YouVersion Logo
Search Icon

مڪاشفو 5

5
ويڙهوٽو ۽ گھيٽڙو
1 # حز 2‏:9‏-10، يس 29‏:11 اتي تخت تي ويٺل هستيءَ جي ساڄي هٿ ۾ مون هڪڙو #5‏:1 ويڙهوٽو ان دور ۾ هر ڪا لکت ڪنهن ڪپڙي يا چمڙي تي ڪئي ويندي هئي جيڪا ويڙهي رکبي هئي.ويڙهوٽو ڏٺو، جيڪو اندران ۽ ٻاهران لکيل هو. اهو ستن مُهرن سان بند ٿيل هو. 2مون هڪڙي طاقتور ملائڪ کي ڏٺو، جنهن وڏي واڪي سان هي اعلان ڪندي چيو تہ ”ڪير آهي جيڪو مُهرن کي ٽوڙي هي ويڙهوٽو کولڻ جي لائق هجي؟“ 3پر آسمان جو، يا ڌرتيءَ جو، يا ڌرتيءَ جي هيٺان جو ڪوبہ شخص اهڙو نہ هو جيڪو اهو ويڙهوٽو کولي يا انهيءَ ۾ ڏسي سگھي. 4آءٌ زاروزار روئڻ لڳس جو ڪوبہ اهو ويڙهوٽو کولڻ يا انهيءَ ۾ ڏسڻ جي لائق نہ نڪتو. 5#پيد 49‏:9، يس 11‏:1‏،10 تڏهن بزرگن مان هڪڙي مون کي چيو تہ ”روءُ نہ. ڏس، هو يهوداہ قبيلي جو شينهن جيڪو #5‏:5 دائود جي نسل مان آهي هي اشارو واعدي ڪيل مسيح ڏانهن آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”دائود جو اولاد.“دائود جي نسل مان آهي، سو ئي فتحياب ٿيڻ ڪري انهن ستن مُهرن کي ٽوڙڻ ۽ انهيءَ ويڙهوٽي کي کولڻ جي لائق آهي.“
6 # يس 53‏:7، زڪ 4‏:10 پوءِ مون چئن ساهوارن ۽ انهن بزرگن جي وچ ۾ رکيل انهيءَ تخت وٽ هڪڙو گھيٽڙو بيٺل ڏٺو. ائين ٿي لڳو تہ هن کي ڪُٺو ويو هجي. انهيءَ کي ست سڱ ۽ ست اکيون هيون. اهي اکيون خدا جا #5‏:6 ست روح ”ست روح“ مان مراد خدا جو پاڪ روح آهي، جڏهن تہ ستن جو تعداد ڪامليت ڏانهن اشارو آهي (ڏسو 1‏:4).ست روح آهن جيڪي سڄي ڌرتيءَ تي موڪليا ويا آهن. 7گھيٽڙي اڳتي وڌي تخت تي ويٺل هستيءَ جي ساڄي هٿ مان اهو ويڙهوٽو ورتو. 8#زب 141‏:2 جڏهن هن اهو ويڙهوٽو ورتو تہ اهي چارئي ساهوارا ۽ چوويهہ بزرگ انهيءَ گھيٽڙي جي پيرن تي ڪري پيا. انهن بزرگن مان هر هڪ جي هٿن ۾ هڪڙي ستارَ ۽ لوبان سان ڀريل سونو پيالو هو. اهو لوبان مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جون دعائون هيون. 9#زب 33‏:3، 98‏:1، يس 42‏:10 گھيٽڙي جي پيرن تي ڪرندي ئي اهي هڪڙو نئون گيت ڳائڻ لڳا تہ
”تون ئي اهو ويڙهوٽو وٺڻ
۽ انهيءَ جي مُهرن کي ٽوڙڻ جي لائق آهين،
ڇاڪاڻ تہ تون ڪُٺو ويو هئين،
۽ تو پنهنجي رت سان
سڀ ڪنهن قوم، قبيلي، ٻوليءَ ۽ ذات منجھان ماڻهن کي
خدا جي لاءِ خريد ڪيو آهي.
10 # خر 19‏:6، مڪا 1‏:6 تو انهن کي هڪ اهڙي بادشاهت بڻايو،
جنهن جو هر فرد ڪاهن بڻجي
اسان جي خدا جي خدمت ڪري.
اهي ڌرتيءَ تي بادشاهي ڪندا.“
11 # دان 7‏:10 ڏسندي ڏسندي مون تخت، چئني ساهوارن ۽ بزرگن جي چوڌاري تمام گھڻن ملائڪن جا آواز ٻڌا، جن جو تعداد لکن ۽ ڪروڙن ۾ هو. 12اهي وڏي آواز سان چئي رهيا هئا تہ
گھيٽڙو جيڪو ڪُٺو ويو آهي،
سو ئي قدرت، دولت، حڪمت،
طاقت، عزت، عظمت
۽ واکاڻ جي لائق آهي.“
13پوءِ سموري مخلوق جيڪا آسمان ۾، زمين تي، زمين جي هيٺان ۽ سمنڊ ۾ آهي، تن سڀني کي مون هي چوندي ٻڌو تہ
”جيڪو تخت تي ويٺو آهي،
تنهن جي ۽ گھيٽڙي جي
واکاڻ، عزت، عظمت ۽ قدرت
شل هميشہ هميشہ تائين قائم رهي.“
14اهي چارئي ساهوارا ”آمين، آمين“ چوندا رهيا ۽ اهي بزرگ منهن ڀر ڪري سجدو ڪرڻ لڳا.

Currently Selected:

مڪاشفو 5: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in