1
گلتين 9:6
Sindhi Bible NT
SB62
۽ اسان کي نيڪي ڪرڻ ۾ ٿَڪجڻ نہ کپي، ڇالاءِ تہ جي همت نہ هارينداسين، تہ پوري وقت تي لابارو لاهينداسين.
Compare
Explore گلتين 6:9
2
گلتين 10:6
تنهنڪري جڏهن اسان کي وجهہ آهي، تڏهن اچو تہ سڀني ماڻهن سان نيڪيءَ جا ڪم ڪريون، خاص ڪري اُنهن سان، جي ايمان وارن جي جماعت جا آهن.
Explore گلتين 6:10
3
گلتين 2:6
اوهين هڪ ٻئي جو بار کڻو، ۽ انهي طرح مسيح جي شريعت پوري ڪريو.
Explore گلتين 6:2
4
گلتين 7:6
فريب نہ کائو، خدا کي ٺڳي ڪين سگهندا، ڇالاءِ جو جيڪي انسان پوکي ٿو سو ئي هو لُڻندو.
Explore گلتين 6:7
5
گلتين 8:6
جيڪو پنهنجي جسم جي لاءِ پوکي ٿو، سو جسم مان فنا جو فصل لُڻندو، پر جيڪو روح جي لاءِ پوکي ٿو، سو روح مان هميشہ جي زندگي لُڻندو.
Explore گلتين 6:8
6
گلتين 1:6
اي ڀائرو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن گناهہ ڪندي پڪڙيو وڃي، تہ اوهين جي روحاني آهيو، سي اهڙي شخص کي نرم مزاجيءَ سان وري بحال ڪريو؛ ۽ پنهنجو بہ خيال ڪريو، متان اوهين بہ آزمائش ۾ پئو.
Explore گلتين 6:1
7
گلتين 3:6-5
ڇالاءِ جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪي ڪينهي، ۽ سمجهي ٿو تہ آئون بہ ڪي آهيان، تہ هو پاڻ کي ٺڳي ٿو. پر سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو ڪم پاڻ آزمائڻ کپي، پوءِ هن کي فقط پنهنجي نسبت ۾ فخر ڪرڻ جو وجهہ ملندو، نہ ٻئي جي نسبت ۾. ڇالاءِ جو سڀڪو ماڻهو پنهنجو بار پاڻ کڻندو.
Explore گلتين 6:3-5