YouVersion Logo
Search Icon

يعقوب 2

2
طرفداري نہ ڪرڻ
1اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي خداوند ذوالجلال عيسيٰ مسيح جا ايمان آڻڻ وارا ٿي ڪري اوھين طرفداري نہ ڪريو. 2فرض ڪريو تہ ڪو ماڻھو سوني منڊي ۽ عمدا ڪپڙا پائي اوھان جي جماعت ۾ اچي ٿو ۽ ٻيو ميرن ۽ ڦاٽل ڪپڙن وارو ھڪڙو غريب ماڻھو بہ اچي ٿو. 3ھاڻي جيڪڏھن اوھين عمدي پوشاڪ واري جو خاص لحاظ ڪري چئو تہ ”تون ھِتي چڱيءَ جاءِ تي اچي ويھہ،“ پر ھن غريب ماڻھوءَ کي چئو تہ ”تون ھُتي بيھہ،“ يا ”ھِتي منھنجي پيرن جي صندليءَ وٽ ويھي رھہ،“ 4تڏھن ڇا اوھان پاڻ ۾ طرفداري نہ ڪئي؟ ۽ ڇا اوھين بري نيت وارا منصف نہ ٿيا؟
5منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ٻڌو، ڇا خدا ھن دنيا جي غريب ماڻھن کي ايمان ۾ دولتمند ٿيڻ ۽ انھيءَ بادشاھت جا وارث ٿيڻ لاءِ نہ چونڊيو آھي، جنھن جو ھن پنھنجي محبت ڪرڻ وارن سان واعدو ڪيو آھي؟ 6پر اوھان غريبن کي بي⁠عزت ڪيو آھي. مگر ڇا دولتمند اوھان تي ظلم نہ ٿا ڪن؟ ڇا اھي اوھان کي ڪورٽ ۾ گھلي وٺي نہ ٿا وڃن؟ 7ڇا ھو اھي ئي نہ آھن، جيڪي انھيءَ عزت واري نالي بابت ڪفر ٿا بڪن، جنھن سان اوھين سڏيا ٿا وڃو.
8 # لاو ۱۸‏:۱۹ تنھن ھوندي بہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آھي تہ
”پنھنجي پاڙيسريءَ سان
پاڻ جھڙو پيار ڪر.“ سو جيڪڏھن اوھين اھا شاھي شريعت پوري ڪريو ٿا، تہ پوءِ چڱو ٿا ڪريو. 9پر جيڪڏھن اوھين طرفداري ٿا ڪريو تہ گناھہ ٿا ڪريو ۽ شريعت اوھان کي ڏوھاري ثابت ڪري ٿي. 10ڇالاءِ⁠جو جيڪو ساري شريعت تي عمل ڪري ٿو، پر رڳو ھڪڙيءَ ڳالھہ ۾ خطا ٿو ڪري تہ اھو ساري شريعت جي ڀڃڪڙي ڪري ڏوھي ٿيو. 11#خر ۱۳‏:۲۰‏،۱۴، شر ۱۷‏:۵‏،۱۸ ھن ڪري جو جنھن چيو آھي تہ ”زنا نہ ڪر،“ تنھن ھيئن بہ چيو آھي تہ ”خون نہ ڪر.“ سو جيڪڏھن تون زنا نہ ڪرين پر خون ڪرين تہ تون شريعت جو ڏوھاري ٿي چڪين.
12اوھان جو ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۽ ھلت چلت انھن ماڻھن وانگر ھجي، جن جو آزادي ڏيندڙ شريعت جي وسيلي انصاف ٿيڻو آھي. 13ڇالاءِ⁠جو جنھن پاڻ رحم نہ ڪيو آھي، تنھن جو انصاف بي⁠رحميءَ سان ٿيندو. پر رحم انصاف تي غالب ٿو پوي.
ايمان ۽ عمل
14اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏھن ڪو ماڻھو چوي ٿو تہ ”مون کي ايمان آھي،“ پر ھن کي عمل نہ ھجي، تہ پوءِ سندس ائين چوڻ مان ڪھڙو فائدو؟ ڇا اھڙو ايمان ھن کي بچائي ٿو سگھي؟ 15فرض ڪريو تہ ڪو ڀاءُ يا ڀيڻ لڱين اگھاڙو آھي ۽ روزاني کاڌي لاءِ محتاج آھي. 16ھاڻي جيڪڏھن اوھان مان ڪو کيس چوي تہ ”سلامتيءَ سان وڃ، گرم ۽ ڍاول رھہ،“ پر کيس اھي شيون نہ ڏئي جيڪي سندس جسم لاءِ ضروري آھن، تہ پوءِ ائين چوڻ مان ڪھڙو فائدو؟ 17ساڳيءَ طرح ايمان جيڪڏھن عمل کان سواءِ آھي تہ اھو پنھنجو پاڻ ئي مئل آھي.
18پر ڪو ماڻھو چئي سگھي ٿو تہ ”تو وٽ ايمان آھي ۽ مون وٽ عمل آھي.“
”چڱو ڀلا، تون عمل کان سواءِ پنھنجو ايمان مون کي ڏيکار ۽ آءٌ پنھنجن عمل سان تو کي پنھنجو ايمان ڏيکاريندس.“ 19تون ايمان ٿو آڻين تہ خدا ھڪڙو آھي، ٺيڪ آھي. اھا ڳالھہ تہ بدروح بہ مڃين ٿا ۽ اھي ڏڪن بہ ٿا.
20پر اي بيوقوف ماڻھو! ڇا تون ايترو نہ ٿو سمجھي سگھين تہ عمل کان سواءِ ايمان بيڪار آھي؟ 21#پيد ۱‏:۲۲‎–۱۴ ڇا اسان جو پيءُ ابراھيم عمل جي ڪري سچار نہ بڻايو ويو، جڏھن ھن پنھنجي پٽ اسحاق کي قربان⁠گاھہ تي نذر ٿي ڪيو؟ 22ھاڻي تون سمجھي ٿو سگھين تہ ابراھيم جي ايمان سندس عمل سان گڏجي ڪم ٿي ڪيو ۽ عمل جي ڪري ئي سندس ايمان ڪامل ٿيو. 23#پيد ۶‏:۱۵، ۲.توا ۷‏:۲۰، يس ۸‏:۴۱ اھڙيءَ طرح پاڪ ڪلام جي اھا ڳالھہ پوري ٿي تہ
”ابراھيم خدا تي ايمان آندو
۽ اھو ايمان ھن لاءِ سچائي ليکيو ويو.“ انھيءَ ڪري ھو خدا جو دوست سڏيو ويو. 24سو اوھين ڏسو ٿا تہ ماڻھو رڳو ايمان جي ڪري نہ، بلڪ عمل جي ڪري سچار ٿو بڻجي.
25 # يش ۱‏:۲‎–۲۱ ساڳي ئي طرح راحب جيڪا ڪسبياڻي ھئي، تنھن بہ جڏھن قاصدن کي پاڻ وٽ ٽڪايو ۽ کين ٻئي رستي کان روانو ڪري ڇڏيو، تڏھن ڇا ھوءَ پنھنجن عملن جي ڪري سچار نہ بڻي؟ 26تنھنڪري جيئن روح کان سواءِ بدن مئل آھي، تيئن عمل کان سواءِ ايمان بہ مئل آھي.

Currently Selected:

يعقوب 2: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy