن ڀائرن کي روانو ڪيو ۽ هو اٿي هليا: ۽ هن کين چيو تہ ڏسجو متان رستي تي پاڻ ۾ وڙهو. 25پوءِ هو مصر مان روانا ٿي، ڪنعان جي ملڪ ۾ پنهنجي پيءُ يعقوب وٽ آيا. 26۽ ٻڌايائونس تہ يوسف اڃا جيئرو آهي، ۽ مصر جي سڄي ملڪ جو حاڪم آهي. اهو ٻڌي هن جو هانءُ هارجي ويو، ڇالاءِ جو کيس هنن جي ڳالهين تي يقين ڪين آيو. 27۽ جيڪي ڳالهيون يوسف کين چيون هيون، سي هن کي ٻڌايائون: ۽ جڏهن هن گاڏيون ڏٺيون، جي يوسف سندس سواريءَ لاءِ موڪليون هيون، تڏهن سندن پيءُ يعقوب ۾ وري ساهہ پيو: 28۽ اسرائيل چيو تہ هاڻي بس، منهنجو پٽ يوسف اڃا جيئرو آهي، آءٌ مرڻ کان اڳيئي وڃي کيس ڏسندس.
Currently Selected:
پيدائش 45: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.