شريعت جو دور 28
28
1۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪڏهن تون ڪوشش سان خداوند پنهنجي خدا جو آواز ٻڌندين، ۽ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي فرمايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندين، تہ خداوند تنهنجو خدا توکي دنيا جي ٻين سڀني قومن کان وڌيڪ سربلند ڪندو: 2۽ جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جو آواز ٻڌندين، تہ هي سڀ برڪتون تو تي نازل ٿينديون، ۽ توکي اچي پهچنديون. 3تون شهر ۾ بہ برڪت وارو ٿيندين، ۽ ٻنيءَ ۾ بہ برڪت وارو ٿيندين. 4تنهنجي اولاد ۾، ۽ تنهنجيءَ ٻنيءَ جي پيداوار ۾، تنهنجن ڍورن جي ٻچن ۾، يعني تنهنجن گاين ۽ تنهنجن ڌڻن جي ٻچن ۾ برڪت پوندي. 5تنهنجيءَ ٽوڪريءَ ۾، ۽ تنهنجي اٽي ڳوهڻ جي ٿالهہ ۾ برڪت پوندي. 6تون اندر اچڻ وقت، ۽ ٻاهر وڃڻ وقت برڪت وارو ٿيندين. 7جيڪي تنهنجا دشمن تو تي ڪاهي ايندا، تن کي خداوند تنهنجي اڳيان مارائي ڀڄائيندو: اهي هڪڙي رستي کان توتي ڪاهي ايندا، ۽ ستن رستن کان تنهنجي اڳيان ڀڄي ويندا. 8خداوند جي حڪم سان تنهنجن ڀانڊن ۾، ۽ جن جن ڪمن ۾ تون هٿ وجهندين، تن سڀني ۾ برڪت پوندي، جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ توکي برڪت ڏيندو. 9جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جا حڪم ياد رکندين، ۽ هن جي رستن تي هلندين، تہ خداوند توکي پنهنجي لاءِ هڪڙي پاڪ اُمت ٺهرائي قائم ڪندو، جيئن ڪ هن توسان قسم کنيو آهي؛ 10۽ زمين جون سڀ قومون ڏسنديون تہ تون خداوند جي نالي ٿو سڏجين؛ ۽ اهي توکان ڊڄنديون 11۽ جيڪو ملڪ توکي ڏيڻ لاءِ خداوند تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن ۾ هو تنهنجي اولاد کي، ۽ تنهنجي چوپائي مال کي، ۽ تنهنجيءَ ٻنيءَ جي پيداوار کي گهڻو وڌائي توکي سکي ڪندو. 12خداوند تنهنجي لاءِ پنهنجو اعليٰ خزانو، يعني آسمان کي کولي تنهنجي ملڪ ۾ مندائتو مينهن وسائيندو، ۽ تنهنجي هٿ جي سڀني ڪمن ۾ برڪت وجهندو: تون گهڻين قومن کي قرض ڏيندين، پر تون قرض ڪونہ کڻندين. 13تون پڇ نہ، پر مٿو ٿيندين؛ تون هيٺ نہ، پر مٿي ٿيندين؛ بشرطيڪ تون خداوند پنهنجي خدا جا حڪم، جي آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي فرمايان ٿو، سي ٻڌندين ۽ خبرداري سان انهن تي عمل ڪندين: 14۽ جن ڳالهين جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي حڪم ٿو ڏيان، تن مان ڪنهن کان بہ ساڄي پاسي، يا کٻي پاسي ڦري ٻين معبودن جي پيروي ۽ عبادت نہ ڪندين.
15۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جو آواز نہ ٻڌندين، ۽ جيڪي سندس حڪم ۽ قانون آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي فرمايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل نہ ڪندين؛ تہ هي سڀ لعنتون توتي اينديون، ۽ توکي اچي پهچنديون. 16تون شهر ۾ بہ لعنتي ٿيندين، ۽ ٻنيءَ ۾ بہ لعنتي ٿيندين. 17تنهنجيءَ ٽوڪريءَ تي، ۽ تنهنجي اٽي ڳوهڻ جي ٿالهہ تي لعنت پوندي. 18تنهنجي اولاد تي، ۽ تنهنجيءَ ٻنيءَ جي پيداوار تي، تنهنجين گاين، ۽ ڌڻن جي ٻچن تي لعنت پوندي. 19تون اندر اچڻ وقت ۽ ٻاهر وڃڻ وقت لعنتي ٿيندين. 20جن جن ڪمن جي ڪرڻ ۾ تون هٿ وجهندين، تن سڀني ۾ خداوند توتي لعنت، بي آرامي، ۽ ملامت موڪليندو، جيسين ڪ تون برباد ٿي بلڪل تباهہ نہ ٿي وڃين؛ اهو تنهنجن خراب ڪمن جي سببان ٿيندو، جن جي ڪري تون مون کي ڇڏي ڏيندين. 21۽ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ تون وڃين ٿو، تنهن ۾ جيسين خداوند توکي فنا نہ ڪندو، تيسين هو تو تي وبا موڪليندو رهندو. 22خداوند توکي سلهہ سان، ۽ تپ سان، ۽ سوڄ سان، ۽ سخت گرميءَ سان، ۽ ترار سان، ۽ جهولي سان، ۽ رتيءَ سان ماريندو، ۽ جيسين تون تباهہ نہ ٿي ويندين، تيسين اهي تنهنجي پٺيان پوندا. 23۽ تنهنجي مٿان جو آسمان آهي سو پتل جهڙو ٿيندو، ۽ تنهنجي هيٺان جا زمين آهي سا لوهہ جهڙي ٿيندي. 24خداوند مينهن جي بدران تنهنجيءَ زمين تي ڌوڙ ۽ مٽي وسائيندو: جيسين تون برباد نہ ٿيندين، تيسين اهي آسمان مان توتي پوندا رهندا. 25خداوند توکي تنهنجن دشمنن جي اڳيان مارائي ڀڄائيندو: تون هڪڙي رستي کان انهن تي ڪاهي ويندين، ۽ ستن رستن کان انهن جي اڳيان ڀڄي ويندين: تون دنيا جي سڀني بادشاهتن ۾ رلندو وتندين. 26تنهنجو لاشو آسمان جي پکين، ۽ زمين جي مرن جو کاڄ ٿيندو، ۽ ڪو انهن کي هڪالڻ وارو بہ ڪونہ هوندو. 27خداوند توکي مصر جي ڦرڙيءَ سان، ۽ بواسير سان، ۽ ڏڍ سان، ۽ خارش سان ماريندو، ۽ تون انهن مان ڪڏهن بہ ڇٽي ڪين سگهندين. 28خداوند توکي چريائيءَ سان، ۽ انڌاپي سان، ۽ دل جي پريشانيءَ سان ماريندو: 29تون ڏينهن جو ٻنپهرن جي وقت ائين هٿوراڙيون هڻندين، جيئن انڌو اوندهہ ۾ هٿوراڙيون هڻندو آهي، ۽ تون پنهنجن ڪمن ۾ ڪامياب نہ ٿيندين: تو تي هميشہ ظلم ۽ ڦرمار پيئي ٿيندي، ۽ ڪوبہ توکي بچائڻ وارو ڪونہ ٿيندو. 30تون جنهن زال سان مڱڻي ڪندين، تنهن سان ٻيو ماڻهو سمهندو: تون گهر جوڙيندين، پر انهي ۾ رهندين ڪين: تون ڊاک جو منهہ لڳائيندين، پر انهي جو ميوو تنهنجي ڪم ڪين ايندو. 31تنهنجو ڏاند تنهنجين اکين اڳيان ڪُٺو ويندو، پر تون انهي منجهان ڪجهہ بہ نہ کائيندين: تنهنجو گڏهہ تنهنجي روبرو زبردستيءَ سان کسيو ويندو، ۽ توکي موٽي نہ ملندو: تنهنجون رڍون تنهنجن دشمنن کي ڏنيون وينديون، ۽ ڪوبہ توکي بچائڻ وارو ڪونہ ٿيندو. 32تنهنجا پٽ ۽ تنهنجون ڌيون ٻين ماڻهن کي ڏنيون وينديون، ۽ تنهنجون اکيون پيون نهارينديون، ۽ سارو ڏينهن انهن جو انتظار ڪندي رهجي وينديون: ۽ تنهنجو ڪوبہ وس ڪونہ پڄندو. 33تنهنجيءَ زمين جي پيداوار، ۽ تنهنجي سموري ڪمائي، هڪڙي اهڙي قوم کائي ويندي جنهن کي تون نٿو سڃاڻين؛ تون سدائين مظلوم ۽ دٻايل رهندين: 34ايتري قدر جو تون پنهنجين اکين سان اهي ڳالهيون ڏسي چريو ٿي پوندين: 35خداوند تنهنجن گوڏن ۾، ۽ تنهنجين ٽَنگن ۾ ڦرڙيون ڪڍي توکي اهڙو آزاريندو، جو تون پير جي تريءَ کان وٺي مٿي جي چوٽيءَ تائين ڇٽي نہ سگهندين. 36خداوند توکي ۽ جيڪو بادشاهہ تون پنهنجي مٿان مقرر ڪندين، تنهن کي اهڙيءَ قوم ۾ پهچائيندو، جنهن جي توکي يا تنهنجي ابن ڏاڏن کي ڪابہ خبر ڪانهي؛ اتي تون ٻين معبودن جي عبادت ڪندين، جي ڪاٺ ۽ پهڻ جا هوندا. 37۽ جن جن قومن ۾ خداوند توکي وٺي ويندو، تن سڀني ۾ تون عجب جو، ۽ پهاڪي جو، ۽ چوڻيءَ جو سبب ٿيندين. 38تون گهڻو ٻج ٻنيءَ ۾ کڻي ويندين، پر ٿورو فصل گڏ ڪندين؛ ڇالاءِ جو مڪڙ اهو کائي چٽ ڪري ڇڏيندا. 39تون ڊاک جا منهہ لڳائيندين، پر نڪي ڊاک گڏ ڪندين، نڪي انهيءَ جي رس پيئندين؛ ڇالاءِ جو ڪينئان اها کائي ويندا. 40تنهنجي سڄي ملڪ ۾ زيتون جا وڻ هوندا، پر تون انهن جو تيل ڪين مکيندين؛ ڇالاءِ جو تنهنجن زيتونن جو ڦر ڇڻي پوندو. 41تون پٽ ۽ ڌيون ڄڻيندين، پر اهي تنهنجا ڪين ٿيندا؛ ڇالاءِ جو اهي قيدي ٿي ويندا. 42تنهنجا سڀ وڻ ۽ تنهنجيءَ زمين جي سڀ پيداوار مڪڙ کائي ويندا. 43جيڪو ڌاريو ماڻهو تنهنجي وچ ۾ هوندو سو توکان وڌندو ويندو؛ ۽ تون گهٽبو ويندين. 44هو توکي قرض ڏيندو، پر تون هن کي قرض ڪين ڏيئي سگهندين: هو اڳيان وڌندو ۽ تون پٺتي ٿيندين. 45سو جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جو آواز نہ ٻڌندين ۽ جيڪي حڪم، ۽ قانون هن توکي فرمايا آهن، تن کي خبرداريءَ سان نہ مڃيندين؛ تہ اهي سڀ لعنتون تو تي اينديون، ۽ تنهنجي پٺيان پونديون، ۽ توکي اچي پهچنديون، جيسين ڪ تون برباد ٿي وڃين: 46۽ اهي تولاءِ ۽ تنهنجي اولاد لاءِ هميشہ تائين، هڪڙي نشان ۽ معجزي وانگر ٿينديون: 47ڇالاءِ جو تو سڀني شين جي گهڻائيءَ هوندي بہ، خوشيءَ ۽ خوشدليءَ سان خداوند پنهنجي خدا جي عبادت نہ ڪئي. 48تنهنڪري بک ۾، اُڃ ۾، اوگهڙ ۾، ۽ سڀني شين جي محتاجيءَ ۾ بہ، جيڪو دشمن خداوند توتي موڪليندو، تنهن جي تون خدمت ڪندين: ۽ جيسين هو توکي برباد نہ ڪندو، تيسين تنهنجيءَ ڳچيءَ ۾ لوهہ جي پاڃاري وجهندو. 49خداوند پري کان يعني زمين جي ڇيڙي کان، هڪڙي قوم عقاب وانگر تنهنجي مٿان چاڙهي آڻيندو؛ تون انهيءَ جي ٻولي بہ ڪين سمجهندين؛ 50اهڙي خوفناڪ چهري واري قوم، جا نہ پوڙهي جو لحاظ ڪندي، نڪي جوان سان مروت ڪندي. 51اها تنهنجي چوپائي مال جا ٻچا، ۽ تنهنجي زمين کائي ويندي، جيسين ڪ تون برباد ٿي وڃين: ۽ اها تنهنجي لاءِ اَن، يا شراب، يا تيل، يا گاين، ۽ ڌڻن جا ٻچا بہ ڪين ڇڏيندي، جيسين ڪ توکي نابود نہ ڪري: 52۽ اها تنهنجن سڀني شهرن ۾ توکي گهيريندي، ۽ جيسين تنهنجون اوچيون ۽ مضبوط ڀتيون، جن تي تنهنجو ڀروسو آهي، سي ڀڄي ڪري پون: ۽ اها جيڪو ملڪ خداوند تنهنجي خدا توکي ڏنو آهي، تنهن منجهہ تنهنجن سڀني شهرن ۾ توکي گهيرو ڪندي. 53۽ انهي گهيري ۾ تنهنجا دشمن توکي اهڙو ڦاسائيندا، جو تون خود پنهنجي اولاد جو، يعني جيڪي پٽ ۽ ڌيون خداوند تنهنجي خدا توکي ڏنيون آهن، تن جو ماس کائيندين. 54۽ جيڪو ماڻهو اوهان ۾ نرم دل ۽ نازڪ طبع هوندو، تنهن جي بہ پنهنجي ڀاءُ ڏانهن، ۽ پنهنجيءَ دل گهري زال ڏانهن، ۽ جيڪي ٻار باقي بچيا هوندس، تن ڏانهن خراب نيت ٿيندي: 55ايتري قدر جو هو پنهنجن ٻارن جو ماس، جيڪو پاڻ کائيندو هوندو، تنهن منجهان ذرو بہ انهن مان ڪنهن کي ڪين ڏيندو، ڇالاءِ جو وٽس ڪي بہ باقي نہ بچندو؛ ڇو جو تنهنجن سڀني شهرن ۾ هو توکي گهيرو ڪري ڦاسائيندا. 56۽ جيڪا زال اوهان ۾ نرم دل ۽ نازڪ طبع هوندي، جا پنهنجيءَ نرميءَ ۽ نزاڪت جي ڪري، پنهنجي پير جي تري بہ پٽ تي رکڻ جي همت نہ ڪندي هوندي، تنهن جي بہ پنهنجي دل گهرئي مڙس ڏانهن، ۽ پنهنجي پٽ ڏانهن، ۽ پنهنجي ڌيءَ ڏانهن خراب نيت ٿيندي، 57۽ انهي ننڍڙي ٻار ڏانهن جو هن ڄڻيو هوندو، ۽ سندس سڀني ٻارن ڏانهن سنديس خراب نيت ٿيندي؛ ڇالاءِ جو ڪابہ شيءِ نہ هئڻ ڪري، هوءَ انهن کي لڪ ڇپ ۾ کائي ويندي: ڇو جو تنهنجا دشمن تنهنجن سڀني شهرن ۾ توکي گهيرو ڪري ڦاسائيندا. 58جيڪڏهن تون هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي، جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، خبرداري سان عمل نہ ڪندين، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي جلالي ۽ خوفناڪ نالي کان ڊڄندو نہ رهندين؛ 59تہ پوءِ خداوند تنهنجي اولاد تي عجيب آفتون موڪليندو، يعني وڏيون ۽ گهڻن ڏينهن تائين رهندڙ آفتون، ۽ سخت ۽ ڊگهيون بيماريون موڪليندو. 60۽ هو وري توتي بہ مصر جا خراب مرض موڪليندو، جن کان تون ڊڄندو هئين؛ ۽ اهي توکي چهٽي ويندا. 61۽ اهي بيماريون ۽ آفتون، جيڪي هن شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن، سي بہ خداوند توتي موڪليندو، جيسين ڪ تون برباد ٿي وڃين. 62جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جو آواز نہ ٻڌندين، تہ پوءِ اوهين جي آسمان جي تارن جيترا هئا؛ سي گهڻو گهٽجي ويندا. 63۽ هيئن ٿيندو، تہ جيئن خداوند اوهان مان خوش ٿي اوهان سان ڀلائي ڪندو هو، ۽ اوهان کي وڌائيندو هو؛ تيئن خداوند اوهان کي فنا ۽ برباد ڪرڻ ۾ خوش ٿيندو؛ ۽ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تنهن مان اوهين ڪڍيا ويندا. 64۽ خداوند اوهان کي زمين جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين، سڀني قومن ۾ دربدر ڪندو، اتي تون ٻين معبودن جي عبادت ڪندين، جي ڪاٺ ۽ پهڻ جا هوندا، جن جي توکي يا تنهنجي ابن ڏاڏن کي خبر ڪانهي. 65انهن قومن منجهہ توکي سک ڪونہ ملندو، نڪي تنهنجي پير جي تريءَ کي آرام ايندو: خداوند توکي اتي دل جي ڏڪڻي، ۽ اکين جو ڌنڌ، ۽ جان جو جهورو ڏيندو: 66۽ توکي حياتيءَ جي دهشت رهندي؛ ۽ تون رات ڏينهن ڊپ ۾ گذاريندين، ۽ توکي پنهنجيءَ زندگيءَ جي پڪ ڪانہ ٿيندي: 67تون پنهنجين اکين سان اهي ڳالهيون ڏسي، پنهنجيءَ دل ۾ اهڙو ڊڄي ويندين، جو صبح جو چوندين، تہ خدا ڪري شل سانجهي ٿئي! ۽ سانجهيءَ جو چوندين، تہ خدا ڪري شل صبح ٿئي! 68جنهن رستي بابت مون توکي چيو هو تہ وري نہ ڏسج، انهي رستي کان خداوند توکي ٻيڙين ۾ چاڙهي مصر ۾ آڻيندو: ۽ اتي اوهين پاڻ کي پنهنجن دشمنن وٽ غلام ۽ ٻانهيون ڪري وڪڻندا، پر ڪوبہ اوهان کي خريد نہ ڪندو.
Currently Selected:
شريعت جو دور 28: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.