YouVersion Logo
Search Icon

شريعت جو دور 27

27
1پوءِ موسيٰ اسرائيل جي بزرگن سان گڏجي ماڻهن کي حڪم ڏيئي چيو، تہ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو سي سڀيئي مڃيندا رهجو. 2۽ جنهن ڏينهن اوهين يردن لنگهي انهي ملڪ ۾ وڃو جو خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، انهي ڏينهن تون وڏا وڏا پهڻ کڙا ڪج، ۽ انهن کي گچ سان لنبي ڇڏج: 3پار وڃڻ کان پوءِ هن شريعت جون سڀ ڳالهيون انهن تي لکج؛ انهي لاءِ تہ تون انهي ملڪ ۾ وڃي داخل ٿين، جو خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، جيئن ڪ خداوند تنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا توسان واعدو ڪيو آهي. 4سو جڏهن اوهين يردن جي پار وڃو، تڏهن اهي پهڻ، جن جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، سي عيبال جبل تي کوڙجو، ۽ تون انهن کي گچ سان لنبي ڇڏج. 5تون اتي خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ پهڻن جي هڪڙي قربانگاهہ جوڙج: ۽ تون انهن تي لوهہ جو ڪوبہ اوزار ڪم نہ آڻج. 6تون خداوند پنهنجي خدا جي اها قربانگاهہ اڻ گهڙيل پهڻن جي جوڙج: ۽ انهيءَ تي خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ سوختنيون قربانيون چاڙهج: 7۽ اتي ئي تون سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهج، ۽ اهي کائج؛ ۽ تون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشيون ڪج. 8تون انهن پهڻن تي هن شريعت جون سڀ ڳالهيون تمام چٽيءَ طرح لکج.
9پوءِ موسيٰ ۽ لاوي ڪاهن سڀني اسرائيلين سان گفتگو ڪري کين چيو، تہ اي اسرائيل ماٺ ڪري ٻڌ، اڄوڪي ڏينهن تون خداوند پنهنجي خدا جي اُمت ٿيو آهين. 10تون خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪج، ۽ جيڪي سندس حڪم ۽ قانون، آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪج.
11۽ موسيٰ انهي ساڳئي ڏينهن ماڻهن کي تاڪيد ڪري چيو، تہ 12جڏهن اوهين يردن لنگهي پار وڃو، تڏهن شمعون لاوي، يهوداہ، اشڪار، يوسف ۽ بنيمين جا قبيلا گرازيم جبل تي بيهي ماڻهن کي برڪتون ٻڌائين، 13۽ روبن، جد، آشر، زبولون، دان ۽ نفتاليءَ جا قبيلا عيبال جبل تي بيهي ماڻهن کي لعنتون ٻڌائين. 14۽ لاوي ورندي ڏيئي وڏي آواز سان اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي چون تہ
15جيڪو ماڻهو ڪاريگر جي هوشياريءَ سان اُڪريل يا پلٽيل مورت جوڙي، جا خداوند جي نظر ۾ مڪروهہ آهي، ۽ انهيءَ کي ڪنهن لڪل جاءِ تي رکي، سو ملعون آهي، ۽ سڀ ماڻهو ورندي ڏيئي چون، آمين.
16جيڪو ماڻهو ماءُ پيءُ جي بيعزتي ڪري سو ملعون آهي، ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.
17جيڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ جا حد وارا نشان هٽائي، سو ملعون آهي، ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.
18جيڪو ماڻهو انڌي کي گمراهہ ڪري سو ملعون آهي، ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.
19جيڪو ماڻهو پرديسيءَ، يتيم، ۽ بيوہ زال سان ناحق ڪري سو ملعون آهي، ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.
20جيڪو ماڻهو پنهنجي پيءُ جي زال سان سمهي سو ملعون آهي، ڇالاءِ جو هن پنهنجي پيءُ جو ننگ کوليو آهي، ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.
21جيڪو ماڻهو ڪنهن بہ قسم جي جانور سان بدفعلي ڪري سو ملعون آهي. ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.
22جيڪو ماڻهو پنهنجيءَ ڀيڻ، يعني پنهنجي پيءُ جي ڌيءَ، يا پنهنجي ماءُ جي ڌيءَ سان سمهي سو ملعون آهي. ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.
23جيڪو ماڻهو پنهنجي سس سان سمهي سو ملعون آهي. ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.
24جيڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي لڪي ڌڪ هڻي سو ملعون آهي. ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.
25جيڪو ماڻهو بيگناهہ کي قتل ڪرڻ لاءِ رشوت وٺي سو ملعون آهي. ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.
26جيڪو ماڻهو هن شريعت جي ڳالهين تي قائم رهي عمل نہ ڪري، سو ملعون آهي. ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in