YouVersion Logo
Search Icon

1.ڪرنٿين 1

1
1ھيءُ خط مون پولس ۽ اسان جي ڀاءُ سوسٿنيس جي طرفان آھي. مون کي خدا جي مرضيءَ موجب عيسيٰ مسيح جو رسول ڪري چونڊيو ويو. 2#رس ۱‏:۱۸ ھي ڪرنٿس شھر ۾ خدا جي ڪليسيا ڏانھن موڪلجي ٿو، يعني انھن ماڻھن ڏانھن جيڪي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري پاڪ ڪيا ويا آھن ۽ خدا جا ماڻھو ڪري چونڊيا ويا آھن. ھي انھن سڀني جي نالي پڻ لکجي ٿو جيڪي ھر ھنڌ خداوند عيسيٰ مسيح جو نالو وٺن ٿا، جيڪو انھن جو ۽ اسان جو خداوند آھي.
3شل اوھان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.
مسيح جي وسيلي برڪتون
4آءٌ اوھان لاءِ ھميشہ خدا جو شڪر ڪندو رھان ٿو، ڇالاءِ⁠جو ھن عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اوھان تي فضل ڪيو آھي، 5جو اوھين ساڻس گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري ھر طرح جي ڪلام ڪرڻ ۽ علم جي لحاظ کان دولتمند ٿي ويا آھيو. 6تنھنڪري مسيح جي شاھدي اوھان ۾ قائم ٿي آھي، 7ايتري تائين جو جيستائين اوھين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي ظاھر ٿيڻ جا منتظر آھيو، اوھان ۾ ڪنھن بہ روحاني نعمت جي ڪمي ڪانہ ٿيندي. 8خدا اوھان کي پڇاڙيءَ تائين قائم بہ رکندو، انھيءَ لاءِ تہ جيئن اوھين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي ڏينھن بي⁠داغ ٺھرايا وڃو. 9خدا سچو آھي، جنھن پنھنجي فرزند، اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي صحبت لاءِ اوھان کي چونڊيو آھي.
ڀائرن ۾ اڻ⁠بڻت
10اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي منٿ ٿو ڪريان تہ اوھين سڀيئي پاڻ ۾ يڪ راءِ ٿيو، تہ جيئن اوھان ۾ ڪابہ اڻ⁠بڻت پيدا نہ ٿئي. اوھين يڪ دل ۽ يڪ راءِ ٿي پاڻ ۾ مڪمل ٻڌي ڪريو. 11جڏھن تہ ڪلوئيءَ جي گھر وارن مون کي ٻڌايو آھي تہ اوھان ڀائرن ۽ ڀينرن جا ھڪ ٻئي سان ڪافي جھيڙا جھڳڙا آھن. 12#رس ۲۴‏:۱۸ منھنجي چوڻ جو مطلب ھي آھي تہ اوھان مان ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پولس جو آھيان،“ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ اپلوس جو آھيان،“ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پطرس جو آھيان“ ۽ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ مسيح جو آھيان.“ 13مسيح ورھائجي ويو آھي ڇا؟ ڇا پولس کي اوھان جي لاءِ صليب تي چاڙھي ماريو ويو؟ يا اوھان پولس جي نالي تي بپتسما ورتي ھئي ڇا؟
14 # رس ۸‏:۱۸، ۲۹‏:۱۹، رو ۲۳‏:۱۶ آءٌ خدا جو شڪر ٿو ڪريان تہ مون اوھان مان سواءِ ڪرسپس ۽ گيُس جي ٻئي ڪنھن کي بہ بپتسما نہ ڏني آھي. 15سو ڪوبہ چئي نہ ٿو سگھي تہ کيس منھنجي نالي تي بپتسما ڏني ويئي ھئي. 16#۱.ڪر ۱۵‏:۱۶ ھا، مون استفناس ۽ سندس گھراڻي کي بہ بپتسما ڏني آھي. پر انھن کان سواءِ مون کي نہ ٿو سُجھي تہ ڪنھن ٻئي کي بپتسما ڏني ھجي. 17ڇالاءِ⁠جو مسيح مون کي بپتسما ڏيڻ لاءِ نہ پر خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ موڪليو آھي ۽ اھا بہ ڏاھپ جي لفظن سان نہ، متان مسيح جو صليب تي چڙھي جان ڏيڻ بي⁠اثر ٿئي.
مسيح، خدا جي قدرت ۽ ڏاھپ
18سو جيڪي برباد ٿي رھيا آھن، تن لاءِ صليب جو پيغام بي⁠وقوفي آھي. پر اسين جيڪي ڇوٽڪارو حاصل ڪري رھيا آھيون، تن لاءِ اھو خدا جي قدرت آھي. 19#يس ۱۴‏:۲۹ ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ
”آءٌ ڏاھن جي ڏاھپ بيڪار ڪندس
۽ عالمن جو علم رد ڪندس.“
20 # ايو ۱۷‏:۱۲، يس ۱۲‏:۱۹، ۱۸‏:۳۳، ۲۵‏:۴۴ ڪٿي آھن ڏاھا؟ ڪٿي آھن شريعت جا عالم؟ ڪٿي آھن ھن زماني جا بحث ڪندڙ؟ ڇا خدا نہ ڏيکاريو آھي تہ جھان جي ڏاھپ بي⁠وقوفي آھي؟ 21ڇالاءِ⁠جو خدا پنھنجي ڏاھپ سان ماڻھن لاءِ اھو ناممڪن بڻائي ڇڏيو تہ ھو پنھنجي ذاتي ڏاھپ سان کيس سڃاڻين. تنھنڪري خدا جي مرضي ٿي تہ ھو انھن کي بچائي جيڪي اسان جي پيغام تي ايمان آڻين، جيتوڻيڪ اھو پيغام دنيا جي نظر ۾ بي⁠وقوفي آھي. 22يھودي تہ ثابتيءَ لاءِ معجزا گھرندا آھن ۽ يونان وارا ڏاھپ جا ڳولائو ھوندا آھن. 23پر اسين مسيح جو پيغام ٿا ڏيون، جنھن کي صليب تي چاڙھيو ويو، جيڪو يھودين جي نظر ۾ ڪراھت جھڙو ۽ غير قومن جي نظر ۾ بي⁠وقوفي آھي. 24پر جيڪي خدا جا چونڊيل آھن، توڙي جو يھودي ھجن يا يوناني، تن لاءِ مسيح خدا جي قدرت ۽ خدا جي ڏاھپ آھي. 25ڇالاءِ⁠جو جيڪا خدا جي بي⁠وقوفي ڀانئجي ٿي، سا ماڻھن جي ڏاھپ کان وڌيڪ آھي ۽ جيڪا خدا جي ڪمزوري ليکجي ٿي، سا ماڻھن جي طاقت کان وڌيڪ آھي.
26ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ياد ڪريو تہ انھيءَ وقت اوھين ڇا ھئا، جڏھن خدا اوھان کي چونڊيو. ماڻھن جي نظر ۾ تہ اوھان مان ڪي ٿورا ڏاھا، ٿورا طاقتور ۽ ٿورا اميرزادا ھئا. 27پر خدا انھن کي چونڊيو جن کي جھان بي⁠وقوف ٿي سمجھيو، انھيءَ لاءِ تہ ڏاھن کي شرمندو ڪري. خدا انھن کي چونڊيو جن کي جھان ڪمزوري ٿي سمجھيو، انھيءَ لاءِ تہ طاقتورن کي شرمندو ڪري. 28خدا انھن کي چونڊيو جن کي جھان خسيس، حقير بلڪ ڪجھہ بہ نہ ٿي سمجھيو، انھيءَ لاءِ تہ خدا انھن کي ناس ڪري جن کي ماڻھو ڪا شيءِ سمجھن ٿا. 29مطلب تہ ڪوبہ انسان خدا جي آڏو فخر نہ ڪري. 30پر خدا اوھان کي عيسيٰ مسيح سان گڏي ھڪ ڪري ڇڏيو آھي ۽ کيس اسان لاءِ حڪمت يعني سچائي، پاڪائي ۽ ڇوٽڪارو بڻايو اٿائين. 31#ير ۲۴‏:۹ تنھنڪري لکيل آھي تہ
”جيڪو فخر ڪرڻ چاھي ٿو،
سو خداوند تي فخر ڪري.“

Currently Selected:

1.ڪرنٿين 1: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy