افسين 1
1
1پولس، جو خدا جي مرضيءَ موجب مسيح يسوع جو رسول آهي، تنهن جي طرفان انهن پاڪ ٿيلن ڏانهن، جي افسس ۾ آهن ۽ مسيح يسوع ۾ ايماندار آهن؛ 2اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند يسوع مسيح جي طرفان شل اوهان تي فضل ۽ اطمينان هجي.
3اسان جي خداوند يسوع مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي تعريف ٿئي، جنهن اسان کي مسيح ۾ آسماني جاين تي هر طرح جي روحاني برڪت بخشي. 4جيئن تہ هن اسان کي جهان جي شروعات کان اڳ ۾ هن ۾ چونڊي ڪڍيو تہ اسين سندس اڳيان محبت ۾ پاڪ ۽ بي عيب ٿيون: 5۽ هن پنهنجي مرضيءَ جي نيڪ ارادي موجب اسان کي پنهنجي لاءِ اڳيئي مقرر ڪري ڇڏيو، تہ يسوع مسيح جي وسيلي سندس گود جا ٻار ٿيون، 6تان تہ سندس انهي فضل جي جلال جي تعريف ٿئي، جو هن پنهنجي پياري ۾ اسان کي بخشيو: 7۽ انهي ۾ اسان کي سندس رت جي وسيلي ڇوٽڪارو مليو آهي؛ يعني سندس فضل جي دولت موافق اسانجن گناهن جي معافي ملي آهي. 8هن هر طرح جي حڪمت ۽ دانائيءَ سان اسان تي بيحد فضل نازل ڪيو، 9جيئن تہ هن پنهنجي مرضيءَ جو راز انهي پنهنجي چڱي ارادي موجب اسان تي ظاهر ڪيو، جو هن پاڻ ۾ ٺهرائي ڇڏيو هو، 10انهي لاءِ تہ زمانن جي پوري ٿيڻ تي اهڙو بندوبست ٿئي، جو سڀ شيون جي آسمان توڙي زمين تي آهن، سي مسيح ۾ گڏجي وڃن. 11انهي ۾، جيڪو پنهنجيءَ مرضيءَ جي مصلحت موجب سڀ ڪجهہ ٿو ڪري، اسين بہ سندس ارادي موافق اڳيئي مقرر ٿي ميراث ٿياسين؛ 12انهي لاءِ تہ اسين، جن اڳيئي مسيح ۾ اُميد رکي هئي، سي انهي جي جلال جي تعريف جو سبب ٿيون. 13جنهن ۾ اوهان بہ سچائيءَ جو ڪلام، يعني پنهنجيءَ نجات جي خوشخبري ٻُڌي؛ ۽ جنهن تي اوهان ايمان بہ آندو، ۽ واعدي ڪيل پاڪ روح جي اوهان تي مهر لڳي، 14جو اسان جي خاص ميراث جي سوٿي آهي، جيستائين ڪ اسين اُها هٿ ڪريون، انهي لاءِ تہ سندس جلال جي تعريف ٿئي.
15انهي لاءِ جيڪو اوهان جو ايمان يسوع مسيح تي آهي، ۽ جيڪا محبت اوهين سڀني پاڪ ٿيلن ڏانهن ظاهر ڪريو ٿا، تنهن بابت ٻُڌي، 16آئون بہ اوهان جي لاءِ شڪر ڪرڻ کان باز نٿو اچان، ۽ پنهنجين دعائن ۾ اوهان کي ياد پيو ڪريان؛ 17تہ اسان جي خداوند يسوع مسيح جو خدا، جو جلال وارو پيءُ آهي، سو اوهان کي دانائي ۽ مڪاشفي جو روح بخشي؛ (تہ اوهين سندس معرفت حاصل ڪريو). 18۽ اوهان جون روحاني اکيون روشن ٿين، تہ اوهان کي خبر پوي تہ هن جو اوهان کي ڪوٺيو آهي، تنهن جي ڪهڙي اُميد آهي، ۽ هن جي ميراث جي جلال جي دولت پاڪ ٿيلن ۾ ڪهڙي آهي؛ 19۽ اسان ايمان وارن جي لاءِ هن جي قدرت جي وڏائي، سندس انهيءَ وڏيءَ طاقت جي اثر موجب ڪهڙي نہ بي انداز آهي، 20جا هن مسيح ۾ ظاهر ڪئي، جڏهن هن کي مُئلن مان جياري، آسماني جاين ۾ پنهنجي ساڄي پاسي ويهاريائين، 21۽ هر طرح جي حڪومت، ۽ اختياريءَ، ۽ طاقت، ۽ بادشاهت کان، ۽ سڀ ڪنهن نالي کان مٿي ڪيائين، جو نالو نہ رڳو هن جهان ۾ وٺجي ٿو، پر ايندڙ جهان ۾ بہ ورتو ويندو. 22۽ سڀ ڪجهہ هن جي پيرن هيٺ ڪري ڇڏيائين، ۽ کيس ڪل ڪليسيا جو سردار مقرر ڪيائين، 23جا سندس بدن آهي، ۽ سندس معموري جو هر ڪنهن کي هر طرح سان معمور ٿو ڪري.
Currently Selected:
افسين 1: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.