پيدائش 46
46
1پوءِ اسرائيل پنهنجو سڀ ڪجهہ کڻي اٿي روانو ٿيو، ۽ بيرسبع ۾ اچي، پنهنجي پيءُ اسحاق جي خدا لاءِ قربانيون چاڙهيائين. 2۽ خدا اسرائيل سان رات جي وقت رويا ۾ ڳالهايو ۽ چيائينس تہ اي يعقوب، اي يعقوب، ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان. 3تڏهن هن چيو تہ آءٌ خدا آهيان، تنهنجي پيءُ جو خدا: تون مصر ۾ وڃڻ کان نہ ڊڄ؛ آءٌ اتي تو منجهان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس. 4آءٌ تو سان مصر ۾ هلندس ۽ توکي ضرور موٽائي آڻيندس، ۽ يوسف تنهنجين اکين تي پنهنجو هٿ رکندو. 5پوءِ يعقوب بيرسبع مان نڪري اٿي هليو، ۽ اسرائيل جي پٽن پنهنجي پيءُ کي، ۽ پنهنجن ٻارن ۽ زالن کي انهن گاڏين ۾ چاڙهيو، جي فرعون سندس سواريءَ لاءِ موڪليون هيون. 6۽ هنن پنهنجو چوپايو مال، ۽ ٻيو سامان، جيڪو ڪنعان جي ملڪ ۾ گڏ ڪيو هئائون، سو سڀ کنيو، ۽ يعقوب پنهنجي سموري اولاد سان گڏ مصر ۾ آيو. 7هن پنهنجا پٽ، ڌيون، پوٽا، پوٽيون ۽ پنهنجو سڀ اولاد پاڻ سان گڏ مصر ۾ آندو.
8اسرائيل جو اولاد جو مصر ۾ آيو، تن جا نالا هي آهن: يعقوب ۽ سندس پٽ: روبن يعقوب جو وڏو پٽ. 9۽ روبن جا پٽ؛ حنوڪ ۽ فلو، حصرون ۽ ڪرمي. 10۽ شمعون جا پٽ؛ يموايل، يمين، اُهد، يڪين، صحر، ۽ سائول، جو هڪڙيءَ ڪنعاني زال مان پيدا ٿيو هو. 11۽ لاويءَ جا پٽ؛ جيرسون، قهات ۽ مراري. 12۽ يهوداہ جا پٽ؛ عير، اُونان، سيلہ، فارص ۽ زارح: (انهن مان عير ۽ اونان ڪنعان جي ملڪ ۾ مري ويا هئا.) ۽ فارص جا پٽ؛ حصرون ۽ حمول. 13۽ اشڪار جا پٽ؛ تولع، فووہ، يوب ۽ سمرون. 14۽ زبولون جا پٽ؛ سرد، ايلون ۽ يحلل ايل. 15اهي سڀ لياہ جا پٽ آهن، جي کيس فدان ارام ۾ سندس ڌيءَ ديناہ سوڌا يعقوب مان ڄاوا: هن جا پٽ ۽ ڌيون مڙيئي ٽيٽيهہ ڄڻا هئا. 16۽ جد جا پٽ؛ صفيان، حجي، سوني، اصبان، عيري، ارودي ۽ اريلي. 17۽ آشر جا پٽ؛ يمنہ، اسواہ، اسوي، بريعاہ ۽ سندن ڀيڻ سرہ: ۽ بريعاہ جا پٽ؛ حبر ۽ ملڪي ايل. 18اهي سڀ زلفہ جا پٽ آهن، جا لابن پنهنجيءَ ڌيءَ لياہ کي ٻانهي ڪري ڏني هئي: اهي هن کي يعقوب مان ڄاوا، جي مڙيئي سورنهن ڄڻا هئا. 19۽ يعقوب جي زال راخل جا پٽ؛ يوسف ۽ بنيمين. 20۽ مصر جي ملڪ ۾ يوسف مان منسي ۽ افرائيم پيدا ٿيا، جي اون شهر جي ڪاهن فوطيفرع جي ڌيءَ آسناٿ مان پيدا ٿيا. 21۽ بنيمين جا پٽ؛ بلحہ، بڪر، اشبيل، جيرا، نعمان، اخي، روس، مفيم، حفيم ۽ آرد هئا. 22اهي آهن راخل جا پٽ جي يعقوب مان پيدا ٿيا. اهي مڙيئي چوڏهن ڄڻا هئا. 23۽ دان جو پٽ؛ حشيم. 24۽ نفتاليءَ جا پٽ؛ يحصي ايل، جوني، يصر ۽ سليم. 25اهي آهن بلهاہ جا پٽ، جا لابن پنهنجيءَ ڌيءَ راخل کي ٻانهي ڪري ڏني هئي، ۽ اهي کيس يعقوب مان ڄاوا، جي مڙيئي ست ڄڻا هئا. 26يعقوب جي ننهنرن کان سواءِ سندس پنهنجو اولاد، جو ساڻس گڏ مصر ۾ آيو، سي مڙيئي ڇاهٺ ڄڻا هئا؛ 27۽ يوسف جا ٻہ پٽ، جي مصر ۾ پيدا ٿيا هئا: يعقوب جي خاندان جا سڀيئي ماڻهو، جي مصر ۾ آيا، سي ستر ڄڻا هئا.
28۽ هن يهوداہ کي پاڻ کان اڳي يوسف ڏانهن موڪليو، تہ کيس جشن ڏانهن وڃڻ جو رستو ڏيکاري؛ پوءِ اهي جشن جي ملڪ ۾ آيا. 29۽ يوسف پنهنجي گاڏي تيار ڪري، پنهنجي پيءُ اسرائيل جي استقبال لاءِ جشن ڏانهن روانو ٿيو، ۽ سندس خدمت ۾ حاضر ٿي، کيس ڀاڪر پائي ڳچ دير تائين پئي رنائين. 30۽ اسرائيل يوسف کي چيو تہ مون توکي جيئرو جاڳندو اچي ڏٺو آهي، سو هاڻي ڀلي تہ منهنجو موت اچي. 31پوءِ يوسف پنهنجن ڀائرن، ۽ پنهنجي پيءُ جي خاندان کي چيو تہ آءٌ وڃي ٿو فرعون کي ٻڌايان تہ منهنجا ڀائر ۽ منهنجي پيءُ جو خاندان، جي ڪنعان جي ملڪ ۾ هئا، سي مون وٽ آيا آهن؛ 32۽ اهي ماڻهو ڌنار آهن، ڇالاءِ جو هنن ڌڻ پئي چاريا آهن، ۽ پنهنجا ڍور، ۽ ڌڻ، ۽ ٻيو بہ جيڪي وٽن هو، سو آندو اٿن. 33۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن فرعون اوهان کي سڏيندو ۽ چوندو تہ اوهان جو ڌنڌو ڪهڙو آهي؟ 34تڏهن چئجوس تہ تنهنجا ٻانها اسين، ۽ اسان جا ابا ڏاڏا، ننڍپڻ کان وٺي مال چاريندا رهيا آهيون: تڏهن اوهين جشن جي زمين ۾ رهندا، ڇالاءِ جو مصر جا ماڻهو هر ڪنهن ڌنار کان نفرت ڪندا آهن.
Currently Selected:
پيدائش 46: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.