YouVersion Logo
Search Icon

يعقوب 3

3
زبان تي ضابطو رکڻ
1اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھان مان گھڻا استاد ٿيڻ جي ڪوشش نہ ڪن، ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ اسين جيڪي استاد آھيون تن جي عدالت وڌيڪ سختيءَ سان ٿيندي. 2اسين سڀيئي گھڻين ئي ڳالھين ۾ ٿاٻڙجي خطا ٿا ڪريون. پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڳالھائڻ ۾ ڪڏھن بہ خطا نہ ٿو ڪري تہ اھو ڪامل آھي ۽ پنھنجي سڄي بدن کي ضابطي ۾ رکي ٿو سگھي.
3جڏھن اسين گھوڙن کي تابعدار بنائڻ لاءِ سندن وات ۾ لغام ٿا وجھون، تڏھن انھن جي سڄي بدن کي بہ ڦيري ٿا سگھون. 4سامونڊي جھازن جو ئي کڻي مثال وٺو، جيتوڻيڪ اھي تمام وڏا ٿا ٿين ۽ تيز ھوائن سان ڌڪجي ٿا ھلن، تڏھن بہ تمام ننڍي ونجھہ جي وسيلي، انھن کي ھلائڻ وارو جيڏانھن بہ چاھي ڦيرائي ٿو سگھي. 5ساڳيءَ طرح زبان بہ ھڪڙو ننڍو عضوو آھي، پر وڏيون وڏيون ٻٽاڪون ٿي ھڻي. غور ڪريو تہ ھڪ ننڍڙي چڻنگ جي وسيلي ڪيڏي نہ وڏي ٻيلي کي باھہ ٿي لڳي. 6زبان حقيقت ۾ ھڪ باھہ آھي. اھا اسان جي عضون منجھہ بڇڙائيءَ جو ھڪ جھان آھي. زبان اسان جي سڄي بدن کي خراب ٿي ڪري ۽ اسان جي زندگيءَ جي ساري چرخي کي باھہ ٿي لڳائي، ڇالاءِ⁠جو کيس ئي دوزخ کان باھہ ٿي لڳي.
7اھا حقيقت آھي تہ ھر قسم جا جانور، پکي، جيت ۽ سامونڊي ساھوارا وس ۾ آڻي سگھجن ٿا، بلڪ ماڻھن انھن کي وس ۾ آندو بہ آھي. 8پر زبان کي ڪوبہ ماڻھو وس ۾ آڻي نہ ٿو سگھي. اھا ھڪ اھڙي بلا آھي جا روڪڻ جي ئي ڪونھي. اھا موتمار زھر سان ڀريل آھي.
9 # پيد ۲۶‏:۱ جنھن زبان سان اسين خداوند ۽ پيءُ جي واکاڻ ٿا ڪريون تنھن سان ئي ماڻھن کي پاراتو ٿا ڏيون، جيڪي خدا جي صورت تي پيدا ٿيل آھن. 10سو ساڳئي ئي وات مان دعا بہ ٿي نڪري ۽ پاراتو بہ. اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ائين ٿيڻ نہ گھرجي. 11ڇا چشمي جي ھڪڙي ئي منھن مان مٺو ۽ کارو پاڻي نڪري سگھي ٿو؟ 12اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ڇا انجير جي وڻ مان زيتون، يا انگورن جي ول مان انجير پيدا ٿي سگھن ٿا؟ اھڙيءَ طرح کاري پاڻيءَ جو چشمو مٺو پاڻي نہ ٿو ڏئي سگھي.
آسماني ڏاھپ
13اوھان ۾ ڏاھو ۽ سمجھو ڪير آھي؟ انھيءَ کي گھرجي تہ ھو پنھنجي چڱيءَ ھلت چلت جي وسيلي ڏاھپ واري نماڻائيءَ سان پنھنجو عمل ڏيکاري. 14پر جيڪڏھن اوھين پنھنجين دلين ۾ سخت حسد ۽ نفاق رکو ٿا، تہ فخر نہ ڪريو ۽ نڪي سچ جي خلاف ڪوڙ ڳالھايو. 15اھڙي ڏاھپ آسمان کان نہ ٿي اچي، بلڪ اھا دنياوي، جسماني ۽ شيطاني آھي. 16ڇالاءِ⁠جو جتي حسد ۽ نفاق ھوندو آھي، اتي فساد ۽ ھر طرح جو بڇڙو ڪم بہ ھوندو آھي.
17پر جيڪا ڏاھپ آسمان کان ٿي اچي، سا پھريائين تہ پاڪ آھي، پوءِ صلح پسند، حليم ۽ تابعدار ھئڻ سان گڏ رحم ۽ ھر قسم جي چڱي ڦل سان ڀريل آھي. منجھس نہ طرفداري آھي ۽ نہ دوکو. 18جيڪي صلح ٿا ڪرائين، سي صلح سان گڏ اھڙو ٻج ٿا پوکين، جيڪو سچائيءَ جو ڦل پيدا ٿو ڪري.

Currently Selected:

يعقوب 3: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy