1
1 - ٿسلونيڪين 17:4
Sindhi Bible NT
SB62
انهن کانپوءِ اسين جي جيئرا آهيون ۽ ڇڏيا ويا آهيون، سي اُنهن سان گڏ مٿي ڪڪرن ۾ کڄي وينداسين، انهي لاءِ تہ هوا ۾ خداوند جو استقبال ڪريون: اهڙيءَ طرح اسين هميشہ خداوند سان گڏ رهنداسين.
Compare
Explore 1 - ٿسلونيڪين 4:17
2
1 - ٿسلونيڪين 16:4
ڇالاءِ جو خداوند پاڻ آسمان مان وڏيءَ للڪار سان ۽ وڏي ملائڪ جي آواز سان لهندو ۽ خدا جي تري وڄندي؛ ۽ جيڪي مسيح جي ايمان ۾ گذر ڪري ويا آهن سي پهرين اُٿندا
Explore 1 - ٿسلونيڪين 4:16
3
1 - ٿسلونيڪين 3:4-4
جو خدا جي مرضي اِها آهي تہ اوهين پاڪ رهو: ۽ زناڪاريءَ کان پاسو ڪريو؛ ۽ اوهان مان هرڪو معلوم ڪري تہ پنهنجيءَ زال سان ڪهڙيءَ طرح پاڪيزگيءَ ۾ عزت سان گذاري؛
Explore 1 - ٿسلونيڪين 4:3-4
4
1 - ٿسلونيڪين 14:4
ڇالاءِ تہ جيڪڏهن اسان جو اعتقاد آهي تہ يسوع مري ويو ۽ وري جيئرو ٿي اُٿيو، تہ جيڪي يسوع جي ايمان ۾ گذري ويا آهن، تن کي بہ خدا وري ساڻس گڏ وٺي ايندو.
Explore 1 - ٿسلونيڪين 4:14
5
1 - ٿسلونيڪين 11:4
۽ جيئن اسان اوهان کي تاڪيد ڪئي، تيئن ڪوشش ڪري صبر سان زندگي گذاريو، ۽ پنهنجو ڪم ڪار ڪريو ۽ پنهنجن هٿن سان پورهيو ڪريو؛
Explore 1 - ٿسلونيڪين 4:11
6
1 - ٿسلونيڪين 7:4
ڇالاءِ جو خدا اسان کي ناپاڪيءَ جي لاءِ نہ، پر پاڪيزگيءَ جي لاءِ سڏيو آهي.
Explore 1 - ٿسلونيڪين 4:7