YouVersion Logo
Search Icon

رومين 11

11
(بني اسرائيل جو چونڊيل هجڻ قائم آهي)
1 # فلپ 3‏:5 تنهنڪري آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا خدا پنهنجيءَ قوم کي رد ڪري ڇڏيو آهي؟ نہ، هرگز نہ. ڏسو، آءٌ پاڻ بہ تہ بني اسرائيل مان آهيان. هائو، آءٌ بہ ابراهيم جي نسل ۽ بنيامين جي قبيلي مان آهيان. 2خدا پنهنجي انهيءَ قوم کي ڪيئن رد ڪندو، جنهن کي شروع کان ئي هن پنهنجو ٿي ڄاتو! ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ پاڪ ڪلام ۾ الياس نبيءَ جي باري ۾ ڇا لکيل آهي؟ الياس بني اسرائيل جي خلاف خدا آڏو فرياد ڪندي چوي ٿو تہ 3#1.با 19‏:10‏،14 ”اي خداوند! هنن تنهنجين قربان‌گاهن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي ۽ تنهنجي نبين کي قتل ڪيو اٿائون. آءٌ اڪيلو ئي باقي وڃي بچيو آهيان ۽ منهنجي پٺيان بہ هٿ ڌوئي ڪڍ پيا آهن.“ 4#1.با 19‏:18 پر خدا کيس ڇا فرمايو؟ هن وراڻيس تہ ”مون ست هزار ماڻهو پنهنجي لاءِ بچائي رکيا آهن، جن #11‏:4 بعل ڪنعاني ديوتا جو نالو.بعل ديوتا آڏو سجدو نہ ڪيو آهي.“ 5ساڳيءَ طرح هن وقت بہ بني اسرائيل مان ڪي ٿورا ماڻهو وڃي بچيا آهن، جن کي خدا پنهنجي فضل سان چونڊيو آهي. 6جيئن تہ اها چونڊ خدا جي فضل موجب آهي، تنهنڪري ان ۾ ماڻهن جي عملن جو ڪو دخل نہ آهي، نہ تہ خدا جو فضل فضل نہ ليکجي ها.
7انهيءَ مان ڪهڙو نتيجو نڪتو؟ اهو تہ بني اسرائيل جنهن سچائيءَ جي ڳولا ڪندا ٿي رهيا، سا پوريءَ قوم کي نہ، بلڪ منجھائن ڪن ٿورن چونڊيلن کي ملي ۽ باقي ٻين جي دلين کي سخت ڪيو ويو، 8#شر 29‏:4، يس 29‏:10 جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ
”خدا اڄ ڏينهن تائين انهن جي دل ۽ دماغ کي
مدهوش رکيو آهي.
سو اهي نہ اکين سان ڏسي ٿا سگھن،
نڪي ڪنن سان ٻڌي ٿا سگھن.“
9 # زب 69‏:22‏-23 اهڙيءَ طرح دائود چوي ٿو تہ
”شل سندن پنهنجو ئي دسترخوان سندن لاءِ ڄار ۽ ڦندو ثابت ٿئي،
۽ اهو ٺوڪر کائڻ ۽ سزا ڀوڳڻ جو سبب بڻجين!
10شل انهن جون اکيون انڌيون ٿين،
تہ جيئن هو ڏسي نہ سگھن،
۽ سندن پٺيون تڪليفن سان هميشہ لاءِ جھڪي پون.“
11پوءِ آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا بني اسرائيل قوم ٿاٻو کائي ائين ڪِري پيئي جو وري ڪڏهن بحال نہ ٿيندي؟ نہ، هرگز نہ. ڏسو، بني اسرائيل جي انهيءَ ڪِري پوڻ جي ڪري غير قوم وارن کي ڇوٽڪارو ملي ويو، تہ جيئن اهو ڏسي بني اسرائيل کي غيرت اچي. 12هاڻ جڏهن بني اسرائيل جو ڪِري پوڻ يعني انهن جو ڇوٽڪاري کي قبول نہ ڪرڻ دنيا جي سڀني غير قوم وارن لاءِ گھڻو فائديمند ثابت ٿيو، تہ پوءِ جڏهن بني اسرائيل ۾ ايمان وارن جو تعداد وڌي ڀرپور ٿيندو، تڏهن سڀني لاءِ خدا جي ڪيڏي نہ وڌيڪ رحمت ٿيندي.
(اصلي ۽ جھنگلي ٽارين جو مثال)
13اي غير قومن وارؤ! آءٌ خاص طور اوهان سان ڳالهائي رهيو آهيان، ڇاڪاڻ تہ آءٌ غير قومن ڏانهن رسول ڪري موڪليو ويو آهيان. مون کي پنهنجي هن ڪم تي فخر بہ آهي، 14انهيءَ لاءِ تہ آءٌ ڪنهن طرح پنهنجي قوم وارن کي غيرت ڏياريان ۽ انهن مان ڪن کي بچائي وٺان. 15جڏهن انهن کي ڪڍي ڇڏڻ ڪري غير قومن سان خدا جي ميل ميلاپ جو موقعو پيدا ٿيو، تہ پوءِ خدا جو انهن کي وري قبول ڪرڻ مئلن مان جيئرو ڪرڻ جي برابر نہ ٿيندو ڇا؟
16ابراهيم خدا جو چونڊيل هو، تنهنڪري سندس نسل بہ چونڊيل آهي. هائو، خدا کي ڏنل نذراني جو پهريون چاڻو پاڪ قرار ڏنو ويو تہ سڄو ڳوهيل اٽو بہ پاڪ ٿي ويو يا وڻ جي پاڙ جڏهن مخصوص ڪئي ويئي تہ ان جون ٽاريون بہ مخصوص ٿي ويون. 17سو هاڻي انهيءَ پوکيل زيتون جون ڪي ٽاريون ڀڳيون ويون آهن ۽ اوهين غير قوم وارا جيڪي هڪ جھنگلي زيتون جي ٽاريءَ مثل آهيو، سي انهن ڀڳل ٽارين جي جاءِ تي پيوند ڪيا ويا آهيو ۽ انهيءَ پوکيل زيتون جي مخصوص پاڙ ۾ شامل ٿي ان جي سڻڀي رس حاصل ڪريو ٿا. 18تہ پوءِ اوهين انهن ڀڳل ٽارين کي خسيس سمجھي پاڻ تي فخر نہ ڪجو. ياد رکو، اوهين رڳو ٽاريون آهيو ۽ پاڙ جي پرورش نہ ٿا ڪريو، بلڪ پاڙ اوهان جي پرورش ڪري ٿي.
19شايد اوهين ائين چوندا تہ ”اهي ٽاريون انهيءَ لاءِ ڀڳيون ويون، تہ جيئن اسين پيوند ڪيا وڃون.“ 20ٺيڪ آهي. پر ياد رکو، اهي ٽاريون انهيءَ لاءِ ڀڳيون ويون جو انهن مسيح تي ايمان نہ آندو ۽ اوهين انهيءَ ڪري جڙيل آهيو جو اوهان مسيح تي ايمان آندو آهي. سو پاڻ تي وڏائي نہ ڪريو، بلڪ خوف رکو. 21هاڻ جڏهن خدا بني اسرائيل وارن، يعني اصلي ٽارين کي بہ وڻ ۾ رهڻ نہ ڏنو، تہ پوءِ اوهين ڪيئن بچي سگھندا؟ 22سو خدا جي مهربانيءَ ۽ سختيءَ کي ڌيان ۾ رکو. هو سختي انهن تي ٿو ڪري جيڪي گمراهہ ٿي ويا آهن، جڏهن تہ اوهان تي مهرباني ٿو ڪري. پر شرط هي آهي تہ اوهين سندس مهربانيءَ جو قدر ڪندا رهو، نہ تہ اوهين بہ ڀڃي اڇلايا ويندا. 23بني اسرائيل وارا بہ جيڪڏهن ايمان نہ آڻڻ واري ڳالهہ تي قائم رهڻ ڇڏي ڏيندا تہ کين بہ پيوند ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي وري پيوند ڪرڻ جي قدرت رکي ٿو. 24اوهين غير قومن وارا جيڪي جھنگلي وڻ جون ڀڳل ٽاريون آهيو، سي پوکيل زيتون سان غير طبعي طور پيوند ڪيا ويا آهيو. جڏهن تہ بني اسرائيل جيڪي پوکيل زيتون جي وڻ جون اصلي ٽاريون آهن، سي ڪيترو نہ آسانيءَ سان پنهنجي زيتون جي وڻ سان پيوند ٿي سگھندا.
(خدا جي رحمت سڀني تي)
25اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪ ڳجھو راز آهي، جيڪو آءٌ سمجھان ٿو تہ اوهان کي ڄاڻڻ گھرجي. شايد اهو اوهان کي انهيءَ ڳالهہ کان روڪي جو اوهين پنهنجو پاڻ کي داناءُ سمجھو. اهو راز هي آهي تہ بني اسرائيل جي ڪن ماڻهن ۾ جيڪا دل جي سختي پيدا ٿي آهي، سا رڳو ايستائين رهندي جيستائين خدا ڏانهن ڦري ايندڙ غير قومن جو تعداد پورو نہ ٿئي. 26#يس 59‏:20 انهيءَ طرح پوري بني اسرائيل قوم ڇوٽڪارو حاصل ڪندي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ
#11‏:26 صيئون يعني يروشلم شهر. ٿي سگھي ٿو تہ هتي انهيءَ مان مراد يروشلم جا رهاڪو آهي.صيئون مان ڇوٽڪارو ڏيندڙ ايندو.
هو يعقوب جي اولاد مان
سندن بي‌دينيءَ کي ڪڍي ڇڏيندو.
27 # ير 31‏:33‏-34 پوءِ جڏهن آءٌ خداوند هنن جا گناهہ ميٽي ڇڏيندس،
تڏهن ساڻن منهنجو اهو عهد پورو ٿيندو.“
28 خوشخبري قبول نہ ڪرڻ جي ڪري بني اسرائيل خدا جا دشمن ٿيا ۽ اهو اوهان غير قوم وارن لاءِ فائدي وارو ٿيو. پر جيئن تہ خدا سندن ابن ڏاڏن کي چونڊيو، تنهنڪري اهي خدا جا پيارا آهن، 29#رو 9‏:4‏-5ڇاڪاڻ تہ خدا پنهنجي ڪيل چونڊ ۽ پنهنجي ڏنل نعمتن کان ڦري نہ ٿو. 30ڏسو، گذريل وقت ۾ اوهين غير قوم وارا بہ خدا جا نافرمان هئا، پر هاڻي خدا بني اسرائيل جي نافرمانيءَ جي ڪري اوهان تي رحم ڪيو آهي. 31اهڙيءَ طرح هاڻي بني اسرائيل نافرمان ٿيا آهن، تہ جيئن اوهان تي جيڪو رحم ٿيو آهي سو انهن تي بہ ٿئي. 32مطلب تہ خدا سڀني انسانن کي نافرمانيءَ واري ڦندي ۾ ڦاسڻ ڏنو آهي، تہ جيئن هو سڀني تي رحم ڪري.
خدا جي واکاڻ
33 # يس 55‏:8 واہ! خدا جو رحم ڪيڏو نہ وڏو آهي! سندس ڏاهپ ۽ ڄاڻ ڪيڏي نہ اونهي آهي! سندس فيصلا سمجھہ کان بلڪل ٻاهر آهن ۽ سندس منصوبن جو پتو ئي پئجي نہ ٿو سگھي! 34#يس 40‏:13 اهو پاڪ ڪلام مطابق آهي تہ
خداوند جي ارادي کي ڪير ٿو ڄاڻي سگھي؟
ڪير سندس صلاحڪار ٿي سگھي ٿو؟
35ڇا ڪنهن کيس اڳ ۾ ڪا شيءِ ڏني آهي،
جو بدلي ۾ هو کيس ڪجھہ ڏئي؟“
36 # 1.ڪر 8‏:6 بيشڪ سڀيئي شيون خدا جون ئي پيدا ڪيل آهن، انهيءَ جي ڪري ئي وجود ۾ آهن ۽ انهيءَ جي لاءِ ئي آهن. شل خدا جي عظمت جي واکاڻ هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.

Currently Selected:

رومين 11: SB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in