YouVersion Logo
Search Icon

اِفسين 6

6
(ٻار ۽ ماءُ پيءُ)
1 # ڪل 3‏:20 اي ٻارؤ! خداوند عيسيٰ جا هئڻ ڪري پنهنجي ماءُ پيءُ جا فرمانبردار رهو، ڇو تہ ائين ڪرڻ واجب آهي. 2#خر 20‏:12، شر 5‏:16 پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪريو.“ هي پهريون حڪم آهي جنهن سان هي واعدو بہ شامل آهي: 3”تہ جيئن اوهان جو ڀلو ٿئي ۽ ڌرتيءَ تي وڏي عرصي تائين جيئرا رهو.“
4 # ڪل 3‏:21 اي پيئرؤ! اوهين پنهنجن ٻارن کي چڙ ڏياري ڪاوڙايو نہ، بلڪ کين اهڙي تربيت ۽ نصيحت ڏيئي سندن پالنا ڪريو جيڪا خداوند عيسيٰ کي پسند هجي.
(غلام ۽ مالڪ)
5 # ڪل 3‏:22‏-25 اي غلامؤ! جهڙيءَ طرح اوهين مسيح جا فرمانبردار آهيو، تهڙيءَ طرح پنهنجن دنياوي مالڪن جا بہ صاف‌دليءَ سان ڊڄندي ۽ ڏڪندي فرمانبردار رهو. 6انهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڏيکاءَ طور نہ، پر مسيح جي غلام جي حيثيت ۾ دل سان خدمت ڪندي خدا جي مرضي پوري ڪريو. 7هائو، دل وَ جان سان اهڙيءَ طرح خدمت ڪريو، جو ڄڻ تہ ماڻهن جي نہ پر خداوند عيسيٰ جي خدمت ٿا ڪريو. 8اوهين ڄاڻو ٿا تہ ڪوبہ ماڻهو، پوءِ اهو غلام هجي توڙي آزاد، جيڪو بہ چڱو ڪم ڪندو تنهن جو اجر خداوند عيسيٰ کان ملندس.
9 # شر 10‏:17، ڪل 3‏:25، 4‏:1 اي مالڪؤ! اوهين بہ پنهنجن غلامن سان ساڳيو سلوڪ ڪريو. کين ڌمڪايو نہ، ڇو تہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ انهن جو ۽ اوهان جو، ٻنهي جو مالڪ آسمان تي آهي ۽ اهو ڪنهن جي بہ طرفداري ڪونہ ڪندو آهي.
روحاني هٿيار کڻو
10انهيءَ کان علاوہ اوهين سڀ خداوند عيسيٰ ۾ سندس قدرت سان ڀرپور ٿي طاقتور ٿيو. 11خدا جا سڀ هٿيار ٻڌو، تہ جيئن ابليس جي سازشن جو مقابلو ڪندي قائم رهي سگھو. 12ياد رکو تہ اسان جي جنگ انسانذات سان نہ، پر هن دنيا تي ڇانيل اونداهيءَ وارين طاقتن، اختياريءَ وارن ۽ حاڪمن سان ۽ ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ بڇڙن روحن جي لشڪرن سان آهي. 13تنهنڪري خدا جا سڀ هٿيار ٻڌي تيار رهو، تہ جيئن انهن جي حملي وارن برن ڏينهن ۾ سندن مقابلو ڪري سگھو ۽ سڀ ڪجھہ ڪرڻ کان پوءِ بہ مضبوطيءَ سان قائم رهي سگھو.
14 # يس 11‏:5، 59‏:17 تہ پوءِ ثابت قدم رهو، چيلهہ سان سچ جو سندرو ٻڌو ۽ ڇاتيءَ تي سچائيءَ جو لوهي سينابند ڍڪيو. 15#يس 52‏:7 پنهنجي پيرن ۾ ميل ميلاپ واري خوشخبريءَ جي جتي پائي تيار رهو. 16انهن سان گڏ ايمان جي ڍال کڻو، جنهن سان اوهين انهيءَ بدڪار يعني شيطان جي سڀني ٻرندڙ تيرن کي اُجھائي سگھو. 17#يس 59‏:17 پنهنجي مٿي تي ڇوٽڪاري جو لوهي ٽوپ پايو ۽ پاڪ روح جي تلوار، يعني خدا جو قول پاڻ سان کڻو. 18پاڪ روح جي هدايت سان هر وقت ۽ هر حالت ۾ دعا ۽ منٿ سان خدا کان مدد گھرندا رهو. مسيح ۾ سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ بہ هميشہ ائين ئي دعا گھرندا رهو، انهيءَ لاءِ سجاڳ رهو ۽ همت نہ هاريو.
19منهنجي لاءِ بہ دعا ڪندا ڪريو تہ ڳالهائڻ وقت مون کي قدرت وارا لفظ عطا ڪيا وڃن، تہ جيئن آءٌ خوشخبريءَ جو راز دليريءَ سان ظاهر ڪندو رهان. 20انهيءَ خوشخبريءَ لاءِ مسيح مون کي چونڊيو آهي ۽ انهيءَ جي ٻڌائڻ ڪري آءٌ قيد ۾ زنجيرن سان ٻڌل آهيان. دعا ڪريو تہ اها بنا ڪنهن ڊپ جي ٻڌائيندو رهان، جيئن مون کي ٻڌائڻ کپي.
آخر ۾ دعا سلام
21 # رس 20‏:4، 2.تيم 4‏:12 #ڪل 4‏:7‏-8 تخڪُس، جيڪو خداوند عيسيٰ ۾ پيارو ڀاءُ ۽ سچو خدمتگار آهي، سو اوهان کي منهنجيون سڀ ڳالهيون ٻڌائيندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين بہ منهنجي حال کان واقف ٿيو تہ آءٌ ڪيئن ٿو گذاريان. 22آءٌ هن کي اوهان ڏانهن انهيءَ مقصد لاءِ موڪلي رهيو آهيان تہ اوهين ڄاڻي وٺو تہ اسين ڪيئن آهيون ۽ اهو بہ تہ جيئن هو اوهان جي دلين کي همتائي.
23خدا پيءُ ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان شل سڀني ڀائرن ڀينرن تي سلامتي هجي ۽ ايمان سان گڏ محبت حاصل ٿئي. 24شل انهن سڀني تي فضل ٿيندو رهي، جيڪي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح سان لازوال محبت رکن ٿا.

Currently Selected:

اِفسين 6: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in