YouVersion Logo
Search Icon

مرقس 2

2
اڌرنگي ماڻھوءَ کي شفا ڏيڻ
(متي ۱‏:۹‎–۸، لوقا ۱۷‏:۵‎–۲۶)
1ڪن ڏينھن کان پوءِ عيسيٰ ڪفرناحوم ۾ وري موٽي آيو ۽ اھا خبر پکڙجي ويئي تہ ھو گھر ۾ آھي. 2سو ايترا تہ ماڻھو اچي مڙيا جو دروازي تي بہ بيھڻ جي جاءِ ڪانہ ھئي. عيسيٰ انھن کي خدا جو ڪلام پئي ٻڌايو، 3تہ ڪي ماڻھو ھڪ اڌرنگيءَ شخص کي چئن ماڻھن کان کڻائي وٽس آيا. 4جيئن تہ سخت ڀيڙ جي ڪري ھو اندر اچي نہ سگھيا، سو جنھن جاءِ ۾ عيسيٰ ويٺل ھو، تنھن جي ڇت کي ڦاڙ ڪيائون. جڏھن ڦاڙ ويڪرو ٿيو تہ ھنن کٽولو، جنھن تي اڌرنگي پيل ھو سو ھيٺ لاٿو. 5عيسيٰ انھن جو ايڏو ايمان ڏسي انھيءَ اڌرنگي شخص کي چيو تہ ”پٽ، تنھنجا گناھہ بخشجي ويا.“ 6پر اتي ڪي شريعت جا عالم ويٺا ھئا، سي پنھنجين دلين ۾ دليل ڊوڙائڻ لڳا تہ 7”ھي ماڻھو ائين ڇو ٿو چوي؟ ھي تہ ڪفر ٿو بڪي، ڇالاءِ⁠جو خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ گناھہ بخشي نہ ٿو سگھي.“ 8عيسيٰ ھڪدم انھن جي دلين جي دليلن کي ڄاڻي ورتو، سو کين چيائين تہ ”ڇو اوھين پنھنجين دلين ۾ اھڙا دليل ڊوڙايو ٿا؟ 9ڇا اھو سولو آھي تہ ھن اڌرنگي ماڻھوءَ کي چئجي تہ ’تنھنجا گناھہ بخشجي ويا‘ يا اھو جو کيس چئجي تہ ’اُٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر؟‘ 10پر آءٌ اوھان تي ثابت ڪندس تہ ابن⁠آدم کي دنيا ۾ ماڻھن جي گناھہ بخشڻ جي اختياري مليل آھي.“ سو عيسيٰ اڌرنگيءَ شخص کي چيو تہ 11”آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھر ھليو وڃ.“ 12سڀني ماڻھن جي ڏسندي ئي ھو اُٿي بيٺو، پنھنجو کٽولو کنيائين ۽ تڪڙو تڪڙو ھليو ويو. ھو سڀيئي ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائون تہ ”اسان ڪڏھن بہ اھڙي ڳالھہ نہ ڏٺي آھي!“
لاويءَ کي سڏڻ
(متي ۹‏:۹‎–۱۳، لوقا ۲۷‏:۵‎–۳۲)
13عيسيٰ وري ڍنڍ جي ڪناري سان پئي ويو تہ ھن وٽ ھڪ ميڙ اچي گڏ ٿيو ۽ ھن انھن کي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي. 14واٽ ويندي ھن حلفيءَ جي پٽ لاويءَ کي محصولي اڏي تي ويٺل ڏٺو. عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”منھنجي پٺيان اچ.“ تنھن تي لاوي اٿيو ۽ ھن جي پٺيان ھلڻ لڳو.
15تنھن کان پوءِ عيسيٰ لاويءَ جي گھر پنھنجن شاگردن سان گڏ دسترخوان تي ويٺو ھو تہ ساڻس ڪيئي محصول اڳاڙيندڙ ۽ گنھگار بہ گڏ ويٺا ھئا، ڇالاءِ⁠جو اھڙا گھڻا ئي ھئا جيڪي عيسيٰ جي پٺيان ايندا ھئا. 16ڪن شريعت جي عالم فريسين جڏھن ڏٺو تہ عيسيٰ محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ ٿو کائي، تڏھن انھن عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”ھو محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي؟“ 17عيسيٰ ھي ٻڌي ورتو ۽ چيائين تہ ”چڱن ڀلن کي نہ بلڪ بيمارن کي حڪيم جي گھرج ھوندي آھي. آءٌ نيڪن کي نہ پر گنھگارن کي سڏڻ لاءِ آيو آھيان.“
روزن بابت سوال
(متي ۱۴‏:۹‎–۱۷، لوقا ۳۳‏:۵‎–۳۹)
18ھڪڙي دفعي جڏھن يحيٰ جا شاگرد ۽ فريسي روزي سان ھئا تہ ڪي ماڻھو عيسيٰ وٽ آيا ۽ اچي پڇيائونس تہ ”يحيٰ جا شاگرد ۽ فريسي تہ روزا رکن ٿا پر اوھان جا شاگرد ڇو نہ ٿا روزا رکن؟“ 19عيسيٰ انھن کي جواب ڏنو تہ ”ڇا گھوٽ جا ڄاڃي روزا رکي سگھن ٿا جڏھن تہ گھوٽ بہ انھن سان ھجي؟ 20پر ڪو وقت ايندو جڏھن گھوٽ انھن کان جدا ڪيو ويندو تہ پوءِ ان وقت ھو بہ روزا رکندا.
21ڪوبہ ماڻھو پراڻي پھراڻ کي نئين چتي نہ ٿو ھڻي، پر جيڪڏھن ائين ڪندو تہ نئين چتي پراڻي ڪپڙي کي ڦاڙي اڃا بہ وڏو انگھہ ڪري وجھندي. 22ڪوبہ تازي مئي پراڻن ساندارن ۾ نہ ٿو ڀري، جيڪڏھن ائين ڪندو تہ مئي ساندارن کي ڦاڙي وجھندي. سو مئي ۽ ساندارا ٻئي زيان ٿي ويندا. تازي مئي نون ساندارن ۾ ڀربي آھي.“
سبت جي ڏينھن بابت سوال
(متي ۱‏:۱۲‎–۸، لوقا ۱‏:۶‎–۵)
23 # شر ۲۵‏:۲۳ ھڪڙي سبت جي ڏينھن عيسيٰ اَنَ جي ٻنين مان لنگھي رھيو ھو. جيئن تہ شاگرد ساڻس گڏ ھلن پيا سو اھي اَنَ جا سنگ پٽي کائڻ لڳا. 24تنھن تي فريسين عيسيٰ کي چيو تہ ”ڏسو، اوھان جا شاگرد اھو ڪم ڇو ٿا ڪن جيڪو سبت جي ڏينھن تي جائز نہ آھي؟“ 25#۱.سم ۱‏:۲۱‎–۶ عيسيٰ چين تہ ”ڇا اوھان اھو نہ پڙھيو آھي تہ جڏھن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي ھئي ۽ کين کائڻ لاءِ ڪجھہ گھربو ھو، تڏھن دائود ڇا ڪيو ھو؟ 26#لاو ۹‏:۲۴ ھو سردار ڪاھن ابياتر جي ڏينھن ۾ خدا جي گھر ۾ گھڙي ويو. اتي ھن نذر جون مانيون پاڻ بہ کاڌيون ۽ پنھنجن ساٿين کي بہ ڏنيون، جيتوڻيڪ اُھي مانيون ڪاھنن کان سواءِ ٻئي ڪنھن کي بہ کائڻ جائز نہ ھيون.“ 27عيسيٰ انھن کي وڌيڪ چيو تہ ”سبت ماڻھن لاءِ ٺھيو آھي، نہ ماڻھو سبت جي لاءِ. 28ابن⁠آدم تہ سبت جو بہ مالڪ آھي.“

Currently Selected:

مرقس 2: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy