YouVersion Logo
Search Icon

فلپين ‮تعارف‬

تعارف
پولس رسول هي خط قيد مان فلپين جي انهيءَ ڪليسيا ڏانهن لکيو هو، جيڪا هن پنهنجي ٻئي تبليغي سفر دوران رومي شهنشاهت جي صوبي مڪدُنيا ۾ سڀ کان پهريائين فلپي شهر ۾ قائم ڪئي هئي (رسولن جا ڪم باب 16). ان وقت اهو شهر جتي آباد هو، سو موجودہ يونان ملڪ جو علائقو آهي. هي خط پولس رسول انهيءَ وقت لکيو هو جنهن وقت ايمان وارن مان ٻين تبليغ ڪندڙن سندس مخالفت ٿي ڪئي ۽ فلپيءَ جي ڪليسيا ۾ ڪوڙي تعليم ڏيندڙن تبليغ پئي ڪئي، جنهن سبب کيس سخت ڏک ۽ رنج پهتو هو. انهن ڳالهين جي باوجود بہ هن خط مان پولس رسول جي خوشي ۽ ڀرپور اعتماد ظاهر ٿئي ٿو، جنهن جو سبب عيسيٰ مسيح تي سندس پختو ايمان آهي.
پولس رسول هي خط انهيءَ ڪري لکيو جو فلپيءَ جي ڪليسيا سندس ڏکئي وقت ۾ مدد ڪرڻ لاءِ جيڪي شيون ڏانهس موڪليون هيون تن لاءِ سندن شڪريو ادا ڪري. انهيءَ موقعي جو فائدو وٺندي هو کين همت ڏياري ٿو تہ جيئن اهي مسيح تي ڀروسو رکڻ ۾ ثابت قدم رهن ۽ دل نہ لاهين، توڙي جو انهن کي يا خود پولس رسول کي تڪليفون اچن. هو انهن کي تاڪيد ٿو ڪري تہ اهي ذاتي لالچ ۽ هٺ کي ڇڏي اهڙو ئي نماڻائيءَ وارو سڀاءُ رکن جهڙو عيسيٰ مسيح جو هو. پولس رسول کين ياد ڏياري ٿو تہ ”خدا جيڪو چڱو ڪم اوهان ۾ شروع ڪيو آهي، سو عيسيٰ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين پورو ڪندو“ (1‏:6). انهيءَ لاءِ پولس رسول کين تاڪيد ٿو ڪري تہ ”اوهين ڊڄندي ۽ ڏڪندي اهڙا ڪم ڪندا رهو جو اوهان جي حاصل ڪيل ڇوٽڪاري جو مقصد پورو ٿئي“ (2‏:12). اهو ڇوٽڪارو شريعت جي فرمانبرداري ڪرڻ سان نہ، پر خدا جي فضل جي ڪري ايمان آڻڻ جي وسيلي کين مليو آهي. هو انهن ڏانهن انهيءَ خوشيءَ ۽ امن وَ سلامتيءَ بابت پڻ لکي ٿو، جيڪا عيسيٰ مسيح جي وسيلي ئي خدا عطا ڪري ٿو.
عيسيٰ مسيح تي ايمان رکڻ واري زندگيءَ ۾ ملندڙ خوشيءَ، ڀروسي، ايڪي ۽ ثابت قدميءَ کي پولس رسول هن خط ۾ اهميت ڏئي ٿو. فلپيءَ جي ڪليسيا وارن سان پولس رسول جي گَهري محبت بہ هن خط مان صاف ظاهر آهي.
سِٽاءُ
تعارف 1‏:1‏-11
پولس جا ذاتي حالات 1‏:12‏-26
مسيح ۾ زندگي گذارڻ 1‏:27‏–2‏:18
تيمٿيس ۽ اِپفروديتس لاءِ منصوبا 2‏:19‏-30
دشمنن ۽ خطرن کان آگاهي 3‏:1‏–4‏:9
فلپين لاءِ پولس جي شڪرگذاري 4‏:10‏-20
آخر ۾ دعا سلام 4‏:21‏-23

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in