YouVersion Logo
Search Icon

فليمون ‮تعارف‬

تعارف
عيسيٰ مسيح تي ايمان رکندڙن مان فليمون نالي هڪ شخص هو جيڪو وڏي حيثيت وارو هو. گھڻو ڪري تہ هو ڪلسي شهر جي ڪليسيا جو رڪن هو ۽ وٽس اُنيسمس نالي هڪ غلام هو، جنهن جي نالي جي معنيٰ آهي ”ڪم وارو.“ اهو غلام پنهنجي مالڪ وٽان ڀڄي ويو هو. انهيءَ جو ڪنهن طرح پولس رسول سان رابطو ٿيو، جيڪو انهيءَ وقت قيد ۾ هو. اُنيسمس پولس رسول جي وسيلي عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو هو.
پولس رسول فليمون ڏانهن هي خط ۽ ڪلسين ڏانهن خط ٻئي گھڻو ڪري گڏ موڪلي رهيو هو (ڏسو ڪلسين 4‏:9). فليمون ڏانهن هن خط لکڻ جو مقصد کيس اهو عرض ڪرڻ آهي تہ هو پنهنجي غلام اُنيسمس تي مهربان ٿئي، جنهن کي پولس رسول ڏانهس واپس موڪلي رهيو هو. پولس رسول هن خط ۾ کيس هدايت ڪري ٿو تہ هو اُنيسمس جو آڌرڀاءُ نہ رڳو هڪ معاف ڪيل غلام وانگر، بلڪ عيسيٰ مسيح تي ايمان رکندڙ هڪ ڀاءُ جي حيثيت ۾ پڻ ڪري (آيت 16).
سِٽاءُ
پيش لفظ 1‏-3
فليمون جو پيار ۽ ايمان 4‏-7
اُنيسمس جي باري ۾ پولس جو عرض 8‏-22
آخر ۾ دعا سلام 23‏-25

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in