پيدائش 44
44
1پوءِ هن پنهنجي گهر جي داروغي کي حڪم ڏيئي چيو تہ هنن ماڻهن جي ٻورن ۾ ايترو اَن ڀر جيترو هو کڻي سگهن ۽ هر هڪ ماڻهوءَ جا پيسا سندن ٻوري جي منهن ۾ وجهہ. 2۽ منهنجو چانديءَ جو پيالو ۽ اَن جو ملهہ هنن مان سڀني کان ننڍي جي ٻوري جي منهن ۾ وجهي ڇڏ. سو جيئن يوسف هن کي چيو تيئن ئي ڪيائين. 3پوءِ جڏهن صبح جو سوجهرو ٿيو، تڏهن انهن ماڻهن کي سندن گڏهن سوڌو روانو ڪيائون. 4۽ جڏهن هو شهر مان نڪري اڃا ٿورو ئي پري ويا، تہ يوسف پنهنجي داروغي کي چيو تہ اٿي هنن ماڻهن جي پٺيان وڃ ۽ جڏهن کين پهچين، تڏهن چئجان تہ اوهان نيڪيءَ جي عيوض بدي ڇو ڪئي؟ 5هي اهو پيالو ڪينهي، جنهن ۾ منهنجو مالڪ پيئندو آهي؟ بلڪ هو فال بہ انهي سان ئي ڏسندو آهي؟ هي تہ اوهان بڇڙو ڪم ڪيو آهي.
6پوءِ هو وڃي هنن کي رسيو، ۽ کين ائين ئي چيائين. 7تڏهن هنن چيس تہ اسان جو مالڪ ائين ڇو ٿو چوي؟ شل خدا نہ ڪري، جو تنهنجا ٻانها اهڙو ڪم ڪن. 8ڏس جيڪي پيسا اسان کي پنهنجن ٻورن جي منهن ۾ مليا هئا، سي بہ اسان ڪنعان جي ملڪ مان موٽائي تو وٽ آندا، تڏهن اسين تنهنجي مالڪ جي گهر مان رپو يا سون ڪيئن چورائينداسين؟ 9تنهنجن ٻانهن مان جنهن وٽان اهو لڀي، سو ڀلي تہ ماريو وڃي، ۽ اسين بہ پنهنجي مالڪ جا غلام ٿينداسين. 10تڏهن هن چيو تہ هاڻي اوهان جي چوڻ موجب ٿيندو: جنهن وٽان اُهو نڪرندو، سو منهنجو غلام ٿيندو، ۽ باقي ٻيا سڀ بي قصور ٿيندا. 11تڏهن هنن جلد پنهنجا ٻورا لاهي زمين تي رکيا، ۽ هر ڪنهن پنهنجو ٻورو کوليو. 12پوءِ هو ڳولڻ لڳو ۽ وڏي کان شروع ڪري سڀ کان ننڍي تائين آيو، ۽ پيالو بنيمين جي ٻوري مان لڀي پيو. 13تنهن تي هو پنهنجا ڪپڙا ڦاڙڻ لڳا ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجو گڏهہ لڏي موٽي شهر ۾ آيو. 14۽ يهوداہ ۽ سندس ڀائر يوسف جي گهر آيا، جو هو اڃا اُتي ئي هو: ۽ سندس اڳيان زمين تي ڪري پيا. 15تڏهن يوسف انهن کي چيو تہ اوهان هي ڪهڙو ڪم ڪيو؟ اوهان کي اها خبر ڪانهي تہ مون جهڙو ماڻهو فال ڏسي ٿو سگهي؟ 16تڏهن يهوداہ چيو تہ اسين پنهنجي مالڪ کي ڇا چئون ۽ ڇا ڳالهايون؟ ۽ ڪيئن اسين پاڻ کي بي قصور ثابت ڪريون؟ خدا تنهنجن ٻانهن جي بدڪاري ظاهر ڪئي آهي: هاڻي ڏس، اسين ۽ اهو بہ، جنهن وٽان پيالو نڪتو آهي، سي سڀ پنهنجي مالڪ جا غلام آهيون. 17تڏهن يوسف چيو تہ خدا نہ ڪري جو آءٌ ائين ڪريان: جنهن ماڻهوءَ وٽان منهنجو پيالو نڪتو آهي، سو ئي منهنجو غلام ٿيندو؛ باقي اوهين ٻيا صحيح سلامت پنهنجي پيءُ وٽ موٽي وڃو.
18تڏهن يهوداہ هن جي ويجهو اچي چيو تہ اي منهنجا سائين، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ پنهنجي ٻانهي کي موڪل ڏي، تہ پنهنجي مالڪ سان ڪا ڳالهہ ڪري. ۽ تنهنجي ٻانهي تي تنهنجي ڪاوڙ نہ وڌي؛ ڇالاءِ جو تون بہ فرعون جهڙو ئي آهين. 19منهنجي مالڪ پنهنجي ٻانهن کان پڇيو هو تہ اوهان کي ڪو پيءُ، يا ڪو ڀاءُ آهي؟ 20۽ اسان پنهنجي مالڪ کي چيو تہ اسان کي پيءُ آهي، جو پير مرد آهي ۽ کيس پيريءَ ۾ هڪڙو پٽ بہ آهي، جو اڃا ننڍو آهي؛ ۽ انهي جو ڀاءُ مري ويو آهي، ۽ ماءُ کي اهو هڪڙو وڃي رهيو آهي، ۽ پڻس جو مٿس ڏاڍو پيار آهي. 21تڏهن تو پنهنجن ٻانهن کي چيو تہ انهيءَ کي مون وٽ وٺي اچو تہ آءٌ پنهنجين اکين سان ڏسانس، 22۽ اسان پنهنجي مالڪ کي چيو تہ اهو ڇوڪر پنهنجي پيءُ کي ڇڏي ڪين سگهندو: ڇالاءِ تہ جي هو پنهنجي پيءُ کان جدا ٿيندو تہ پڻس مري ويندو. 23پر تو پنهنجن ٻانهن کي چيو تہ جيسين اوهين پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي پاڻ سان نہ آڻيندا، تيسين اوهين منهنجو منهن ڪين ڏسندا. 24۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسين تنهنجي ٻانهي پنهنجي پيءُ وٽ وياسين، تڏهن اسان کيس پنهنجي مالڪ جي ڳالهہ ٻڌائي. 25۽ اسان جي پيءُ چيو تہ اوهين وري وڃي اسان جي لاءِ ٿورو کاڌو خريد ڪري اچو. 26پر اسان چيو تہ اسين ائين وڃي نٿا سگهون: جيڪڏهن اسان جو ننڍو ڀاءُ اسان سان هلندو تہ پوءِ اسين وينداسين: ڇالاءِ تہ جي اسان جو ننڍو ڀاءُ اسان سان نہ هوندو تہ اسين انهي ماڻهوءَ جو منهن ڏسي ڪين سگهنداسين. 27تڏهن تنهنجي ٻانهي اسان جي پيءُ اسان کي چيو تہ اوهان کي خبر آهي تہ منهنجيءَ زال کي مون مان ٻہ پٽ ڄاوا آهن: 28تن مان هڪڙو مون کان جدا ٿي ويو، ۽ مون چيو تہ هن کي ضرور ڪنهن مرونءَ ڦاڙي کائي ڇڏيو هوندو؛ ۽ انهيءَ وقت کان وٺي هن کي ڪونہ ڏٺو اٿم: 29۽ جيڪڏهن اوهين هن کي بہ مون وٽان وٺي ويندا، ۽ مٿس ڪا آفت آئي تہ پوءِ اوهين منهنجن اڇن وارن کي ڏک سهندي قبر ۾ موڪليندا. 30سو هاڻي، جڏهن آءٌ تنهنجي ٻانهي پنهنجي پيءُ وٽ ويندس، ۽ ڇوڪر اسان سان نہ هوندو، ۽ جيئن تہ هن ڇوڪر ۾ سندس ساهہ آهي، 31سو هيئن ٿيندو تہ جڏهن هو ڏسندو تہ ڇوڪر اسان سان ڪونهي، تڏهن هو مري ويندو: ۽ تنهنجن ٻانهن جي ڪري، اسان جو پيءُ تنهنجو ٻانهو پنهنجن اڇن وارن سان ڏک سهي وڃي قبر ۾ پوندو. 32۽ جيئن تہ تنهنجو ٻانهو انهيءَ ڇوڪر جي لاءِ پنهنجي پيءُ وٽ ضامن پيو هو، ۽ چيو هئائينس تہ جي آءٌ هن کي موٽائي تو وٽ نہ آڻيان تہ پوءِ آءٌ هميشہ جي لاءِ تنهنجو ڏوهاري ٿيندس: 33تنهنڪري آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ هيئن ڪر، يعني تنهنجو ٻانهو هن ڇوڪر جي عيوض پنهنجي مالڪ جو غلام ٿي رهي؛ ۽ ڇوڪر پنهنجن ڀائرن سان وڃي. 34ڇالاءِ تہ جيڪڏهن ڇوڪر مون سان نہ هوندو تہ آءٌ ڪهڙيءَ طرح پنهنجي پيءُ وٽ ويندس؟ متان جيڪا مصيبت منهنجي پيءُ تي اچي سا مون کي ڏسڻي پوي.
Currently Selected:
پيدائش 44: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.