17
هڪ مشهور ڪسبياڻي
1 #
ير 51:13
پوءِ انهن ستن ملائڪن مان جن وٽ ست پيالا هئا، هڪڙي اچي مون کي چيو تہ ”هيڏانهن اچ تہ تو کي ڏيکاريان تہ انهيءَ مشهور ڪسبياڻيءَ کي ڪهڙي سزا ڏني ويندي، يعني انهيءَ وڏي شهر کي جيڪو گھڻن دريائن جي ڀرسان اڏيل آهي. 2#يس 23:17، ير 51:7 انهيءَ سان ڌرتيءَ جي بادشاهن زناڪاري ڪئي ۽ ڌرتيءَ جا رهاڪو هن جي زناڪاريءَ جي مئي مان پي ڪري الوٽ ٿي پيا هئا.“
3 #
مڪا 13:1
پوءِ اهو ملائڪ مون کي پاڪ روح جي ضابطي واري حالت ۾ بيابان ڏانهن وٺي ويو. اُتي مون هڪڙي عورت ڏٺي، جيڪا لال ڳاڙهي رنگ جي حيوان تي ويٺي هئي. انهيءَ حيوان کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا ۽ سڄو بدن ڪفر جي نالن سان ڀريو پيو هئس. 4#ير 51:7 انهيءَ عورت کي واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي پوشاڪ پهريل هئي ۽ سون، هيرن جواهرن ۽ موتين سان سينگاريل هئي. انهيءَ کي هٿ ۾ هڪڙو سونو پيالو هو، جيڪو سندس زناڪاريءَ جي گندگيءَ ۽ ڪراهت وارين شين سان ڀريل هو. 5انهيءَ عورت جي پيشانيءَ تي هيءَ سڃاڻپ لکيل هئي، ”وڏو شهر بابل، ڪسبياڻين ۽ ڌرتيءَ جي ڪراهت وارين شين جي ماءُ،“ جنهن جي هڪ ڳجھي معنيٰ آهي. 6مون انهيءَ عورت کي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جو رت پيئڻ سان الوٽ ڏٺو، جن کي عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ سبب قتل ڪيو ويو هو.
آءٌ انهيءَ عورت کي ڏسي ڏاڍو حيران ٿي ويس. 7تنهن تي انهيءَ ملائڪ مون کي چيو تہ ”تون حيران ڇو ٿيو آهين؟ آءٌ تو کي انهيءَ عورت ۽ انهيءَ ستن مٿن ۽ ڏهن سڱن واري حيوان جنهن تي هوءَ سوار آهي، تن ٻنهي جو ڳجھہ بيان ڪري ٻڌائيندس. 8#دان 7:7، مڪا 11:7، زب 69:28 اهو حيوان جيڪو تو ڏٺو، سو اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي. پر اوڙاهہ مان نڪري اچڻ تي آهي ۽ پوءِ برباد ڪيو ويندو. زمين جا اهي رهاڪو جن جا نالا دنيا جي شروعات کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن، سي انهيءَ حيوان جو وري ظاهر ٿيڻ ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا، ڇاڪاڻ تہ اهو حيوان اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي.
9انهيءَ ڳجھہ کي سمجھڻ لاءِ ڏاهپ گھرجي. اهي ست مٿا ست جبل آهن، جن تي اها عورت ويٺي آهي. اهي ست بادشاهہ بہ آهن. 10انهن مان پنج ڪري پيا آهن، هڪڙو موجود آهي ۽ ٻيو اڃا آيو ئي ڪونهي ۽ جڏهن اهو ايندو تہ کيس رڳو ٿوري وقت تائين بادشاهہ رهڻو آهي. 11جيڪو حيوان اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي، سو اٺون بادشاهہ آهي ۽ انهن ستن مان ئي هڪ آهي. هو پڻ برباد ڪيو ويندو.
12 #
دان 7:24
جيڪي ڏهہ سڱ تو ڏٺا سي اهي ڏهہ بادشاهہ آهن، جن کي اڃا تائين بادشاهي ڪانہ ملي آهي. پر انهيءَ حيوان سان گڏ کين هڪڙي ڪلاڪ لاءِ بادشاهن جهڙو اختيار ملندو. 13انهن ڏهن ئي جي هڪڙي راءِ هوندي ۽ اهي پنهنجي طاقت ۽ اختيار انهيءَ حيوان کي ڏيئي ڇڏيندا. 14اهي گھيٽڙي سان جنگ ڪندا، پر گھيٽڙو مٿن غالب پوندو، ڇاڪاڻ تہ هو خداوندن جو خداوند ۽ بادشاهن جو بادشاهہ آهي. هن جا وفادار جن کي هن سڏي چونڊيو آهي، سي ساڻس گڏ هوندا.“
15پوءِ ملائڪ مون کي چيو تہ ”جن دريائن جي ڀرسان تو ڪسبياڻيءَ کي ويٺل ڏٺو، سي قومون، قبيلا، ٻولين وارا ۽ ذاتيون آهن. 16جيڪو حيوان ۽ سندس ڏهہ سڱ تو ڏٺا، سي انهيءَ ڪسبياڻيءَ کان نفرت ڪندا. اهي کيس لُٽي ڦري اگھاڙو ڪري ڇڏيندا، سندس گوشت کائي ويندا ۽ کيس باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندا. 17انهيءَ لاءِ جو خدا انهن جي دلين ۾ اها ڳالهہ وجھي ڇڏي آهي تہ اهي ڏهہ بادشاهہ سندس مقصد پورو ڪن ۽ هڪ راءِ ٿي انهيءَ وقت تائين بادشاهي ڪرڻ جو پنهنجو اختيار انهيءَ حيوان جي حوالي ڪن، جيستائين خدا جون ڳالهيون پوريون ٿين. 18اها عورت جيڪا تو ڏٺي سا اهو وڏو شهر آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي بادشاهن تي حڪمراني ٿو ڪري.“