YouVersion Logo
Search Icon

مڪاشفو 4

4
عرش تي عبادت
1انهن ڳالهين کان پوءِ مون آسمان ڏانهن نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ انهيءَ ۾ هڪڙو کُليل دروازو آهي! ان وقت اهو توتاري جهڙو آواز جيڪو مون اڳ ۾ ٻڌو هو، سو وري ٻڌڻ ۾ آيو ۽ چيائين تہ ”هيڏانهن مٿي اچ تہ آءٌ تو کي اهو ڪجھہ ڏيکاريان، جيڪو هن کان پوءِ ٿيڻ وارو آهي.“ 2#حز 1‏:26‏-28، 10‏:1 تڏهن هڪدم آءٌ پاڪ روح جي ضابطي ۾ اچي ويس ۽ ڇا ڏسان تہ عرش تي هڪڙو تخت رکيل آهي ۽ انهيءَ تخت تي ڪا هستي ويٺي آهي! 3جيڪو انهيءَ تي ويٺو هو، سو زبرجد ۽ عقيق جهڙو چمڪندڙ نظر پئي آيو ۽ تخت جي چوڌاري انڊلٺ هئي جيڪا ڏسڻ ۾ زمرد جهڙي روشن هئي. 4انهيءَ تخت جي چوڌاري چوويهہ تخت ٻيا بہ هئا ۽ انهن تختن تي مون چوويهہ بزرگ ويٺل ڏٺا، جن کي اڇا ڪپڙا پهريل هئا ۽ انهن جي مٿن تي سونا تاج هئا. 5#خر 19‏:16، مڪا 8‏:5، 11‏:19، 16‏:18، حز 1‏:13، مڪا 1‏:4، زڪ 4‏:2 انهيءَ تخت مان کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون پئي نڪتيون. تخت جي اڳيان ست باهہ جا مشعل پئي ٻريا، جيڪي خدا جا #4‏:5 ست روح ”ست روح“ مان مراد خدا جو پاڪ روح آهي، جڏهن تہ ستن جو تعداد ڪامليت ڏانهن اشارو آهي (ڏسو 1‏:4).ست روح آهن. 6#حز 1‏:5‏-10‏،22، 10‏:14 تخت جي اڳيان بلور جهڙو ڄڻ تہ شيشي جو هڪ سمنڊ هو.
تخت جي چوڌاري چئني پاسن تي چار ساهوارا هئا، جن کي اڳيان توڙي پٺيان اکيون ئي اکيون هيون. 7پهريون ساهوارو شينهن جهڙو هو، ٻيو گابي جهڙو هو، ٽئين جو منهن ماڻهوءَ جهڙو هو ۽ چوٿون ساهوارو اڏامندڙ عقاب جهڙو هو. 8#حز 1‏:18، 10‏:12، يس 6‏:2‏-3 انهن چئني ساهوارن مان هر هڪ کي ڇهہ پر هئا ۽ چوڌاري ٻاهرين توڙي اندرين پاسي اکين سان ڀريا پيا هئا. اهي رات ڏينهن سدائين اهو چون پيا تہ
پاڪ، پاڪ، پاڪ،
خداوند قادرِمطلق خدا،
جيڪو هو، جيڪو آهي
۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو.“
9جڏهن اهي ساهوارا انهيءَ جي واکاڻ، عزت ۽ شڪرگذاري ڪن ٿا جيڪو تخت تي ويٺو آهي ۽ هميشہ هميشہ تائين زندہ رهندو، 10تڏهن اهي چوويهہ بزرگ منهن ڀر ڪري انهيءَ کي سجدو ٿا ڪن، جيڪو تخت تي ويٺو آهي ۽ هميشہ هميشہ تائين زندہ رهي ٿو. اهي سجدو ڪندي پنهنجا تاج ان تخت جي اڳيان رکي چون ٿا تہ
11”اي خداوند، اسان جا خدا!
تون تعظيم، عزت ۽ قدرت جي لائق آهين،
ڇاڪاڻ تہ تو ئي سڀ شيون پيدا ڪيون آهن.
هائو، تنهنجي ئي مرضيءَ سان
هر ڪا شيءِ پيدا ٿي ۽ وجود ۾ آئي آهي.“

Currently Selected:

مڪاشفو 4: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in