1
مڪاشفو 11:4
Sindhi Bible FB
SB
”اي خداوند، اسان جا خدا! تون تعظيم، عزت ۽ قدرت جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تو ئي سڀ شيون پيدا ڪيون آهن. هائو، تنهنجي ئي مرضيءَ سان هر ڪا شيءِ پيدا ٿي ۽ وجود ۾ آئي آهي.“
Compare
Explore مڪاشفو 4:11
2
مڪاشفو 8:4
انهن چئني ساهوارن مان هر هڪ کي ڇهہ پر هئا ۽ چوڌاري ٻاهرين توڙي اندرين پاسي اکين سان ڀريا پيا هئا. اهي رات ڏينهن سدائين اهو چون پيا تہ ”پاڪ، پاڪ، پاڪ، خداوند قادرِمطلق خدا، جيڪو هو، جيڪو آهي ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو.“
Explore مڪاشفو 4:8
3
مڪاشفو 1:4
انهن ڳالهين کان پوءِ مون آسمان ڏانهن نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ انهيءَ ۾ هڪڙو کُليل دروازو آهي! ان وقت اهو توتاري جهڙو آواز جيڪو مون اڳ ۾ ٻڌو هو، سو وري ٻڌڻ ۾ آيو ۽ چيائين تہ ”هيڏانهن مٿي اچ تہ آءٌ تو کي اهو ڪجھہ ڏيکاريان، جيڪو هن کان پوءِ ٿيڻ وارو آهي.“
Explore مڪاشفو 4:1