YouVersion Logo
Search Icon

مرقس ‮تعارف‬

تعارف
مرقس عيسيٰ مسيح جي شاگردن مان ھڪ ھو، جنھن جي معرفت مليل خوشخبريءَ جي ھن مقدس ڪتاب ۾ عيسيٰ مسيح کي بااختيار ۽ عملي انسان جي روپ ۾ ڏيکاريو ويو آھي. سندس تعليم، ڀوتن مٿان سندس قدرت ۽ گناھن کي بخشڻ مان سندس اختيار ظاھر ٿئي ٿو. عيسيٰ مسيح پاڻ کي ”ابن⁠آدم“ چوي ٿو، جيڪو انھيءَ لاءِ آيو تہ ماڻھن کي سندن گناھن کان آزادي ڏئي.
مرقس عيسيٰ مسيح جو احوال سڌيءَ طرح ۽ مؤثر نموني ۾ پيش ڪري ٿو. ھو عيسيٰ مسيح جي ڪمن کي بنسبت ھن جي لفظن ۽ تعليم جي نھايت زور ڏيندي بيان ڪري ٿو. ھن ڪتاب جي شروعات ۾ يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي ذڪر ۽ عيسيٰ مسيح جي بپتسما وٺڻ ۽ سندس آزمائش کان ھڪدم پوءِ عيسيٰ مسيح جي شفا ڏيڻ ۽ تعليم ڏيڻ واري خدمت کي کنيو وڃي ٿو. جيئن جيئن وقت گذرندو وڃي ٿو تيئن تيئن عيسيٰ مسيح جا شاگرد کيس بھتر نموني سمجھندا وڃن ٿا، پر عيسيٰ مسيح جا مخالف سندس وڌيڪ مخالف ٿيندا وڃن ٿا. اختتامي باب عيسيٰ مسيح جي زميني زندگيءَ جي آخري ھفتي جي واقعن کي بيان ڪن ٿا، خاص ڪري سندس صليب تي چڙھڻ ۽ سندس وري جي اٿڻ کي.
سِٽاءُ
خوشخبريءَ جي اچڻ جي تياريءَ جو ذڪر ۱‏:۱‎–۱۳
گليل علائقي ۾ عيسيٰ مسيح جي عام خدمت ۱۴‏:۱‎–۵۰‏:۹
گليل کان يروشلم شھر ڏانھن سفر ۱‏:۱۰‎–۵۲
يروشلم ۽ ان جي آس⁠پاس ۾ آخري ھفتو ۱‏:۱۱‎–۴۷‏:۱۵
عيسيٰ مسيح جو وري جيئرو ٿيڻ ۱‏:۱۶‎–۸
جيئري ٿيڻ کان پوءِ عيسيٰ مسيح جو ظاھر ٿيڻ ۽ مٿي چڙھي وڃڻ ۹‏:۱۶‎–۲۰

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy