جيڪو راز گھڻي وقت کان وٺي ڳجھو رکيو ويو ھو، سو ھاڻي ابدي خدا جي حڪم موجب نبين جي صحيفن جي وسيلي سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آھي، انھيءَ لاءِ تہ ھو ايمان جا تابعدار ٿين. عيسيٰ مسيح جي جنھن خوشخبريءَ بابت آءٌ منادي ٿو ڪريان تنھن ۾ انھيءَ راز جي ظاھر ٿيڻ موجب شل خدا اوھان کي ايمان ۾ مضبوط ڪري. انھيءَ واحد ۽ داناءَ خدا جي عيسيٰ مسيح جي وسيلي شل ھميشہ تائين واکاڻ ٿيندي رھي. آمين.