1
شريعت جو دور 1:28
Sindhi Bible NT
SB62
۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪڏهن تون ڪوشش سان خداوند پنهنجي خدا جو آواز ٻڌندين، ۽ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي فرمايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندين، تہ خداوند تنهنجو خدا توکي دنيا جي ٻين سڀني قومن کان وڌيڪ سربلند ڪندو
Compare
Explore شريعت جو دور 28:1
2
شريعت جو دور 2:28
۽ جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جو آواز ٻڌندين، تہ هي سڀ برڪتون تو تي نازل ٿينديون، ۽ توکي اچي پهچنديون.
Explore شريعت جو دور 28:2
3
شريعت جو دور 13:28
تون پڇ نہ، پر مٿو ٿيندين؛ تون هيٺ نہ، پر مٿي ٿيندين؛ بشرطيڪ تون خداوند پنهنجي خدا جا حڪم، جي آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي فرمايان ٿو، سي ٻڌندين ۽ خبرداري سان انهن تي عمل ڪندين
Explore شريعت جو دور 28:13
4
شريعت جو دور 12:28
خداوند تنهنجي لاءِ پنهنجو اعليٰ خزانو، يعني آسمان کي کولي تنهنجي ملڪ ۾ مندائتو مينهن وسائيندو، ۽ تنهنجي هٿ جي سڀني ڪمن ۾ برڪت وجهندو: تون گهڻين قومن کي قرض ڏيندين، پر تون قرض ڪونہ کڻندين.
Explore شريعت جو دور 28:12
5
شريعت جو دور 7:28
جيڪي تنهنجا دشمن تو تي ڪاهي ايندا، تن کي خداوند تنهنجي اڳيان مارائي ڀڄائيندو: اهي هڪڙي رستي کان توتي ڪاهي ايندا، ۽ ستن رستن کان تنهنجي اڳيان ڀڄي ويندا.
Explore شريعت جو دور 28:7
6
شريعت جو دور 8:28
خداوند جي حڪم سان تنهنجن ڀانڊن ۾، ۽ جن جن ڪمن ۾ تون هٿ وجهندين، تن سڀني ۾ برڪت پوندي، جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ توکي برڪت ڏيندو.
Explore شريعت جو دور 28:8
7
شريعت جو دور 6:28
تون اندر اچڻ وقت، ۽ ٻاهر وڃڻ وقت برڪت وارو ٿيندين.
Explore شريعت جو دور 28:6
8
شريعت جو دور 3:28
تون شهر ۾ بہ برڪت وارو ٿيندين، ۽ ٻنيءَ ۾ بہ برڪت وارو ٿيندين.
Explore شريعت جو دور 28:3
9
شريعت جو دور 4:28
تنهنجي اولاد ۾، ۽ تنهنجيءَ ٻنيءَ جي پيداوار ۾، تنهنجن ڍورن جي ٻچن ۾، يعني تنهنجن گاين ۽ تنهنجن ڌڻن جي ٻچن ۾ برڪت پوندي.
Explore شريعت جو دور 28:4
10
شريعت جو دور 9:28
جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جا حڪم ياد رکندين، ۽ هن جي رستن تي هلندين، تہ خداوند توکي پنهنجي لاءِ هڪڙي پاڪ اُمت ٺهرائي قائم ڪندو، جيئن ڪ هن توسان قسم کنيو آهي؛
Explore شريعت جو دور 28:9
11
شريعت جو دور 5:28
تنهنجيءَ ٽوڪريءَ ۾، ۽ تنهنجي اٽي ڳوهڻ جي ٿالهہ ۾ برڪت پوندي.
Explore شريعت جو دور 28:5
12
شريعت جو دور 11:28
۽ جيڪو ملڪ توکي ڏيڻ لاءِ خداوند تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن ۾ هو تنهنجي اولاد کي، ۽ تنهنجي چوپائي مال کي، ۽ تنهنجيءَ ٻنيءَ جي پيداوار کي گهڻو وڌائي توکي سکي ڪندو.
Explore شريعت جو دور 28:11
13
شريعت جو دور 10:28
۽ زمين جون سڀ قومون ڏسنديون تہ تون خداوند جي نالي ٿو سڏجين؛ ۽ اهي توکان ڊڄنديون
Explore شريعت جو دور 28:10
14
شريعت جو دور 14:28
۽ جن ڳالهين جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي حڪم ٿو ڏيان، تن مان ڪنهن کان بہ ساڄي پاسي، يا کٻي پاسي ڦري ٻين معبودن جي پيروي ۽ عبادت نہ ڪندين.
Explore شريعت جو دور 28:14
15
شريعت جو دور 15:28
۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جو آواز نہ ٻڌندين، ۽ جيڪي سندس حڪم ۽ قانون آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي فرمايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل نہ ڪندين؛ تہ هي سڀ لعنتون توتي اينديون، ۽ توکي اچي پهچنديون.
Explore شريعت جو دور 28:15