YouVersion Logo
Search Icon

رومين 16

16
سڄڻن لاءِ سنيھا
1آءٌ اوھان کي فيبيءَ جي پارت ٿو ڪريان، جيڪا اسان جي ڀيڻ ۽ ڪنخريا شھر جي ڪليسيا جي خدمتگار آھي. 2اوھين کيس خداوند جي نالي قبول ڪريو، جيئن ايمان وارن تي واجب آھي ۽ جنھن ڳالھہ ۾ کيس اوھان جي ضرورت ھجي تنھن ۾ سندس مدد ڪريو، ڇالاءِ⁠جو ھن ڪيترن ئي ماڻھن جي ۽ خود منھنجي بہ مدد ڪئي آھي.
3 # رس ۲‏:۱۸ پرسڪلا ۽ اڪولا کي منھنجا سلام ڏجو، جن مون سان گڏ عيسيٰ مسيح جي خدمت ڪئي آھي، 4۽ جيڪي منھنجي حياتيءَ واسطي پنھنجا سر بہ ڏيڻ لاءِ تيار ھئا، تن جو نہ رڳو آءٌ پر غير قومن جون سڀ ڪليسيائون بہ ٿورائتيون آھن. 5جيڪا ڪليسيا سندن گھر ۾ آھي، تنھن کي بہ سلام ڏجو. منھنجي پياري دوست اپينتس کي سلام چئجو، جيڪو ايشيا جي علائقي ۾ پھريون شخص آھي جنھن مسيح تي ايمان آندو ھو. 6مريم کي منھنجا سلام ڏجو، جنھن اوھان جي لاءِ گھڻي محنت ڪئي آھي. 7منھنجي قوم وارن اندرنيڪس ۽ يونياس کي سلام ڏجو، جيڪي مون سان گڏ جيل ۾ ھئا ۽ جيڪي رسولن ۾ مشھور آھن ۽ مون کان اڳي مسيحي ٿيا ھئا.
8امپلياطس کي منھنجا سلام ڏجو، جيڪو مسيح جي معرفت منھنجو پيارو دوست آھي. 9اُربانس کي منھنجا سلام ڏجو، جيڪو مسيح جي خدمت ۾ مون سان گڏ آھي ۽ منھنجي پياري دوست استاخس کي بہ سلام ڏجو. 10اپليس کي سلام ڏجو، جنھن جي مسيح سان وفاداري ثابت ٿي چڪي آھي. ارستبولس جي گھر جي ڀاتين کي بہ منھنجا سلام ڏجو. 11منھنجي قوم واري ھيروديون کي منھنجا سلام ڏجو ۽ نرڪسس جي گھر وارن مسيحي ڀائرن کي بہ منھنجا سلام ڏجو.
12تروفينا ۽ تروفوسا، جيڪي خداوند جي خدمت ۾ محنت ڪن ٿيون تن کي منھنجا سلام ڏجو. پياري پرسس کي بہ منھنجا سلام ڏجو، جنھن خداوند لاءِ ڏاڍو ڪم ڪيو آھي. 13#مر ۲۱‏:۱۵ روفس، جيڪو خداوند جو چونڊيل خادم آھي تنھن کي سلام ڏجو ۽ سندس ماءُ کي بہ منھنجا سلام ڏجو، جنھن مون کي پنھنجو پٽ ڪري ڀانئيو. 14اسنڪرتس، فلگون، ھرميس، پترباس، ھرماس ۽ ٻين مسيحي ڀائرن ۽ ڀينرن کي بہ منھنجا سلام ڏجو، جيڪي انھن سان گڏ آھن. 15فِللگس، يوليا، نيريوس ۽ سندس ڀيڻ، المپاس ۽ انھن سڀني ايمان وارن کي بہ جيڪي انھن سان گڏ آھن، منھنجا سلام ڏجو.
16ھڪ ٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي سلام چئجو. مسيح جون سڀ ڪليسيائون اوھان کي سلام ڏين ٿيون.
آخري نصيحتون
17ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ جيڪا تعليم اوھان کي ملي آھي تنھن جي خلاف جيڪي ڏڦيڙ وجھن ٿا ۽ ماڻھن کي گمراھہ ڪن ٿا، تن کي نظر ۾ رکجو ۽ کانئن پري رھجو. 18ڇالاءِ⁠جو جيڪي اھڙا ڪم ڪن ٿا سي خداوند جي خدمت نہ ٿا ڪن، پر پنھنجي پيٽ جي پوڄا ٿا ڪن ۽ پنھنجي سڻڀي ۽ مٺيءَ زبان سان اٻوجھن جون دليون ٿا ٺڳين. 19مسيح سان اوھان جي وفاداري سڀني ماڻھن کي معلوم ٿي ويئي آھي، تنھنڪري آءٌ اوھان مان ڏاڍو خوش آھيان. پر منھنجي اھا بہ خواھش آھي تہ اوھين نيڪ ڪمن ۾ سياڻا ۽ خراب ڪمن ۾ اٻوجھہ ٿي رھو، 20تہ پوءِ خدا، جيڪو اطمينان ڏيڻ وارو آھي سو شيطان کي جلد ئي اوھان جي پيرن ھيٺ لتاڙي ڇڏيندو. اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل شل اوھان سڀني تي ھجي.
21 # رس ۱‏:۱۶ مون سان گڏ خدمت ڪندڙ تيمٿيس ۽ منھنجي قوم وارا لوڪيس، ياسون ۽ سوسيپطرس اوھان کي سلام ٿا چون.
22آءٌ ترتيس، جيڪو خط جو لکندڙ آھيان، سو بہ خداوند جي معرفت اوھان کي سلام ٿو ڏيان.
23 # رس ۲۹‏:۱۹، ۱.ڪر ۱۴‏:۱، ۲.تم ۲۰‏:۴ منھنجو ۽ ساريءَ ڪليسيا جو مھماندار گيُس بہ اوھان کي سلام ٿو چوي. شھر جو خزانچي اراستس ۽ اسان جو ڀاءُ ڪوارتس بہ اوھان کي سلام چئي رھيا آھن. 24اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل شل اوھان سڀني تي ھجي. آمين.
آخري دعا
25‏-26جيڪو راز گھڻي وقت کان وٺي ڳجھو رکيو ويو ھو، سو ھاڻي ابدي خدا جي حڪم موجب نبين جي صحيفن جي وسيلي سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آھي، انھيءَ لاءِ تہ ھو ايمان جا تابعدار ٿين. عيسيٰ مسيح جي جنھن خوشخبريءَ بابت آءٌ منادي ٿو ڪريان تنھن ۾ انھيءَ راز جي ظاھر ٿيڻ موجب شل خدا اوھان کي ايمان ۾ مضبوط ڪري. 27انھيءَ واحد ۽ داناءَ خدا جي عيسيٰ مسيح جي وسيلي شل ھميشہ تائين واکاڻ ٿيندي رھي. آمين.

Currently Selected:

رومين 16: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy