افسين 2
2
1۽ جڏهن اوهين پنهنجين خطائن ۽ گناهن جي ڪري مُئل هئا، تڏهن هن اوهان کي جياريو، 2جن گناهن ۾ اوهين اڳي هن دنيا جي دستور موجب هلندا هئا، ۽ فضا ۾ اختيار هلائڻ واري حاڪم جي، يعني انهي روح جي پيروي ڪندا هئا، جو هاڻي نافرمانيءَ جي فرزندن ۾ اثر پيدا ٿو ڪري؛ 3انهن سان گڏ اسين سڀيئي بہ پنهنجي جسم جي خواهشن ۾ هلندا هئاسين، ۽ جسم ۽ دل جي سَڌين پورين ڪرڻ ۾ مشغول هئاسين، ۽ طبيعت جي ڪري ٻين وانگر غضب جا فرزند هئاسين: 4پر خدا، جو رحم سان ڀرپور آهي، تنهن پنهنجيءَ وڏيءَ محبت سببان، جا هن اسان سان ڪئي، 5اسان کي مسيح سان جيئرو ڪيو، جڏهن اسين اڃا پنهنجين خطائن جي ڪري مُئل هئاسين، (فضل جي ڪري ئي اوهان کي نجات ملي آهي)، 6۽ انهي سان گڏ اسان کي اُٿاري مسيح يسوع ۾ آسماني جاين ۾ ساڻس گڏ ويهاريائين: 7انهي لاءِ تہ پنهنجي انهيءَ مهربانيءَ جي وسيلي جا مسيح يسوع ۾ اسان تي آهي، ايندڙ زمانن ۾ پنهنجي فضل جي بي انداز دولت ظاهر ڪري: 8ڇالاءِ جو فضل جي ڪري ئي، ايمان جي وسيلي اوهان کي نجات ملي آهي؛ ۽ اُها اوهان جي ڪري نہ، پر خدا جي بخشش آهي – 9نہ عملن جي ڪري، متان ڪوبہ فخر ڪري. 10ڇالاءِ جو اسين سندس ڪاريگري آهيون، ۽ مسيح يسوع ۾ انهن چڱن ڪمن لاءِ خلقيا ويا آهيون، جي خدا اڳيئي اسان جي ڪرڻ ۽ انهن تي هلڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيا هئا.
11سو ياد رکو تہ اوهين، جي اڳي جسم جي ڪري غير قوم هئا، ۽ جن کي اهي نامختون ٿا سڏين، جي پاڻ جسماني ختني جي ڪري، جو هٿن سان ڪيل آهي، مختون ٿا سڏجن، 12۽ انهي وقت اوهين مسيح کان ڌار ۽ اسرائيلي جماعت کان خارج هئا، ۽ واعدي جي عهدن کان غير واقف هئا، ۽ دنيا ۾ نااُميد ۽ خدا کان جدا هئا، 13پر هاڻي مسيح يسوع ۾ اوهين جي اڳي پري هئا، سي مسيح جي رت ڪري ويجهو ٿي پيا آهيو. 14ڇالاءِ جو هو ئي اسان جو صلح آهي، جنهن ٻنهي کي هڪ ڪري ڇڏيو، ۽ جيڪا جدائيءَ جي ڀت وچ ۾ هئي سا ڊاهي ڇڏيائين. 15يعني اُها دشمني جا حڪمن جي شريعت جي قانونن ۾ هئي، سا پنهنجي جسم جي وسيلي ڪڍي ڇڏيائين، انهي لاءِ تہ ٻنهي مان هڪڙو نئون انسان پيدا ڪري صلح ڪرائي؛ 16۽ صليب جي وسيلي دشمني دفع ڪري انهن ٻنهي کي هڪڙو جسم ڪري خدا سان ملائي: 17۽ اوهين جي پري هئا، ۽ اهي جي ويجها هئا، تن ٻنهي کي صلح جي خوشخبري اچي ڏنائين: 18ڇالاءِ جو انهي جي وسيلي اسين ٻئي هڪڙي ئي روح ۾ پيءُ تائين پهچي ٿا سگهون. 19تنهنڪري اوهين ڌاريا ۽ پرديسي نہ رهيا پر پاڪ ٿيلن جا هم وطن ۽ خدا جي گهر جا ڀاتي آهيو، 20۽ رسولن ۽ نبين جي بنياد تي اڏيل آهيو، جنهن جي ڪنڊ جو خاص پٿر خود مسيح يسوع آهي؛ 21انهي ۾ هرڪا اڏاوت گڏجي وڌندي خداوند جي هڪڙي پاڪ هيڪل ٿيندي ٿي وڃي؛ 22۽ اوهين بہ انهيءَ ۾ گڏ جڙندا اڏبا ٿا وڃو، تہ روح جي وسيلي خدا جو گهر ٿيو.
Currently Selected:
افسين 2: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.