13
حڪومت جو تابعدار رهڻ
1هر ڪنهن شخص کي ملڪ جي حڪومت جو تابعدار رهڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اهڙي ڪابہ حڪومت ڪانهي جيڪا خدا جي طرفان نہ هجي. جيڪي بہ حڪومتون آهن سي خدا جي طرفان مقرر ٿيل آهن. 2تنهنڪري جيڪو بہ حڪومت جي مخالفت ڪري ٿو سو خدا جي انتظام جي مخالفت ٿو ڪري ۽ جيڪي مخالفت ڪن ٿا سي گنهگار قرار ڏنو وڃڻ جو پاڻ سبب ٿا بڻجن.
3چڱن ڪمن ڪندڙن کي حاڪمن کان ڊڄڻ نہ گھرجي، بلڪ انهن کي ڊڄڻ گھرجي جيڪي بڇڙا ڪم ٿا ڪن. سو جيڪڏهن اوهين حاڪم کان ڊڄڻ نہ ٿا گھرو، تہ پوءِ چڱا ڪم ڪريو تہ هو اوهان جي نيڪي ڪندو، 4ڇاڪاڻ تہ هو اوهان جي ڀلي لاءِ خدا جو خادم آهي. پر جيڪڏهن اوهين بڇڙا ڪم ڪريو ٿا تہ هن کان ڊڄو، ڇو تہ هو بنا سبب جي تلوار نہ ٿو کڻي. هو خدا جو خادم آهي تہ جيئن سندس غضب موجب بڇڙي کي سزا ڏئي. 5تنهنڪري نہ رڳو سزا ملڻ جي ڊپ کان، بلڪ پنهنجي ضمير جي خاطر پڻ اوهان کي حڪومت جو تابعدار رهڻ گھرجي.
6 #
مت 22:21، مر 12:17، لو 20:25 اهو ئي سبب آهي جو اوهين ٽيڪس بہ ڏيندا آهيو، ڇاڪاڻ تہ حڪومتون جڏهن پنهنجا فرض پورا ٿيون ڪن تہ حقيقت ۾ اهي خدا جي لاءِ ڪم ڪن ٿيون. 7سو سڀني جو حق ادا ڪريو. جنهن کي ڍل ڏيڻي هجي تنهن کي ڍل ڏيو، جنهن کي ٽيڪس ڏيڻو هجي تنهن کي ٽيڪس ڏيو، جنهن کان ڊڄڻ گھرجي تنهن کان ڊڄو ۽ جنهن جو احترام ڪرڻ گھرجي تنهن جو احترام ڪريو.
پيار ۽ اخلاق واري زندگي گذارڻ
8هڪٻئي جي پيار کان سواءِ ٻي ڪنهن بہ شيءِ ۾ ڪنهن جا قرضدار نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ٻين سان پيار ڪري ٿو، تنهن پوري شريعت تي عمل ڪري ڇڏيو. 9#خر 20:13-15،17، شر 5:17–19:21، لاو 19:18 هائو، شريعت جي هنن حڪمن يعني ”زنا نہ ڪر، خون نہ ڪر، چوري نہ ڪر ۽ لالچ نہ ڪر“ سان گڏوگڏ جيڪي بہ حڪم آهن سي سڀ هن هڪڙيءَ ڳالهہ ۾ اچي وڃن ٿا تہ ”تون پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.“ 10جيڪو ڪنهن سان پيار ڪري ٿو سو ان سان بڇڙائي نہ ٿو ڪري. تنهنڪري پيار ڪرڻ ئي پوري شريعت تي عمل ڪرڻ آهي.
11اوهين وقت کي سڃاڻي ائين ڪريو، انهيءَ ڪري جو اها گھڙي اچي پهتي آهي جو اوهين ننڊ مان سجاڳ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ جنهن وقت اسان خداوند عيسيٰ تي ايمان آندو هو تنهن وقت جي نسبت هاڻي اسان جو مڪمل ڇوٽڪارو وڌيڪ ويجھو آهي. 12رات گھڻي گذري چڪي آهي ۽ ڏينهن ٿيڻ وارو آهي. تنهنڪري اچو تہ اونداهيءَ جا ڪم ڇڏي سوجھري جا هٿيار ٻڌون. 13اهڙيءَ طرح فضيلت سان هلون جيئن ڏينهن جو هلبو آهي. سو اوهين نہ نشي ۾ مست ٿي بداخلاقيءَ ۾، نہ زناڪاريءَ ۽ شهوتپرستيءَ ۾ ۽ نہ وري جھيڙي ۽ حسد ۾ هلو. 14اٽلندو خداوند عيسيٰ مسيح کي پوشاڪ وانگر ڍڪي ڇڏيو ۽ جسماني خواهشن جي پورائيءَ لاءِ خيال نہ پچايو.