۽ اوهان جون روحاني اکيون روشن ٿين، تہ اوهان کي خبر پوي تہ هن جو اوهان کي ڪوٺيو آهي، تنهن جي ڪهڙي اُميد آهي، ۽ هن جي ميراث جي جلال جي دولت پاڪ ٿيلن ۾ ڪهڙي آهي؛ ۽ اسان ايمان وارن جي لاءِ هن جي قدرت جي وڏائي، سندس انهيءَ وڏيءَ طاقت جي اثر موجب ڪهڙي نہ بي انداز آهي، جا هن مسيح ۾ ظاهر ڪئي، جڏهن هن کي مُئلن مان جياري، آسماني جاين ۾ پنهنجي ساڄي پاسي ويهاريائين، ۽ هر طرح جي حڪومت، ۽ اختياريءَ، ۽ طاقت، ۽ بادشاهت کان، ۽ سڀ ڪنهن نالي کان مٿي ڪيائين، جو نالو نہ رڳو هن جهان ۾ وٺجي ٿو، پر ايندڙ جهان ۾ بہ ورتو ويندو.