1
پيدائش 5:45
Sindhi Bible NT
SB62
هاڻي فڪر نہ ڪريو، نڪي انهيءَ لاءِ غمگين ٿيو تہ اوهان مون کي هتي وڪيو: ڇالاءِ جو خدا ڪيترن جي جان بچائڻ لاءِ اوهان کان اڳ ۾ مون کي هتي موڪليو.
Compare
Explore پيدائش 45:5
2
پيدائش 8:45
سو هاڻي، اوهان نہ، پر خدا مون کي هيڏانهن موڪليو: ۽ مون کي فرعون جي پيءُ جهڙو، ۽ سندس سڄي گهر جو مالڪ، ۽ مصر جي ساري ملڪ تي حاڪم ڪيو آهي.
Explore پيدائش 45:8
3
پيدائش 7:45
خدا مون کي اوهان کان اڳ ۾ موڪليو تہ اوهان مان ڪن کي زمين تي بچائي رکي، ۽ وڏي ڇوٽڪاري سان اوهان کي جيئرو رکي.
Explore پيدائش 45:7
4
پيدائش 4:45
تڏهن يوسف پنهنجن ڀائرن کي چيو تہ ڀلائي ڪري منهنجي ويجها اچو ۽ هو ويجها آيا، تڏهن چيائين تہ آئون اوهان جو ڀاءُ يوسف آهيان، جنهن کي اوهان مصر ۾ وڪيو هو.
Explore پيدائش 45:4
5
پيدائش 6:45
ڇوتہ ٻن ورهين کان ملڪ ۾ ڏڪار آهي، پر اڃا پنج ورهيہ ٻيا پيا آهن، جن ۾ نڪا زمين کيڙبي، نڪو لابارو پوندو.
Explore پيدائش 45:6
6
پيدائش 3:45
۽ يوسف پنهنجن ڀائرن کي چيو تہ آءٌ يوسف آهيان؛ ڇا، منهنجو پيءُ اڃا جيئرو آهي؟ تڏهن سندس ڀائر کيس ورندي ڏيئي نہ سگهيا؛ ڇالاءِ جو هو سندس روبرو فڪر ۾ پئجي ويا.
Explore پيدائش 45:3
Home
Bible
Plans
Videos