YouVersion Logo
Search Icon

مرقس 1

1
يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي منادي
(متي ۱‏:۳‎–۱۲، لوقا ۱‏:۳‎–۱۸، يوحنا ۱۹‏:۱‎–۲۸)
1عيسيٰ مسيح ابن خدا جي خوشخبري ھن ريت شروع ٿئي ٿي: 2#ملا ۱‏:۳ يسعياہ نبيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آھي تہ
”خدا چيو تہ ’ڏس،
آءٌ پنھنجو پيغمبر تو کان اڳ ۾ موڪليان ٿو،
تہ ھو تنھنجي لاءِ رستو تيار ڪري.‘“ 3#يس ۳‏:۴۰ انھيءَ ئي شخص جو ذڪر ٿيل آھي تہ
”رڻ⁠پٽ ۾ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ
’خداوند لاءِ رستو تيار ڪريو،
ھن جي لاءِ واٽون سڌيون ڪريو.‘“
4تنھنڪري ئي تہ يحيٰ رڻ⁠پٽ ۾ ظاھر ٿيو ھو. ھو ماڻھن کي بپتسما ڏئي پيو ۽ تبليغ ڪري پيو تہ ”پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪريو ۽ بپتسما وٺو تہ خدا اوھان جا گناھہ بخشي ڇڏي.“ 5يروشلم شھر بلڪ يھوداہ علائقي جا تمام گھڻا ماڻھو نڪري يوحنا وٽ آيا. انھن پنھنجا گناھہ باسيا ۽ يحيٰ کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ڏني.
6 # ۲.با ۸‏:۱ يحيٰ کي اُٺ جي وارن جا ڪپڙا پيل ھوندا ھئا ۽ چيلھہ تي چم جو پٽو ٻڌل ھوندو ھوس. ھو ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي کائيندو ھو. 7يحيٰ ماڻھن ۾ منادي ڪندو ھو تہ ”منھنجي پٺيان ھڪ اھڙو ٿو اچي جو مون کان بہ وڌيڪ قدرت وارو آھي. آءٌ انھيءَ لائق بہ نہ آھيان جو نِوڙي سندس جتيءَ جون ڪھيون کوليان. 8آءٌ اوھان کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيان ٿو پر اھو اوھان کي پاڪ روح سان بپتسما ڏيندو.“
عيسيٰ جو بپتسما وٺڻ ۽ سندس آزمائش
(متي ۱۳‏:۳‎–۱۱‏:۴، لوقا ۲۱‏:۳‎–۲۲، ۱‏:۴‎–۱۳)
9انھن ڏينھن ۾ عيسيٰ گليل جي شھر ناصرت کان يحيٰ وٽ آيو ۽ يحيٰ کيس اردن درياءَ ۾ بپتسما ڏني. 10جيئن ئي عيسيٰ پاڻيءَ مان ٻاھر نڪتو تہ کيس آسمان کليل نظر آيو ۽ پاڪ روح کي ڪبوتر وانگر پاڻ تي لھندو ڏٺائين. 11#پيد ۲‏:۲۲، زب ۷‏:۲، يس ۱‏:۴۲، مت ۱۷‏:۳، ۱۸‏:۱۲، مر ۷‏:۹، لو ۲۲‏:۳ تڏھن آسمان مان ھڪ آواز آيو تہ ”تون منھنجو پيارو فرزند آھين ۽ آءٌ تو مان ڏاڍو خوش آھيان.“
12پوءِ جلد ئي پاڪ روح عيسيٰ کي بيابان ۾ وٺي ويو، 13جتي شيطان کيس چاليھن ڏينھن تائين آزمائيندو رھيو. عيسيٰ جھنگلي جانورن سان گڏ ھو پر ملائڪن سندس سنڀال پئي ڪئي.
چئن مھاڻن کي سڏڻ
(متي ۱۲‏:۴‎–۲۲، لوقا ۱۴‏:۴‎–۱۵، ۱‏:۵‎–۱۱)
14يحيٰ جي گرفتار ٿيڻ کان پوءِ عيسيٰ گليل ۾ آيو ۽ خدا جي خوشخبريءَ جي منادي ڪرڻ لڳو تہ 15#مت ۲‏:۳ ”وقت اچي ڀريو آھي ۽ خدا جي بادشاھت ويجھي آئي آھي، سو توبھہ ڪريو ۽ خدا جي خوشخبريءَ تي ايمان آڻيو.“
16جيئن عيسيٰ گليل ڍنڍ جي ڪناري سان وڃي رھيو ھو تہ کيس ٻہ مھاڻا، شمعون ۽ سندس ڀاءُ اندرياس نظر آيا جن ڍنڍ ۾ ڄار پئي وڌا. 17تنھن تي عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اچو ۽ منھنجي پٺيان ھلو تہ آءٌ اوھان کي ماڻھو ڦاسائڻ سيکاريان.“ 18سو ھو ھڪدم ڄار ڦٽا ڪري سندس پٺيان ھلڻ لڳا.
19ٿورو اڳڀرو ھليو تہ ھن زبديءَ جي پٽن يعقوب ۽ يوحنا کي ٻيڙيءَ ۾ ڄارن جي مرمت ڪندي ڏٺو. 20عيسيٰ انھن کي سڏيو تہ ھنن پنھنجي پيءُ کي ٻيڙيءَ ۾ مزورن سان ڇڏي ڏنو ۽ عيسيٰ جي پٺيان ھلڻ لڳا.
ڀوت ورتل ماڻھو
(لوقا ۳۱‏:۴‎–۳۷)
21پوءِ ھو ڪفرناحوم شھر ۾ آيا ۽ عيسيٰ سبت جي ڏينھن تي عبادت⁠خاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو. 22#مت ۲۸‏:۷‎–۲۹ ماڻھو ھن جي تعليم تي حيران ٿي ويا، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو انھن کي شريعت جي عالمن وانگر نہ پر اختياريءَ سان تعليم ڏئي رھيو ھو.
23ايتري ۾ ڀوت ورتل ھڪڙو ماڻھو عبادت⁠خاني ۾ آيو ۽ رڙ ڪري چيائين تہ 24”اي عيسيٰ ناصري! تنھنجو اسان سان ڪھڙو واسطو آھي؟ تون اسان کي ناس ڪرڻ آيو آھين ڇا؟ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون ڪير آھين، تون خدا جي ھڪ ئي پاڪ ھستي آھين.“ 25پر عيسيٰ ھن کي ڇينڀي چيو تہ ”ماٺ ڪر، ھن مان نڪري وڃ.“ 26ڀوت ماڻھوءَ کي خوب جھنجھوڙيو ۽ وڏي واڪي رڙ ڪري ھن مان نڪري ويو. 27تنھن تي سڀ ماڻھو ايترو تہ حيران ٿي ويا جو ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ھي آھي ڇا؟ ھيءَ تہ نئين تعليم آھي. ھو ڀوتن تي بہ اختياريءَ سان حڪم ھلائي ٿو ۽ اھي کيس مڃين ٿا.“ 28جلد ئي ھن جي ھاڪ سڄي گليل جي علائقي ۾ جتي ڪٿي پئجي ويئي.
گھڻن ماڻھن کي شفا ڏيڻ
(متي ۱۴‏:۸‎–۱۷، لوقا ۳۸‏:۴‎–۴۱)
29ان کان پوءِ ھو عبادت⁠خاني مان نڪري يعقوب ۽ يوحنا سميت شمعون ۽ اندرياس جي گھر آيا. 30شمعون جي سس بخار سبب بستري ۾ پيئي ھئي. سو جيئن عيسيٰ اتي پھتو تہ کيس ان بابت ٻڌايائون. 31عيسيٰ ان وٽ ويو ۽ ھن کي ھٿ کان وٺي اٿاري وھاريو تہ جلد ئي کيس بخار ڇڏي ويو ۽ ھوءَ انھن جي خدمت ڪرڻ لڳي.
32جڏھن سانجھي ٿي ۽ سج لھي ويو تہ ماڻھن عيسيٰ وٽ ڪيترا ئي بيمار ۽ ڀوتن ورتل ماڻھو آندا. 33سڄو شھر دروازي تي اچي مڙيو. 34عيسيٰ ڪيترن ئي مرضن جي بيمارن کي شفا ڏني ۽ ڪيترن مان ڀوت ڪڍيائين. ھن ڀوتن کي ڳالھائڻ جي اجازت ئي نہ ڏني، ڇالاءِ⁠جو اھي عيسيٰ کي سڃاڻن پيا تہ ھو ڪير آھي.
عيسيٰ جو گليل ۾ تبليغ ڪرڻ
(لوقا ۴۲‏:۴‎–۴۴)
35صبح جو سوير بلڪل انڌاري ۾ ئي عيسيٰ اٿي ٻاھر نڪري ويو ۽ ھڪڙي نويڪليءَ جاءِ تي وڃي دعا گھريائين. 36شمعون ۽ سندس ساٿي عيسيٰ کي ڳوليندا رھيا 37۽ جڏھن ھن کي ڏٺائون تہ کيس چيائون تہ ”ھر ڪو اوھان کي ڳولي رھيو آھي.“ 38پر عيسيٰ کين چيو تہ ”ھلو تہ ڪن ٻين ڀر وارن شھرن ۾ ھلون، جيئن اتي بہ آءٌ تبليغ ڪريان، ڇوتہ انھيءَ ئي سبب ڪري آءٌ آيو آھيان.“ 39#مت ۲۳‏:۴، ۳۵‏:۹ پوءِ ھو سڄي گليل جي عبادت⁠خانن ۾ وڃي تبليغ ڪرڻ لڳو ۽ ماڻھن مان ڀوت ڪڍڻ لڳو.
ڪوڙھہ جھڙي مرض واري کي شفا ڏيڻ
(متي ۱‏:۸‎–۴، لوقا ۱۲‏:۵‎–۱۶)
40ڪوڙھہ جھڙي مرض وارو ھڪڙو ماڻھو عيسيٰ وٽ آيو ۽ گوڏن ڀر ويھي کيس نيزاري ڪري چيائين تہ ”جيڪڏھن اوھين چاھيو تہ مون کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪري سگھو ٿا.“ 41عيسيٰ کي ھن تي ڪھل آئي، سو پنھنجو ھٿ ڊگھيري کيس لاتائين ۽ چيائينس تہ ”آءٌ چاھيان ٿو تہ تون پاڪ صاف ٿيءُ.“ 42تڏھن ھڪدم ھن کان ڪوڙھہ جھڙو مرض لھي ويو ۽ ھو ڇٽي پاڪ صاف ٿي پيو. 43عيسيٰ سختيءَ سان تاڪيد ڪري روانو ڪيس تہ 44#لاو ۱‏:۱۴‎–۳۲ ”متان ڪنھن کي ٻڌايو اٿيئي، پر سڌو وڃي ڪاھنن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي شريعت موجب قرباني ڪج تہ جيئن انھن آڏو ثابتي ٿئي تہ تون ڇٽي ويو آھين.“ 45پر ھن وڃي جتي ڪٿي اھا خبر ٻڌائي، سو ڳالھہ ايتري تہ ھُلي ويئي جو عيسيٰ پوءِ ڪنھن بہ شھر ۾ کُليءَ طرح داخل ٿي نہ سگھيو، پر ٻاھر ويران جاين ۾ رھيو جتي ماڻھو سڀني ھنڌن کان پئي آيا.

Currently Selected:

مرقس 1: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy