16
خدا جي غضب جا پيالا
1پوءِ مون هيڪل مان هڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جيڪو انهن ستن ملائڪن کي چئي رهيو هو تہ ”وڃو ۽ خدا جي غضب جا ست ئي پيالا ڌرتيءَ تي هاري ڇڏيو.“
2 #
خر 9:10
پهرئين ملائڪ وڃي پنهنجو پيالو ڌرتيءَ تي هاريو تہ جن ماڻهن تي انهيءَ حيوان جو نشان هو ۽ جيڪي سندس بت کي سجدو ڪندا هئا، تن کي گندا ۽ ناسوري ڦٽ ٿي پيا.
3ٻئي ملائڪ پنهنجو پيالو سمنڊ تي هاريو تہ انهيءَ جو پاڻي مئل ماڻهوءَ جي رت جهڙو ٿي پيو ۽ سمنڊ جا سڀيئي ساهوارا مري ويا.
4 #
خر 7:17-21، زب 78:44 جڏهن ٽئين ملائڪ پنهنجو پيالو دريائن ۽ پاڻيءَ جي چشمن تي هاريو تہ انهن جو پاڻي بہ رت ٿي پيو. 5ان وقت مون پاڻيءَ تي مقرر ڪيل ملائڪ کي هي چوندي ٻڌو تہ
”اي پاڪ هستي! تون جيڪو آهين ۽ جيڪو هئين،
تون انصاف وارو آهين ۽ تو ئي اهڙو انصاف ڪيو،
6ڇاڪاڻ تہ جن ماڻهن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن
۽ خدا جو پيغام ڏيندڙن جو رت وهايو آهي،
تن کي تو رت پيئڻ لاءِ ڏنو.
اهي انهيءَ جي ئي لائق آهن.“
7ايتري ۾ مون قربانگاهہ مان هي آواز ٻڌو تہ
”هائو، اي خداوند، قادرِمطلق خدا!
بيشڪ تنهنجا فيصلا سچا ۽ انصاف وارا آهن.“
8چوٿين ملائڪ پنهنجو پيالو سج تي هاريو تہ سج کي اختيار ڏنو ويو تہ ماڻهن کي باهہ سان ساڙي. 9سخت تپش جي ڪري ماڻهو ڏاڍا سڙي پيا. تنهن هوندي بہ انهن توبهہ نہ ڪئي جو خدا، جيڪو انهن آفتن تي اختيار رکي ٿو، تنهن ڏانهن ڦري سندس تعظيم ڪن. اٽلندو هو سندس خلاف ڪفر بڪڻ لڳا.
10 #
خر 10:21
پنجين ملائڪ پنهنجو پيالو انهيءَ حيوان جي تخت تي هاريو تہ انهيءَ جي بادشاهيءَ ۾ اوندهہ ٿي ويئي. ماڻهو سور سببان پنهنجيون زبانون چٻاڙيندا 11۽ پنهنجي سورن ۽ ڦٽن جي ڪري عرش عظيم جي خدا جي خلاف ڪفر بڪندا رهيا. پر پنهنجي ڪمن کان توبهہ نہ ڪيائون.
12 #
يس 11:15
جڏهن ڇهين ملائڪ پنهنجو پيالو وڏي درياءَ فرات تي هاريو تہ ان جو پاڻي سڪي ويو. انهيءَ لاءِ تہ اهڙو رستو تيار ٿي وڃي جو اوڀر کان بادشاهہ پنهنجن لشڪرن سان ڪاهي اچن. 13ان وقت مون ٽي ناپاڪ روح ڏيڏرن جي شڪل ۾ ڏٺا، جيڪي ازدها جي وات مان، پهرئين حيوان جي وات مان ۽ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ ٻئي حيوان جي وات مان نڪتا. 14اهي ڏيڏر ڀوتن جا روح آهن، جيڪي پوري ڌرتيءَ جي بادشاهن وٽ وڃي معجزا ڏيکارين ٿا، تہ جيئن قادرِمطلق خدا جي عظيم ڏينهن واري جنگ لاءِ کين گڏ ڪن.
15 #
مت 24:43-44، لو 12:39-40، مڪا 3:3 انهيءَ ڪري خداوند عيسيٰ فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ ائين پيو اچان، جيئن چور ايندو آهي. سڀاڳو آهي اهو جيڪو سجاڳ ٿو رهي ۽ پنهنجي پوشاڪ جي سنڀال ٿو ڪري، تہ جيئن اگھاڙو نہ ٿئي ۽ ماڻهو سندس اوگھڙ نہ ڏسن.“
16 #
2.با 23:29، زڪ 12:11 پوءِ انهن ناپاڪ روحن بادشاهن کي انهيءَ هنڌ آڻي گڏ ڪيو، جنهن کي عبراني ٻوليءَ ۾ هرمجدون ٿا چون.
17جڏهن ستين ملائڪ پنهنجو پيالو هوا ۾ هاريو تہ هيڪل مان تخت واري پاسي کان هڪڙو وڏو آواز آيو، جنهن چيو تہ ”پورو ٿيو.“ 18#مڪا 8:5، 11:13،19 انهيءَ تي کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون ٿيڻ لڳيون ۽ ڌرتيءَ تي وڏو زلزلو آيو. اهڙي قسم جو زلزلو انسان جي پيدا ٿيڻ کان وٺي ڌرتيءَ تي ڪڏهن بہ ڪونہ آيو آهي. 19#يس 51:17 زلزلو ايڏو تہ سخت هو جو #16:19 وڏو شهر بابلٿي سگھي ٿو تہ اهو رومي شهنشاهت ڏانهن اشارو آهي.وڏو شهر بابل ٽي ٽڪرا ٿي پيو ۽ دنيا جا ٻيا شهر بہ ڪري پيا. ائين خدا اُن وڏي شهر بابل جي بڇڙائي ياد ڪري کيس پنهنجي وڏي غضب جي مئي جو پيالو پيئاريو. 20#مڪا 6:14 سڀيئي ٻيٽ غائب ٿي ويا ۽ جبلن جو نالو نشان بہ ڪونہ رهيو. 21#خر 9:23، مڪا 11:19 ماڻهن تي آسمان مان وڏا وڏا ڳڙا وسيا، جن مان هر هڪ جو وزن اٽڪل چاليهہ ڪلوگرام هو. انهن ڳڙن جي آفت جي ڪري ماڻهو خدا جي خلاف ڪفر بڪڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ اها آفت ڏاڍي سخت هئي.