شريعت جو دور 29
29
1حورب ۾ خداوند جيڪو عهدنامو بني اسرائيل سان ڪيو هو، تنهن کان سواءِ موآب جي ملڪ ۾ انهن سان جيڪو عهد ڪرڻ لاءِ هن موسيٰ کي فرمايو، تنهن جون ڳالهيون هن ريت آهن.
2موسيٰ سڀني اسرائيلين کي سڏي کين چيو، تہ جيڪي خداوند مصر جي ملڪ ۾ اوهانجين اکين اڳيان، فرعون سان، ۽ سندس سڀني نوڪرن سان، ۽ سندس سڄي ملڪ سان ڪيو، سو سڀ اوهان ڏٺو آهي؛ 3يعني اهي وڏيون آزمائشون، ۽ نشان، ۽ وڏا معجزا جي تنهنجين اکين ڏٺا: 4پر خداوند توکي اڄوڪي ڏينهن تائين نہ اهڙي دل ڏني آهي جا سمجهي، نہ اهڙيون اکيون ڏنيون آهن جي ڏسن، ۽ نہ اهڙا ڪن ڏنا آهن جي ٻڌن. 5مون چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ اوهان جي اڳواڻي ڪئي: ۽ نہ اوهان جي بت جا ڪپڙا پراڻا ٿيا، نڪي اوهان جي پير جي جتي پراڻي ٿي. 6اوهان اڃا نڪا ماني کاڌي آهي، نڪي اوهان شراب يا ڪو ٻيو نشو پيتو آهي: انهي لاءِ تہ اوهين ڄاڻو تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. 7جڏهن اوهين هن هنڌ آيا، تڏهن حسبون جو بادشاهہ سيحون، ۽ بسن جو بادشاهہ عوج، اسان جي برخلاف جنگ ڪرڻ آيا، ۽ اسان انهن کي ماريو: 8۽ اسان انهن جو ملڪ ورتو، ۽ اهو بني روبن، ۽ بني جد، ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ورثي طور ڏنوسين. 9تنهنڪري اوهين هن عهد جي ڳالهين تي خبرداري سان عمل ڪريو، تہ اوهين جيڪي ڪريو، تنهن ۾ فتحياب ٿيو.
10اوهين سڀ اڄوڪي ڏينهن خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ بيٺا آهيو؛ اوهان جا رئيس، اوهان جا قبيلا، اوهان جا بزرگ، اوهان جا عملدار، مطلب تہ اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو. 11اوهان جا ننڍڙا ٻار، اوهان جون زالون، ۽ تنهنجيءَ منزلگاهہ ۾ رهندڙ مسافر، تنهنجي ڪاٺير کان وٺي تنهنجي بهشتيءَ تائين: 12انهي لاءِ تہ خداوند تنهنجو خدا اڄوڪي ڏينهن توسان جيڪو عهد ٿو ڪري، ۽ قسم ٿو کڻي، تنهن ۾ تون داخل ٿين: 13تہ هو اڄوڪي ڏينهن توکي پنهنجي خاص اُمت ٺهرائي قائم ڪري، ۽ هو تنهنجو خدا ٿئي، جيئن ڪ هن توکي چيو آهي، ۽ جيئن ڪ هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان، يعني ابرهام سان، اسحاق سان، ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو. 14آءٌ رڳو توسان هي عهد نٿو ڪريان، ۽ هي قسم نٿو کڻان؛ 15پر جيڪو بہ اڄ هتي اسان سان خداوند اسان جي خدا جي حضور ۾ بيٺو آهي، ۽ اڄ هتي اسان سان گڏ ناهي، تنهن کي بہ شامل ٿو ڪريان: 16(ڇالاءِ جو اوهان کي خبر آهي تہ اسين مصر جي ملڪ ۾ ڪيئن ٿي رهياسين؛ ۽ جن قومن جي وچ مان اوهان کي لنگهڻو پيو، تن مان ڪيئن نڪري آياسين؛ 17۽ اوهان انهن جون مڪروهہ شيون ڏٺيون، ۽ انهن وٽ جيڪي ڪاٺ ۽ پهڻ، ۽ چانديءَ ۽ سون جا معبود هئا سي بہ ڏٺا): 18سو ائين نہ ٿئي تہ اوهان ۾ ڪو اهڙو مرد، يا زال، يا خاندان، يا قبيلو هجي، جنهن جي دل اڄوڪي ڏينهن خداوند اسان جي خدا کان ڦري وڃي، ۽ وڃي انهن قومن جي معبودن جي عبادت ڪري؛ متان اوهان منجهہ ڪا اهڙي پاڙ هجي جا پتي ۽ گوماندر جهڙو ڪؤڙو ڦل ڏئي؛ 19۽ هيئن ٿئي، تہ اهڙو ماڻهو لعنت جون هي ڳالهيون ٻڌي، پنهنجيءَ دل ۾ پاڻ کي مبارڪ سمجهي، ۽ چوي، تہ جيتوڻيڪ آءٌ هٺيلو ٿي سُڪن سان گڏ آلن کي بہ برباد ڪندس، تڏهن بہ سلامت رهندس: 20پر خداوند انهي کي معاف نہ ڪندو، ۽ خداوند پنهنجيءَ غيرت جي ڪري انهي ماڻهوءَ تي ڏاڍو ڪاوڙبو، ۽ سڀ لعنتون، جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن سي انهي ماڻهوءَ تي پونديون، ۽ خداوند انهي جو نالو زمين تان مٽائي ڇڏيندو. 21۽ عهد جون سڀ لعنتون جيڪي هن شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، تن موجب سزا ڏيڻ لاءِ خداوند انهي کي اسرائيل جي سڀني قبيلن مان ڪڍي ڌار ڪندو. 22۽ ايندڙ پيڙهين ۾، اوهان کان پوءِ جيڪو اوهان جو اولاد ٿيندو، ۽ ڌاريا ماڻهو جي ڪنهن ڏورانهين ملڪ کان ايندا، سي جڏهن انهي ملڪ جون آفتون ۽ خداوند جون موڪليل بيماريون ڏسندا، 23۽ هي بہ ڏسندا تہ انهي جي ساري زمين کي گندرف، ۽ شورو لڳو پيو آهي، ۽ اهڙي تہ سڙي ويئي آهي، جو منجهس نڪا پوک ٿي ٿئي، نڪا پيداوار ٿي ٿئي، نڪو گاهہ ٿو اُڀري: اهو ملڪ سدوم، ۽ عمورہ، ۽ ادمہ، ۽ ضبوئيم وانگر ويران ٿي ويو آهي، جنهن کي خداوند پنهنجي غصي ۽ ڪاوڙ ۾ نابود ڪري ڇڏيو: 24تڏهن اهي سڀ قومون پڇنديون، تہ خداوند هن ملڪ سان ائين ڇو ڪيو آهي؟ هيڏيءَ وڏيءَ ڪاوڙ جو سبب ڪهڙو آهي؟ 25تنهن تي ماڻهو چوندا، تہ انهي جو سبب هي آهي، تہ جڏهن خداوند هنن جي ابن ڏاڏن جو خدا کين مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو، تڏهن ساڻن جيڪو عهد ڪيو هئائين، سو هنن وساري ڇڏيو؛ 26۽ وڃي ٻين معبودن جي عبادت ڪيائون، ۽ انهن کي سجدو ڪيائون، جن جي کين خبر ڪانہ هئي، ۽ نڪي خداوند کين اهي ڏنا هئا: 27تنهنڪري خداوند هن ملڪ تي ڏاڍو ڪاوڙيو، تہ جيڪي لعنتون هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، سي سڀ انهي تي موڪلي: 28۽ خداوند غصي ۾، ڪاوڙ ۾، ۽ ڏاڍي چڙ ۾ ڀرجي هنن جي ملڪ مان سندن پاڙ پٽي ڪڍي، ۽ کين ٻئي ملڪ ۾ اُڇلايائين، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي. 29غيب جو مالڪ تہ خداوند اسان جو خدا آهي: پر جيڪي ڳالهيون ظاهر ڪيون ويون آهن، سي هميشہ لاءِ اسان جون ۽ اسان جي اولاد جون آهن، انهي لاءِ تہ اسين هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي عمل ڪريون.
Currently Selected:
شريعت جو دور 29: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.