1 - ٿسلونيڪين 3
3
1تنهنڪري جڏهن اسين زيادہ برداشت ڪري نہ سگهياسين، تڏهن اسان بهتر سمجهيو تہ اٿينس ۾ اڪيلا ئي رهجي وڃون؛ 2۽ تيمٿيس، جو اسان جو ڀاءُ، ۽ مسيح جي خوشخبريءَ ۾ خدا جو خادم آهي، تنهن کي موڪليوسين تہ اوهان کي قائم ڪري، ۽ اوهان جي ايمان جي نسبت ۾ اوهان کي تسلي ڏئي؛ 3تان تہ انهن مصيبتن جي ڪري ڪنهن جي بہ دل هارجي نہ وڃي، جو اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ اسين انهيءَ جي لاءِ مقرر ٿيا آهيون. 4بلڪ جڏهن اسين اوهان وٽ هئاسين، تڏهن اسان اوهان کي اڳيئي چيو هو تہ اسان کي مصيبت سَهڻي پوندي؛ جيئن ڪ سچ پچ ٿي چڪو، ۽ اوهان کي خبر بہ آهي. 5انهي ڪري جڏهن آئون زيادہ برداشت نہ ڪري سگهيس، تڏهن اوهان جي ايمان جو حال معلوم ڪرڻ لاءِ تيمٿيس کي موڪليم، تہ متان ڪنهن طرح آزمائڻ واري اوهان کي آزمايو هجي، ۽ اسان جو پورهيو ضايع ٿئي. 6پر جڏهن هاڻي تيمٿيس اوهان وٽان ٿي اسان وٽ آيو، ۽ اوهان جي ايمان ۽ محبت جي چڱي خبر اسان کي ڏنائين، ۽ هيئن بہ چيائين تہ اوهين هميشہ اسان کي ياد پيا ڪريو ۽ اسان جي ڏسڻ جي گهڻي سڪ اٿوَ، جيئن ڪ اسان کي بہ اوهان جي آهي؛ 7تڏهن، اي ڀائرو، اسان کي پنهنجي سڀ تڪليف ۽ مصيبت ۾، اوهان جي ايمان جي سببان، اوهان جي نسبت تسلي ملي. 8ڇالاءِ جو هاڻي جيڪڏهن اوهين خداوند ۾ قائم رهندا، تہ ڄڻ اسين جيئرا رهنداسين. 9ڇوتہ جيڪا خوشي اوهان جي لاءِ پنهنجي خدا جي اڳيان اسان کي حاصل ٿي آهي، انهيءَ جي لاءِ ڪهڙيءَ طرح خدا جي شڪرگذاري ادا ڪري سگهنداسين؛ 10اسين رات ۽ ڏينهن تمام گهڻي دعا ٿا گهُرون تہ شل اوهان جو منهن ڏسون، ۽ اوهان جي ايمان ۾ جيڪا گهٽتائي هجي، سا پوري ڪريون.
11هاڻي شل اسان جو پيءُ، ۽ اسان جو خداوند يسوع، اوهان تائين اسان جي رهبري ڪري: 12۽ خداوند اوهان جي محبت هڪٻئي لاءِ، ۽ سڀني ماڻهن لاءِ وڌائي زيادہ ڪري، جيئن ڪ اسان جي اوهان سان آهي؛ 13انهي لاءِ تہ اُهو اوهان جي دلين کي اهڙو مضبوط ڪري جو جڏهن اسان جو خداوند يسوع پنهنجن سڀني پاڪ ٿيلن سان اچي، تڏهن اسان جي خدا پيءُ جي اڳيان اوهين پاڪيزگيءَ ۾ بي عيب هجو.
Currently Selected:
1 - ٿسلونيڪين 3: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.