2
ڪليسيا ۾ صحيح تعليم ڏيڻ بابت هدايتون
1پر تون اهي ڳالهيون بيان ڪندو رهہ، جيڪي صحيح تعليم موجب آهن. 2پوڙهن مردن کي سمجھاءِ تہ اهي مانائتي ڪردار وارا، سمجھُو ۽ پرهيزگار رهن ۽ پوري ايمان، محبت ۽ ثابت قدميءَ سان زندگي گذارين.
3ساڳيءَ طرح پوڙهين عورتن کي سمجھاءِ تہ انهن جي هلت چلت خداپرستيءَ واري هجي ۽ هو گلا ڪندڙ يا نشي جون عادي نہ هجن. اهي چڱيون ڳالهيون سيکارڻ واريون هجن، 4تہ جيئن جوان عورتن کي اها سمجھہ ڏيئي سگھن تہ اهي پنهنجن مڙسن ۽ ٻارن سان پيار ڪن، 5سمجھُو ۽ پاڪدامن هجن، گھر سنڀاليندڙ، مهربان ۽ پنهنجن مڙسن جون تابعدار هجن، تہ جيئن خدا جي پيغام جي بدنامي نہ ٿئي.
6ساڳيءَ طرح جوان مردن کي نصيحت ڪر تہ اهي هر لحاظ کان سمجھدار زندگي گذارين. 7تون پاڻ سڀني ڳالهين ۾ چڱا ڪم ڪري انهن لاءِ نمونو بڻجي ڏيکار. تنهنجي تعليم ڏيڻ مان ايمانداري ۽ سنجيدگي ظاهر ٿئي. 8اهڙي صحيح تعليم ڏي جيڪا ملامت جوڳي نہ هجي، انهيءَ لاءِ تہ مخالف ماڻهو اسان تي تهمت هڻڻ جو ڪوبہ سبب نہ ڏسي شرمندا ٿين.
9غلامن کي نصيحت ڪر تہ هر ڳالهہ ۾ پنهنجن مالڪن جي تابع رهن، انهن کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪن، کين آڏا جواب نہ ڏين 10۽ نہ ئي سندن چوري چڪاري ڪن. اٽلندو اهي هر طرح سان چڱا ۽ ايماندار ٿي پيش اچن، انهيءَ لاءِ تہ اهي اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا جي تعليم کي هر طرح سان سينگاري سگھن.
11اهڙي هلت چلت ضروري آهي، ڇاڪاڻ تہ خدا جو اهو فضل جيڪو سڀني ماڻهن جي ڇوٽڪاري جو سبب آهي، سو ظاهر ٿي چڪو آهي. 12اهو فضل اسان کي هيءَ تربيت ٿو ڏئي تہ دنياوي خواهشن ۽ بيدينيءَ کي ڇڏي اسين هن #2:12 آخري زماني ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”آخري زمانو.“آخري زماني ۾ پرهيزگاريءَ، سچائيءَ ۽ دينداريءَ سان زندگي گذاريون. 13ان سان گڏ اسين انهيءَ برڪت ڀري اميد، يعني عيسيٰ مسيح جيڪو اسان جو عظيم خدا ۽ ڇوٽڪارو ڏيندڙ آهي، تنهن جي شان وَ شوڪت سان ظاهر ٿيڻ جو انتظار ڪريون. 14#زب 130:8، خر 19:5، شر 4:20، 7:6، 14:2، 1.پط 2:9 هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، انهيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي هر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي خاص قوم بڻائي، جيڪا نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ سرگرم هجي.
15سو اهي ڳالهيون آهن جيڪي تو کي سيکارڻيون آهن. پوري اختياريءَ سان ماڻهن کي نصيحت ڪر ۽ کين ڇينڀ. ائين ٿيڻ نہ ڏي جو ڪوبہ ماڻهو تو کي خسيس سمجھي.