YouVersion Logo
Search Icon

گلتين 5

5
1مسيح اسان کي آزاديءَ لاءِ آزاد ڪيو؛ تنهنڪري قائم رهو ۽ وري ٻانهپ جي پاڃاريءَ ۾ جوٽجي نہ وڃو.
2ڏسو، آئون پولس اوهان کي چوان ٿو، تہ جيڪڏهن اوهين ختنو ڪرائيندا تہ مسيح کان اوهان کي ڪو فائدو ڪونہ پهچندو. 3آئون سڀ ڪنهن ختني ٿيل ماڻهوءَ تي وري بہ شاهدي ٿو ڏيان، تہ اُهو ساري شريعت تي عمل ڪرڻ لاءِ ٻَڌل آهي. 4اوهين جي ڀانئيو ٿا تہ شريعت جي وسيلي راستباز ثابت ٿيون، سي مسيح کان ڌار ٿي ويا؛ اوهين فضل کان محروم آهيو. 5ڇالاءِ جو اسين روح جي وسيلي ايمان جي ڪري راستبازيءَ جي اُميد جا منتظر آهيون. 6ڇالاءِ جو مسيح يسوع ۾ نڪي مختوني ڪنهن ڪم جي آهي، نڪي نامختوني؛ پر ايمان، جو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري. 7اوهين چڱيءَ طرح پئي ڊوڙيا؛ اوهان کي ڪنهن روڪيو تہ سچ کي نہ مڃو؟ 8اها نصيحت اوهان جي سڏڻ واري کان ڪانہ آئي. 9ٿورو خمير ساري ڳوهيل اٽي کي خميرو ڪيو ڇڏي. 10مون کي خداوند ۾ اوهان تي اهو يقين آهي، تہ اوهين ٻيءَ طرح جو ڪوبہ خيال نہ ڪندا؛ پر جيڪو اوهان کي منجهائي ٿو، سو ڪير بہ هوندو تہ ضرور سزا پائيندو. 11پر اي ڀائرو، جيڪڏهن آئون اڃا تائين ختني جي منادي ٿو ڪريان تہ پوءِ ڇو ٿو ستائجان؟ پوءِ صليب ٺوڪر جو باعث نہ رهيو. 12شل جيڪي اوهان کي منجهائين ٿا، سي پاڻ کي ڪَپي ڇڏين تہ چڱو.
13ڇالاءِ جو، اي ڀائرو، اوهين آزاد ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا هئا، پر ائين نہ ٿئي جو آزاديءَ کي جسماني ڳالهين جي لاءِ ڪم ۾ آڻيو؛ پر محبت جي رستي هڪ ٻئي جي خدمت ڪريو. 14هن ڪري جو ساري شريعت هڪڙي ئي ڳالهہ ۾ پوري ٿي ٿئي؛ يعني هن ۾ تہ ”تون پنهنجي پاڙيسريءَ کي پاڻ جهڙو پيار ڪر.“ 15پر جيڪڏهن اوهين هڪ ٻئي کي چڪ ٿا هڻو ۽ ڳهي ٿا وڃو، تہ خبردار ٿيو ڇوتہ انهي ڪري هڪ ٻئي کي چٽ ڪري ڇڏيندا.
16پر آئون چوان ٿو تہ روح پٽاندر هلو تہ پوءِ اوهين ڪڏهن بہ جسم جي خواهش پوري نہ ڪندا. 17ڇالاءِ جو جسم روح جي برخلاف خواهش ٿو ڪري، ۽ روح جسم جي برخلاف؛ ۽ اُهي هڪ ٻئي جا مخالف آهن، انهي لاءِ تہ جيڪي اوهين چاهيو ٿا سو نہ ڪريو. 18پر جي اوهين روح جي هدايت تي هلندا تہ شريعت جي ماتحت نہ ٿيا. 19هاڻي جسم جا ڪم ظاهر آهن، يعني زناڪاري، ناپاڪي، شهوت پرستي، 20بت پرستي، جادوگري، عداوتون، جهيڙو جهڳڙو، حسد، ڪاوڙ، تفرقا، جدائيون، بدعتون، 21بغض، نشي بازي، عيش عشرت ۽ ٻيا اهڙا ڪم، جن بابت جيئن مون اڳي بہ اوهان کي خبردار ڪيو هو، تيئن هاڻ بہ اڳيئي خبردار ٿو ڪريان، تہ جيڪي اهڙا ڪم ٿا ڪن، سي خدا جي بادشاهت جا وارث ڪين ٿيندا. 22پر روح جو ڦل آهي محبت، خوشي، اطمينان، صبر، مهرباني، نيڪي، ايمانداري، 23نماڻائي، پرهيزگاري؛ اهڙن ڪمن جي برخلاف ڪابہ شريعت ڪانهي. 24۽ جيڪي مسيح يسوع جا آهن، تن جسم کي انهي جي خواهشن ۽ سَڌن سميت صليب تي چاڙهيو آهي.
25جيڪڏهن اسين روح جي ڪري جيئون ٿا، تہ اسان کي هلڻ بہ روح پٽاندر کپي. 26اسان کي گهرجي تہ اجايو فخر نہ ڪريون، نہ هڪ ٻئي کي چيڙايون، ۽ نہ هڪ ٻئي ڏانهن بغض رکون.

Currently Selected:

گلتين 5: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in