1 - ٿسلونيڪين 4
4
1تڏهن هاڻي، اي ڀائرو، اسين اوهان کي خداوند يسوع ۾ عرض ٿا ڪريون، ۽ نصيحت ٿا ڏيون، تہ جهڙيءَ طرح اوهان کي اسان کان مناسب هلت چلت ڪرڻ، ۽ خدا کي خوش ڪرڻ جي تعليم ملي، جهڙي طرح اوهين هلو بہ پيا، تهڙيءَ طرح شل اوهين ڏينهون ڏينهن وڌندا وڃو. 2ڇالاءِ جو اوهين ڄاڻو ٿا تہ اسان اوهان کي خداوند يسوع جي طرفان ڪهڙا ڪهڙا حڪم پهچايا. 3جو خدا جي مرضي اِها آهي تہ اوهين پاڪ رهو: ۽ زناڪاريءَ کان پاسو ڪريو؛ 4۽ اوهان مان هرڪو معلوم ڪري تہ پنهنجيءَ زال سان ڪهڙيءَ طرح پاڪيزگيءَ ۾ عزت سان گذاري؛ 5نہ شهوت جي جوش ۾، جيئن ڪ غير قوم وارا ڪندا آهن، جي خدا کي نٿا سڃاڻن؛ 6۽ ڪوبہ ماڻهو انهيءَ نسبت ۾ پنهنجي ڀاءُ سان زيادتي نہ ڪري، ۽ نڪي ساڻس ٺڳي ڪري، ڇالاءِ جو خداوند انهن سڀني ڳالهين جو بدلو ڏيندو، جيئن ڪ اسان اڳي بہ اوهان کي چتايو آهي. 7ڇالاءِ جو خدا اسان کي ناپاڪيءَ جي لاءِ نہ، پر پاڪيزگيءَ جي لاءِ سڏيو آهي. 8تنهنڪري جيڪو هيءَ ڳالهہ رد ٿو ڪري، سو ماڻهوءَ کي رد نٿو ڪري پر خدا کي رد ٿو ڪري، جو پنهنجو پاڪ روح اوهان کي ڏئي ٿو.
9پر ڀائرن جي محبت بابت اوهان ڏانهن ڪجهہ لکڻ جي ضرورت ڪانهي، ڇالاءِ جو اوهان کي هڪٻئي کي پيار ڪرڻ جي تعليم خدا کان ملي آهي؛ 10جيئن ڪ سچ پچ مڪدونيہ جي سڀني ڀائرن سان اوهين ڪريو بہ ٿا. پر اي ڀائرو، اسين اوهان کي منٿ ٿا ڪريون تہ اڃا بہ وڌندا وڃو؛ 11۽ جيئن اسان اوهان کي تاڪيد ڪئي، تيئن ڪوشش ڪري صبر سان زندگي گذاريو، ۽ پنهنجو ڪم ڪار ڪريو ۽ پنهنجن هٿن سان پورهيو ڪريو؛ 12تان تہ جيڪي ڪليسيا کان ٻاهر آهن تن کان عزت مليوَ ۽ ڪنهن جا بہ محتاج نہ ٿيو.
13پر اي ڀائرو، اسان جي مرضي ناهي تہ جيڪي گذر ڪري ويا آهن، تن جي نسبت ۾ اوهين غير واقف رهو؛ تہ متان اوهين بہ انهن وانگر غمگين ٿيو، جن کي اُميد ئي ڪانهي. 14ڇالاءِ تہ جيڪڏهن اسان جو اعتقاد آهي تہ يسوع مري ويو ۽ وري جيئرو ٿي اُٿيو، تہ جيڪي يسوع جي ايمان ۾ گذري ويا آهن، تن کي بہ خدا وري ساڻس گڏ وٺي ايندو. 15انهي ڪري اسين خداوند جي ڪلام موجب ٿا چئون، تہ اسين جي جيئرا آهيون ۽ خداوند جي اچڻ تائين ڇڏيا ويا آهيون، سي انهن کان، جي گذر ڪري ويا آهن، ڪنهن بہ طرح اڳتي ڪين ٿي وينداسين. 16ڇالاءِ جو خداوند پاڻ آسمان مان وڏيءَ للڪار سان ۽ وڏي ملائڪ جي آواز سان لهندو ۽ خدا جي تري وڄندي؛ ۽ جيڪي مسيح جي ايمان ۾ گذر ڪري ويا آهن سي پهرين اُٿندا: 17انهن کانپوءِ اسين جي جيئرا آهيون ۽ ڇڏيا ويا آهيون، سي اُنهن سان گڏ مٿي ڪڪرن ۾ کڄي وينداسين، انهي لاءِ تہ هوا ۾ خداوند جو استقبال ڪريون: اهڙيءَ طرح اسين هميشہ خداوند سان گڏ رهنداسين. 18تنهنڪري اوهين انهن ڳالهين سان هڪٻئي کي تسلي ڏيو.
Currently Selected:
1 - ٿسلونيڪين 4: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.