گلتين 6
6
1اي ڀائرو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن گناهہ ڪندي پڪڙيو وڃي، تہ اوهين جي روحاني آهيو، سي اهڙي شخص کي نرم مزاجيءَ سان وري بحال ڪريو؛ ۽ پنهنجو بہ خيال ڪريو، متان اوهين بہ آزمائش ۾ پئو. 2اوهين هڪ ٻئي جو بار کڻو، ۽ انهي طرح مسيح جي شريعت پوري ڪريو. 3ڇالاءِ جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪي ڪينهي، ۽ سمجهي ٿو تہ آئون بہ ڪي آهيان، تہ هو پاڻ کي ٺڳي ٿو. 4پر سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو ڪم پاڻ آزمائڻ کپي، پوءِ هن کي فقط پنهنجي نسبت ۾ فخر ڪرڻ جو وجهہ ملندو، نہ ٻئي جي نسبت ۾. 5ڇالاءِ جو سڀڪو ماڻهو پنهنجو بار پاڻ کڻندو.
6پر جنهن کي ڪلام جي تعليم ٿي ملي، تنهن کي گهرجي تہ تعليم ڏيڻ واري کي سڀني چڱين شين ۾ پاڻ شريڪ ڪري. 7فريب نہ کائو، خدا کي ٺڳي ڪين سگهندا، ڇالاءِ جو جيڪي انسان پوکي ٿو سو ئي هو لُڻندو. 8جيڪو پنهنجي جسم جي لاءِ پوکي ٿو، سو جسم مان فنا جو فصل لُڻندو، پر جيڪو روح جي لاءِ پوکي ٿو، سو روح مان هميشہ جي زندگي لُڻندو. 9۽ اسان کي نيڪي ڪرڻ ۾ ٿَڪجڻ نہ کپي، ڇالاءِ تہ جي همت نہ هارينداسين، تہ پوري وقت تي لابارو لاهينداسين. 10تنهنڪري جڏهن اسان کي وجهہ آهي، تڏهن اچو تہ سڀني ماڻهن سان نيڪيءَ جا ڪم ڪريون، خاص ڪري اُنهن سان، جي ايمان وارن جي جماعت جا آهن.
11ڏسو، ڪهڙن نہ وڏن وڏن اکرن سان مون پنهنجي هٿ سان اوهان کي لکيو آهي. 12جيڪي ماڻهو جسماني ڏيک ڪرڻ ٿا گهُرن، سي اوهان کي ختني ڪرائڻ لاءِ زور ٿا ڪن، رڳو انهي لاءِ تہ مسيح جي صليب جي سبب هو ستايا نہ وڃن. 13ڇالاءِ جو ختني وارا پاڻ بہ شريعت تي عمل نٿا ڪن؛ پر اُهي انهي لاءِ اوهان جو ختنو ڪرائڻ ٿا گهُرن تہ اوهان جي جسماني حالت تي فخر ڪن. 14پر شل ائين نہ ٿئي تہ آئون ڪنهن ڳالهہ تي بہ فخر ڪريان، سواءِ پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي صليب تي، جنهن جي وسيلي جهان منهنجي نسبت صليب تي چڙهيو آهي، ۽ آئون جهان جي نسبت. 15ڇالاءِ جو مختوني ڪجهہ بہ نہ آهي، ۽ نامختوني بہ ڪجهہ نہ آهي، پر جيڪي آهي سو نئين سر پيدا ٿيڻ آهي. 16۽ جيڪي بہ انهي قاعدي تي هلندا، تن تي ۽ خدا جي اسرائيل تي، شل رحم ۽ اطمينان هجي.
17اڄ کان وٺي اڳتي ڪوبہ ماڻهو مون کي تڪليف نہ ڏئي؛ ڇالاءِ جو منهنجي بدن تي يسوع جا داغ آهن. 18اي ڀائرو، شل اسان جي خداوند يسوع مسيح جو فضل اوهان جي روح سان هجي. آمين.
Currently Selected:
گلتين 6: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.