12
خدا جي مرضيءَ موجب زندگي گذارڻ
1تنهنڪري اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيئن تہ خدا جي اسان تي وڏي رحمت آهي، سو آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين پنهنجي سڄي بدن کي اهڙي قربانيءَ لاءِ نذر ڪريو، جيڪا زندہ، پاڪ ۽ خدا کي پسند هجي. اها ئي حقيقي عبادت آهي جيڪا اوهان کي احتياط سان ڪرڻ گھرجي. 2پاڻ کي هن #12:2 آخري زماني ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”آخري زمانو.“آخري زماني جو نمونو اختيار ڪرڻ نہ ڏيو، بلڪ خدا جي ڏنل نئين سوچ سمجھہ جي وسيلي پاڻ ۾ خدا کي تبديلي ڪرڻ ڏيو. پوءِ اوهين سمجھي سگھندا تہ خدا جي چڱي، وڻندڙ ۽ ڪامل مرضي ڪهڙي آهي.
3آءٌ انهيءَ فضل جي ڪري جيڪو مون کي عطا ڪيو ويو آهي، اوهان مان هر هڪ کي چوان ٿو تہ پنهنجو پاڻ کي وِت کان وڌيڪ وڏو نہ سمجھو، بلڪ مناسب طور پاڻ کي اوترو سمجھو جيترو خدا اوهان کي ايمان بخشيو آهي. 4#1.ڪر 12:12 جهڙيءَ طرح جسم ۾ گھڻا ئي عضوا آهن ۽ هر هڪ عضوي جو پنهنجو پنهنجو ڪم آهي، 5تهڙيءَ طرح اسين بہ جيتوڻيڪ گھڻا آهيون، تہ بہ مسيح ۾ هڪ جسم ٿيا آهيون ۽ پاڻ ۾ هڪٻئي جا عضوا آهيون. 6#1.ڪر 12:4-11 خدا جيڪو فضل اسان تي ڪيو آهي، تنهن موجب اسان کي جدا جدا نعمتون مليون آهن. تنهنڪري جيڪڏهن ڪنهن کي خدا جو پيغام ٻڌائڻ جي نعمت ملي آهي تہ هو پنهنجي ايمان جي اندازي موجب خدا جو پيغام ٻڌائي. 7جيڪڏهن ڪنهن کي خدمت ڪرڻ جي نعمت ملي آهي تہ هو خدمت ڪندو رهي. جيڪڏهن اها نعمت تعليم ڏيڻ جي هجي تہ هو تعليم ڏيندو رهي. 8جيڪڏهن اها نعمت نصيحت ڪرڻ جي هجي تہ هو نصيحت ڪندو رهي، جيڪڏهن امداد ڏيڻ جي هجي تہ سخاوت سان امداد ڏيندو رهي. جيڪڏهن اها رهنمائي ڪرڻ جي هجي تہ سرگرميءَ سان رهنمائي ڪري يا جيڪڏهن اها نعمت رحم ڪرڻ جي هجي تہ خوشيءَ سان رحم ڪري.
9پيار ۾ رياڪاري نہ هئڻ گھرجي. اوهين بڇڙائيءَ کان نفرت ڪريو ۽ نيڪيءَ سان دل لڳايو. 10هڪٻئي سان ڀائرن ڀينرن جهڙو پيار ڪريو ۽ هڪٻئي کي پاڻ کان وڌيڪ عزت ڏيو. 11محنت ۾ سستي نہ ڪريو ۽ دل وَ جان سان خداوند عيسيٰ جي خدمت ڪندا رهو. 12اميد ۾ خوش رهو، مصيبت ۾ صبر ڪريو ۽ دعا گھرڻ ۾ هميشہ مشغول رهو. 13مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي اوکيءَ ويل مدد ڪريو ۽ مهماننوازيءَ جي پاڻ ۾ عادت وجھو.
14 #
مت 5:44، لو 6:28 جيڪي اوهان کي ستائين ٿا تن کي دعا ڪريو. هائو، کين دعا ڪريو پر پٽ پاراتو نہ ڏيو. 15خوشي ڪرڻ وارن سان گڏجي خوشي ڪريو ۽ جيڪي روئن تن سان گڏجي روئو. 16#چوڻ 3:7 پاڻ ۾ ايڪو ڪريو. اوهين مغرور نہ ٿيو، بلڪ غريبن سان دوستي رکو. پنهنجو پاڻ کي داناءُ نہ سمجھو.
17جيڪو اوهان سان بڇڙائي ڪري تنهن سان بڇڙائي نہ ڪريو. اهڙي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو جنهن کي سڀ چڱو چون. 18جيڪڏهن ٿي سگھي تہ اوهين پنهنجي وس آهر سڀني ماڻهن سان صلح ۾ رهو. 19#شر 32:35 اي منهنجا عزيزؤ! پاڻ ڪڏهن بہ بدلو نہ وٺو، پر اهو خدا جي غضب تي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ خداوند فرمائي ٿو تہ ”بدلو وٺڻ منهنجو ڪم آهي، آءٌ ئي سزا ڏيندس.“ 20#چوڻ 25:21-22 اهو بہ لکيل آهي تہ ”جيڪڏهن تنهنجو دشمن بکايل آهي تہ کيس کاراءِ ۽ اڃايل آهي تہ کيس پيئار، ڇاڪاڻ تہ ائين ڪرڻ سان تون هن کي شرمسار ڪندين.“ 21بڇڙائيءَ کي پاڻ تي حاوي ٿيڻ نہ ڏيو، بلڪ نيڪيءَ جي وسيلي بڇڙائيءَ تي فتح حاصل ڪريو.