1 - ٿسلونيڪين 5
5
1پر اي ڀائرو، انهي جي ڪا ضرورت ڪانهي تہ وقتن ۽ موسمن جي نسبت ۾ ڪي اوهان ڏانهن لکجي. 2ڇالاءِ جو اوهين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ خداوند جو ڏينهن ائين ايندو جيئن رات جو ڪو چور اچي. 3جڏهن ماڻهو پيا چوندا تہ اطمينان ۽ سلامتي آهي، تڏهن جيئن حاملہ زال کي سور لڳندا آهن، تيئن اوچتو ئي اوچتو موت اچي مٿان ڪڙڪندو؛ ۽ ڪو وسيلو ڪونہ ٿيندو. 4پر اي ڀائرو، اوهين اونداهيءَ ۾ نہ آهيو، جو اهو ڏينهن چور وانگر اوهان تي اچي پوي. 5اوهين سڀ روشنائيءَ جا ٻار ۽ ڏينهن جا فرزند آهيو: اسين رات جا ناهيون، نڪي اونداهيءَ جا آهيون؛ 6تنهنڪري ٻين وانگر اسان کي سمهي رهڻ نہ کپي، پر اچو تہ جاڳون ۽ هوشيار رهون. 7ڇالاءِ جو جيڪي سمهي رهن ٿا، سي رات جو ٿا سمهن؛ ۽ جيڪي نشئي ٿين ٿا سي رات جو نشئي ٿا ٿين. 8پر جڏهن اسين ڏينهن جا آهيون، تڏهن اچو تہ ايمان ۽ محبت جي زرهہ ڍڪي، ۽ نجات جي اُميد جو ٽوپ پائي هوشيار رهون. 9ڇالاءِ جو خدا اسان کي انهي لاءِ ڪونہ مقرر ڪيو آهي تہ پنهنجو غضب اسان تي وجهي، پر انهي لاءِ تہ اسين پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي نجات حاصل ڪريون، 10جنهن اسان لاءِ پنهنجي جان ڏني، انهي لاءِ تہ اسين جاڳون يا سمهون، تہ بہ ساڻس گڏ جيئون. 11تنهنڪري هڪٻئي کي همتايو، ۽ هڪٻئي جي ترقيءَ جا باعث ٿيو، جيئن ڪ اڳيئي پيا ڪريو.
12پر اي ڀائرو، اسين اوهان کي عرض ٿا ڪريون تہ جيڪي اوهان ۾ محنت ڪن ٿا، ۽ خداوند ۾ اوهان جا پيشوا آهن، ۽ اوهان کي نصيحت ٿا ڪن، تن جي عزت ڪريو، 13۽ کين سندن خدمت جي سببان محبت سان گهڻو مانُ ڏيو. پاڻ ۾ صلح سانت سان رهو. 14اي ڀائرو، اسين اوهان کي نصيحت ٿا ڪريون تہ بي قاعدي هلڻ وارن کي سمجهايو، ۽ جيڪي بي همت آهن، تن کي همتايو، هيڻن جي مدد ڪريو، سڀني سان ڏاڍي صبر سان گذاريو. 15خبردار ڪوبہ ڪنهن سان بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪري؛ پر هميشہ هڪ ٻئي سان، ۽ سڀني سان، نيڪي ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو. 16هر وقت خوش رهو؛ 17هميشہ دعا گهُرندا رهو؛ 18سڀ ڪنهن ڳالهہ ۾ شڪرگذاري ڪريو: ڇالاءِ جو مسيح يسوع ۾ اوهان جي بابت خدا جي اها ئي مرضي آهي. 19روح کي نہ دٻايو؛ 20نبوتن جي حقارت نہ ڪريو؛ 21سڀني ڳالهين کي آزمايو؛ جيڪا چڱي هجي، تنهن تي قائم رهو؛ 22هر طرح جي بديءَ کان پاسو ڪريو.
23شل خدا، جو اطمينان بخشيندڙ آهي، اوهان کي پوريءَ طرح پاڪ ڪري؛ ۽ شل اوهان جو روح ۽ جان ۽ بدن، اسان جي خداوند يسوع مسيح جي اچڻ تائين بي عيب ۽ سلامت رهي. 24جنهن اوهان کي سڏيو آهي، سو سچو آهي ۽ اُهو ائين ئي ڪندو.
25اي ڀائرو، اسان جي حق ۾ دعا گهُرو.
26سڀني ڀائرن کي پاڪ چُمي ڏيئي سلام ڏجو. 27خداوند جو قسم ڏيئي چوان ٿو تہ هي خط سڀني ڀائرن کي پڙهي ٻُڌائجو.
28اسان جي خداوند يسوع مسيح جو فضل اوهان تي هجي.
Currently Selected:
1 - ٿسلونيڪين 5: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.