YouVersion Logo
Search Icon

1.ڪرنٿين ‮تعارف‬

تعارف
ڪرنٿين ڏانھن پولس رسول جو ھي پھريون خط انھيءَ لاءِ لکيو ويو ھو تہ پولس رسول جيڪا ڪليسيا ڪرنٿس شھر ۾ قائم ڪئي ھئي تنھن ۾ مسيح جا ھئڻ ڪري سندن نئين زندگيءَ ۽ ايمان متعلق پيدا ٿي پيل مسئلن کي سلجھايو وڃي. ان وقت ڪرنٿس ھڪ وڏو يوناني شھر ھو ۽ رومي صوبي اخيا جي گاديءَ جو ھنڌ ھو. اھو پنھنجي وڌندڙ واپار، فخر واري ثقافت ۽ مختلف مذھبن جي ڪري مشھور ھو. پر جاءِ بجاءِ ڦھليل بدڪاريءَ جي ڪري اھو بدنام بہ ھو.
پولس رسول کي خاص ڳڻتيون ھنن مسئلن جون آھن، جھڙوڪ: ڪليسيا ۾ ڌڙابندي ۽ منجھس ڪي بدڪاريءَ جا واقعا، شاديءَ متعلق مسئلا، ضمير متعلق ڳالھيون، ڪليسيا جو انتظام، پاڪ روح جي نعمتن ۽ مسيح جي پوئلڳن جي وري جي اٿڻ بابت مسئلا. ھو گھري نظر وجھندي ڏيکاري ٿو تہ نئين زندگيءَ جي خوشخبري ڪيئن انھن مسئلن سان منھن ڏئي ٿي.
تيرھون باب، جيڪو محبت کي خدا جي بھترين نعمتن مان پھرين نعمت طور پيش ڪري ٿو، سو ھن پاڪ خط ۾ تمام گھڻو ڄاتل پيغام آھي.
سِٽاءُ
تعارف ۱‏:۱‎–۹
ڪليسيا ۾ ڌڙابندي ۱۰‏:۱‎–۲۱‏:۴
جنسي اخلاقيات ۽ خانداني زندگي ۱‏:۵‎–۴۰‏:۷
مسيح جا پوئلڳ ۽ بت⁠پرست ۱‏:۸‎–۱‏:۱۱
ڪليسيائي زندگي ۽ عبادت ۲‏:۱۱‎–۴۰‏:۱۴
عيسيٰ مسيح ۽ مٿس ايمان آڻيندڙن جو وري جي اٿڻ ۱‏:۱۵‎–۵۸
يروشلم جي ڪليسيا لاءِ چندو ۱‏:۱۶‎–۴
شخصي معاملا ۽ دعا سلام ۵‏:۱۶‎–۲۴

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy