10
1اي ڀائرو ۽ ڀينرون! منهنجي دلي تمنا آهي تہ بني اسرائيل کي ڇوٽڪارو ملي ۽ انهيءَ لاءِ آءٌ خدا جي در دعاڳو آهيان. 2هنن بابت آءٌ اها شاهدي ٿو ڏيان تہ خدا جي لاءِ کين جذبو تہ آهي، پر سمجھہ ڪانہ اٿن 3تہ ماڻهو ڪهڙيءَ طرح خدا ڏانهن سچار بڻجي ٿو. سو هو شريعت وسيلي خدا وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. ائين هو خدا ڏانهن سچار بڻجڻ جو صحيح رستو اختيار نہ ٿا ڪن. 4جيئن تہ شريعت جو مقصد مسيح ۾ پورو ٿي ويو، تنهنڪري جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي ٿو سو ئي خدا ڏانهن سچار بڻجي ٿو.
(ڇوٽڪارو سڀني جي لاءِ آهي)
5 #
لاو 18:5
شريعت تي عمل ڪرڻ سان خدا ڏانهن سچار بڻجڻ جي باري ۾ موسيٰ بيشڪ اهو لکيو آهي تہ ”شريعت جي حڪمن تي عمل ڪرڻ سان ماڻهو جيئرو رهندو.“ 6#شر 30:12-14 جڏهن تہ جيڪو ايمان آڻڻ جي وسيلي خدا ڏانهن سچار بڻجي ٿو، تنهن کي اها سچائي چوي ٿي تہ ”تون پنهنجيءَ دل ۾ ائين نہ چئُہ تہ ’ڪير آسمان تي چڙهندو؟‘“ ڇاڪاڻ تہ مسيح اڳي ئي هيٺ لهي آيو آهي. 7يا ”ائين نہ چئُہ تہ ’ڪير پاتال ۾ لهي ويندو؟‘“ ڇاڪاڻ تہ مسيح اڳي ئي مئلن مان جيئرو ٿي چڪو آهي. 8بلڪ اها سچائي هيئن بہ چوي ٿي تہ ”خدا جون ڳالهيون تنهنجي ويجھو آهن، بلڪ تنهنجي زبان تي ۽ تنهنجي دل ۾ آهن.“ خدا جون هي ڳالهيون ايمان آڻڻ جو اهو ئي پيغام آهي، جنهن جي اسين تبليغ ڪريون ٿا. 9سو هاڻي جيڪڏهن اوهين زبان سان اقرار ڪريو تہ ”عيسيٰ ئي خداوند آهي“ ۽ دل سان ايمان آڻيو تہ ”خدا کيس مئلن مان جيئرو ڪيو آهي“ تہ پوءِ اوهان کي ڇوٽڪارو ملندو. 10ڏسو، دل سان ايمان آڻڻ ڪري ئي اسين خدا ڏانهن سچار بڻجون ٿا ۽ زبان سان اقرار ڪرڻ ڪري ئي اسان کي ڇوٽڪارو ملي ٿو. 11#يس 28:16 اهو پيغام سڀني لاءِ آهي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ بہ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ هن تي ايمان آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“ 12مطلب تہ يهودين توڙي غير قوم وارن ۾ ڪوبہ فرق نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي سڀني جو خداوند آهي ۽ جيڪو بہ کيس ٻاڏائي ٿو تنهن کي جھجھي انداز ۾ ڏئي ٿو، 13#يوا 2:32 جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ خداوند جو نالو وٺي ٻاڏائيندو تنهن کي ڇوٽڪارو ملندو.“
14پر جنهن تي هنن ايمان ئي نہ آندو آهي، تنهن کي هو ڪيئن ٻاڏائيندا؟ جنهن جي باري ۾ هنن ٻڌو ئي نہ آهي، تنهن تي ڪيئن ايمان آڻيندا؟ جيڪڏهن ڪو پيغام ٻڌائڻ وارو ئي ڪونہ آهي، تہ پوءِ هو ڪيئن ٻڌي سگھندا؟ 15#يس 52:7 جيستائين ڪن کي موڪليو ئي نہ وڃي، تيستائين اهي پيغام جي تبليغ ڪيئن ڪندا؟ جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”خوشخبري ٻڌائڻ وارن جو اچڻ ڪيڏو نہ وڻندڙ آهي!“ 16#يس 53:1 پر بني اسرائيل مان سمورن اها خوشخبري قبول نہ ڪئي آهي، جيئن يسعياہ پاڻ چيو تہ ”اي خداوند! اسان جي پيغام تي ڪنهن ايمان آندو؟“ 17سو ايمان پيغام ٻڌڻ سان پيدا ٿئي ٿو ۽ اهو پيغام آهي مسيح بابت تبليغ.
18 #
زب 19:4
پر آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا بني اسرائيل وارن پيغام نہ ٻڌو؟ بيشڪ ٻڌو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ
”ٻڌائڻ وارن جو آواز سڄي روءِزمين تي پکڙجي ويو،
هائو، انهن جو پيغام ڌرتيءَ جي ڇيڙن تائين وڃي پهتو.“
19 #
شر 32:21
آءٌ وري پڇان ٿو تہ ڇا بني اسرائيل جي ماڻهن کي اهو پيغام سمجھہ ۾ نہ آيو؟ ضرور آيو، پر مڃيائون ڪين. انهيءَ ڪري موسيٰ جي معرفت خدا اڳي ئي فرمايو آهي تہ
”آءٌ اوهان کي انهن ماڻهن جي وسيلي غيرت ڏياريندس،
جيڪي ڪا قوم ئي نہ آهن.
آءٌ اوهان کي ان قوم جي وسيلي ڪاوڙائيندس،
جيڪا بيسمجھہ آهي.“
20 #
يس 65:1
وري يسعياہ وڏي دليريءَ سان خدا جو هي فرمان ٻڌايو تہ
”جن مون کي نہ ڳوليو،
تن کي آءٌ ملي ويس.
جيڪي مون لاءِ پڇن بہ نہ پيا،
تن کي مون ڏيکاري ڏني.“
21 #
يس 65:2
پر بني اسرائيل بابت خدا فرمائي ٿو تہ ”مون سڄو وقت هڪڙي نافرمان ۽ ضدي قوم جو آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ پنهنجا هٿ ڊگھيري رکيا.“