يعقوب 4
4
دنيا سان دوستي
1اوھان ۾ جنگيون ۽ جھيڙا ڪٿان ٿا اچن؟ ڇا انھن عيش عشرت وارين خواھشن مان نہ ٿا نڪرن، جيڪي اوھان جي عضون ۾ فساد پيدا ٿيون ڪن؟ 2اوھين ڪنھن شيءِ جي خواھش تہ ڪريو ٿا، پر مليوَ ڪجھہ بہ ڪونہ ٿو. اوھين خون ٿا ڪريو، لالچ ٿا ڪريو، پر حاصل ڪجھہ بہ نہ ٿا ڪري سگھو. اوھين جھيڙا ۽ جنگيون ٿا ڪريو، پر اوھان کي ڪجھہ بہ ھٿ نہ ٿو اچي، ڇالاءِجو اوھين خدا کان ڪونہ ٿا گھرو. 3جڏھن اوھين گھرو ٿا تڏھن بہ ڪونہ ٿو مليوَ، ڇوتہ اوھين بري نيت سان ٿا گھرو، انھيءَ لاءِ تہ پنھنجي عيش عشرت ۾ خرچ ڪريو.
4اي بيوفا انسانو! ڇا اوھين نہ ٿا ڄاڻو تہ دنيا جي دوستي خدا سان دشمني آھي؟ تنھنڪري جيڪو ماڻھو دنيا جو دوست ٿيڻ ٿو گھري، سو پاڻ کي خدا جو دشمن ٿو بڻائي. 5ڇا اوھين ائين ٿا سمجھو تہ پاڪ ڪلام جو ائين چوڻ اجايو آھي تہ ”جيڪو پاڪ روح ھن اسان ۾ رھڻ لاءِ وڌو، سو سخت غيرتمند آھي؟“ 6#چوڻ ۳۴:۳ پر خدا اسان کي وڌيڪ فضل ٿو ڏئي. انھيءَ ڪري ئي پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ
”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري،
پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“
7تنھنڪري پاڻ کي خدا جي تابع رکو. شيطان جو مقابلو ڪريو تہ ھو اوھان وٽان ڀڄي ويندو. 8خدا جي ويجھو وڃو تہ ھو اوھان جي ويجھو ايندو. اي گنھگارو! پنھنجا ھٿ ڌوئو. اي ٻہدليؤ! پنھنجين دلين کي پاڪ ڪريو. 9افسوس ڪريو، سوڳ ڪريو ۽ روئو. اوھين پنھنجو کلڻ روئڻ ۾ بدلايو ۽ خوشي اداسيءَ ۾. 10خداوند جي آڏو پاڻ کي نماڻو ڪريو تہ ھو اوھان کي سربلند ڪندو.
عيبجوئي نہ ڪريو
11اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ھڪ ٻئي جي عيبجوئي نہ ڪريو. جيڪو پنھنجي ڀاءُ جي خلاف ٿو ڳالھائي، يا مٿس ڪا تھمت ٿو ھڻي، سو شريعت جي خلاف ٿو ڳالھائي ۽ ان تي تھمت ٿو ھڻي. ھاڻي جڏھن تون شريعت تي تھمت ٿو ھڻين تڏھن تون شريعت تي عمل ڪرڻ وارو نہ، بلڪ انھيءَ مٿان عدالت ڪرڻ وارو بڻجي ويٺو آھين. 12شريعت ڏيڻ وارو ۽ عدالت ڪرڻ وارو تہ رڳو ھڪڙو آھي. اھو ئي بچائي ۽ ماري ٿو سگھي. پر تون آھين ڪير جو پنھنجي پاڙيسريءَ تي تھمت ٿو ھڻين؟
ٻٽاڪ نہ ھڻو
13 # چوڻ ۱:۲۷ ھاڻي اوھين ٻڌو، جيڪي چئو ٿا تہ ”اڄ يا سڀاڻي فلاڻي شھر ۾ وينداسين، ھڪڙو سال اتي وڃي گذارينداسين ۽ ڌنڌو ڌاڙي ڪري پيسا ڪمائينداسين.“ 14پر اوھان کي تہ ايتري بہ خبر ڪانھي تہ سڀاڻي ڇا ٿيندو. اوھان جي زندگي آھي ئي ڇا؟ اوھين تہ ھڪڙي ٻاڦ آھيو، جيڪا ٿوري وقت تائين ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ پوءِ گم ٿيو وڃي. 15انھيءَ جي بدران اوھان کي ھيئن چوڻ گھرجي تہ ”جيڪڏھن خداوند گھريو تہ اسين جيئرا بہ رھنداسين ۽ فلاڻو فلاڻو ڪم بہ ڪنداسين.“ 16پر ھاڻي اوھين پنھنجين ٻٽاڪن تي فخر ٿا ڪريو. اھڙو سمورو فخر برو آھي. 17تنھنڪري جيڪو ماڻھو چڱائي ڪرڻ ڄاڻي ٿو پر ڪري نہ ٿو، انھيءَ جي لاءِ اھو گناھہ آھي.
© 2009 Pakistan Bible Society