3
ايمان وارن لاءِ نئين هلت چلت بابت تاڪيد
1ماڻهن کي ياد ڏياريندو رهہ تہ اهي حڪمرانن ۽ اختياريءَ وارن جا تابعدار رهن، سندن حڪم مڃين ۽ هر چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار رهن. 2اهي ڪنهن جي بہ گلا غيبت نہ ڪن، نہ ئي جھيڙو ڪندڙ ٿين، بلڪ نرم طبيعت اختيار ڪندي سڀني ماڻهن سان پوري نماڻائيءَ سان پيش اچن.
3ڏس، اسين ڪنهن وقت نادان، نافرمان، گمراهہ ۽ طرح طرح جي نفساني خواهشن ۽ عياشين جا غلام هئاسين. اسين بغض ۽ حسد جي حالت ۾ گذاريندا هئاسين، نفرت جي لائق هئاسين ۽ هڪٻئي سان بہ نفرت ڪندا هئاسين. 4پر جڏهن اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا جي مهرباني ۽ انسان لاءِ سندس محبت ظاهر ٿي، 5تڏهن هن اسان کي ڇوٽڪارو ڏنو. اهو سچائيءَ وارن انهن ڪمن ڪرڻ ڪري نہ جيڪي اسان پاڻ ڪيا، پر سندس رحم جي ڪري مليو. هائو، هن اسان کي انهيءَ پاڪ روح جي وسيلي ڇوٽڪارو ڏنو، جنهن اسان کي روحاني طور ڌوئي نئين سر پيدا ڪيو ۽ نئين زندگي عطا ڪئي. 6اهو پاڪ روح اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا جھجھي انداز ۾ اسان تي نازل ڪيو، 7انهيءَ لاءِ تہ اسين سندس فضل جي ڪري ڏانهس سچار بڻجي انهيءَ دائمي زندگيءَ جا وارث ٿيون، جنهن زندگيءَ جي اسين اميد رکون ٿا. 8اها ڳالهہ ڀروسي واري آهي.
سو منهنجي مرضي آهي تہ تون پوري يقين سان انهن ڳالهين جي دعويٰ ڪر، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي خدا تي پورو ڀروسو رکن ٿا، سي ڌيان سان چڱن ڪمن ڪرڻ ۾ رڌل رهن. اهي ڳالهيون چڱيون ۽ ماڻهن لاءِ فائديمند آهن. 9پر بيوقوفيءَ وارن بحثن، ڊگھن نسبنامن، جھيڙن جھڳڙن ۽ شريعت بابت تڪرارن کان پاسو ڪر، ڇاڪاڻ تہ اهي بيفائدہ ۽ اجايا آهن. 10ڪليسيا ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪندڙ ماڻهوءَ کي هڪ ٻہ دفعا نصيحت ڪر. جيڪڏهن پوءِ بہ نہ مڃي تہ ساڻس ڪوبہ تعلق نہ رک. 11تون ڄاڻي ڇڏ تہ اهڙو ماڻهو بگڙيل ۽ ڏوهي آهي ۽ پاڻ کي گنهگار قرار ڏياري ٿو.
ذاتي هدايتون ۽ دعا سلام
12 #
رس 20:4، اف 6:21-22، ڪل 4:7-8، 2.تيم 4:12 جڏهن آءٌ ارتماس يا تخڪُس کي تو وٽ موڪليان، تڏهن تون مون وٽ نيڪپلس شهر ۾ اچڻ جي پوري ڪوشش ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ مون سيارو اتي گذارڻ جو فيصلو ڪيو آهي. 13#رس 18:24، 1.ڪر 16:12 زيناس وڪيل ۽ اپلوس جي دل وَ جان سان مدد ڪري اهڙي بندوبست سان کين روانو ڪجانءِ جيئن هو ڪنهن شيءِ جا محتاج نہ هجن. 14اهو بہ لازمي آهي تہ ڪريتي وارا اسان جا همايمان ڀائر ڀينر چڱن ڪمن ڪرڻ ۾ مشغول رهڻ سکن، انهيءَ لاءِ تہ جيئن هو ضرورتن جو پورائو ڪري سگھن ۽ بيفائدہ زندگي نہ گذارين.
15جيڪي مون سان گڏ آهن، سي سڀ تو کي سلام ٿا ڏين. اسان سان محبت رکندڙ سڀني ايمان وارن کي سلام ڏجانءِ.
شل اوهان سڀني تي فضل ٿيندو رهي.