YouVersion Logo
Search Icon

فلپين 1

1
1 # رس 16‏:12 هي خط مون پولس ۽ تيمٿيس جي طرفان آهي، جيڪي مسيح يعني عيسيٰ جا ٻانها آهيون. هي خط ڪليسيا جي نگهبانن ۽ خادمن سميت عيسيٰ مسيح ۾ انهن سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن ڏانهن لکجي ٿو جيڪي فلپي شهر ۾ رهن ٿا.
2شل اوهان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل ۽ سلامتي هجي.
فلپين لاءِ پولس جي دعا
3جڏهن بہ اوهين ياد اچو ٿا، تڏهن آءٌ پنهنجي خدا جو شڪر ٿو ڪريان. 4هر اها دعا، جيڪا اوهان سڀني لاءِ ٿو گھران سا هميشہ خوشيءَ سان گھرندو آهيان، 5ڇاڪاڻ تہ اوهين پهرئين ڏينهن کان وٺي اڄ تائين مسيح بابت خوشخبري ڦهلائڻ ۾ مون سان شريڪ رهيا آهيو. 6مون کي انهيءَ ڳالهہ جو يقين آهي تہ خدا جيڪو چڱو ڪم اوهان ۾ شروع ڪيو آهي، سو عيسيٰ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين پورو ڪندو. 7سو اهو مناسب آهي تہ آءٌ اوهان سڀني جي باري ۾ خوش رهان، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجي دل ۾ موجود آهيو ۽ خدا جي فضل ۾ مون سان شريڪ آهيو، نہ رڳو هن وقت جڏهن آءٌ قيد ۾ آهيان بلڪ مخالفن آڏو خوشخبريءَ کي سچو ثابت ڪرڻ ۽ قبول ڪندڙن اڳيان ان جي منادي ڪرڻ وقت بہ. 8ڏسو، خدا منهنجو شاهد آهي تہ عيسيٰ مسيح جي الفت جهڙي اوهان سڀني لاءِ ڪيڏي نہ سڪ اٿم.
9سو منهنجي دعا آهي تہ ڄاڻ ۽ هر طرح جي سمجھہ سان گڏوگڏ اوهان ۾ محبت گھڻي کان گھڻي وڌندي وڃي، 10جنهن سان اوهين بهتر ڳالهين کي پرکي وٺو. اهو انهيءَ لاءِ تہ جيئن مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين اوهين صاف‌دل ۽ بي‌ڏوهي رهو. 11اهڙيءَ طرح خدا جي عظمت ظاهر ڪرڻ ۽ سندس واکاڻ لاءِ اوهين سچائيءَ جي انهيءَ ڦل سان ڀريل رهو، جيڪو عيسيٰ مسيح جي وسيلي ملي ٿو.
خوشخبري ڦهلجڻ ۾ پولس جي خوشي
12هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ چاهيان ٿو تہ اوهين ڄاڻي وٺو تہ مون سان جيڪي ڪجھہ ٿئي ٿو، سو حقيقت ۾ خوشخبريءَ جي واڌاري جو سبب ٿو بڻجي. 13#رس 28‏:30 ايتري قدر جو شاهي پلٽڻ جي سڀني سپاهين سميت سڀني ماڻهن ۾ مشهور ٿي ويو آهي تہ آءٌ مسيح جي خاطر قيد ۾ پيو آهيان. 14ان کان علاوہ منهنجي قيد هجڻ ڪري گھڻن ايمان وارن جو خداوند عيسيٰ ۾ ڀروسو ايتري قدر وڌي ويو آهي جو اهي وڌيڪ همت ۽ بي‌خوفيءَ سان مسيح بابت پيغام ٻڌائين ٿا.
15پوءِ انهن مان ڪي تہ مون سان حسد ۽ جھيڙي جي ڪري مسيح جي منادي ڪن ٿا، تہ ڪي وري نيڪ نيتيءَ سان. 16نيڪ نيتيءَ وارا محبت جي ڪري ائين ٿا ڪن. اهي ڄاڻن ٿا تہ آءٌ مسيح بابت خوشخبريءَ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيل آهيان. 17پر ٻيا سچيءَ نيت سان نہ، بلڪ حسد جي ڪري انهيءَ خيال سان مسيح جي منادي ٿا ڪن تہ جيئن منهنجي لاءِ قيد ۾ وڌيڪ مصيبت پيدا ٿئي. 18پر اها ڪا وڏي ڳالهہ ناهي. وڏي ڳالهہ هيءَ آهي تہ مسيح جي منادي هر طرح سان ٿئي ٿي، پوءِ ڪو اها بري نيت سان ڪري ٿو يا سچيءَ نيت سان. انهيءَ سبب آءٌ خوش آهيان.
هائو، آءٌ اڃا بہ خوش رهندس، 19ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهان جي دعائن ۽ عيسيٰ مسيح جي مليل روح جي مدد سان آءٌ قيد مان ڇڏائجي ويندس. 20حقيقت ۾ مون کي اميد، بلڪ پورو ڀروسو آهي تہ آءٌ ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ شرمندو نہ ٿيندس. پر وڏي دليريءَ سان هميشہ وانگر هاڻي بہ آءٌ پنهنجي بدن جي وسيلي مسيح جي وڏائي ظاهر ڪندو رهندس، پوءِ توڙي جيئرو رهان يا مري وڃان.
21انهيءَ جو سبب هي آهي تہ مون لاءِ جيئري رهڻ جي معنيٰ آهي مسيح، جڏهن تہ مرڻ جي معنيٰ آهي نفعو. 22جيئن تہ هن جسم ۾ جيئرو رهڻ ئي منهنجي انهيءَ خدمت واري ڪم لاءِ فائديمند آهي، تنهن هوندي بہ آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ ڇا کي پسند ڪريان. 23آءٌ ٻنهي ڳالهين جي وچ ۾ منجھي پيو آهيان. منهنجي خواهش تہ اها آهي تہ هن دنيا کي ڇڏي وڃي مسيح سان رهان، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ کان بهتر آهي. 24پر منهنجو بدن ۾ رهڻ اوهان جي خاطر وڌيڪ ضروري آهي. 25انهيءَ ڳالهہ جي پڪ هئڻ ڪري آءٌ ڄاڻان ٿو تہ آءٌ جيئرو رهي ڪري اوهان سڀني سان گڏ گذاريندس، تہ جيئن اوهان جي ايمان ۾ واڌارو ٿئي ۽ ان ۾ اوهين خوش رهو. 26سو اوهان وٽ ٻيهر اچڻ سان منهنجي ڪري اوهان جو فخر عيسيٰ مسيح ۾ گھڻو وڌي ويندو.
27اوهين رڳو هي ڪريو جو پنهنجي روزاني زندگي مسيح بابت خوشخبريءَ جي لائق گذاريو. پوءِ آءٌ اچي اوهان سان گڏجان يا نہ، تہ بہ احوال اهو ٻڌان تہ هڪڙي ئي پاڪ روح ۾ قائم رهندي اوهين هڪ دل ٿي ڪري گڏجي سخت ڪوشش ڪندا ٿا رهو تہ ماڻهن ۾ خوشخبريءَ تي ايمان وڌندو رهي. 28آءٌ اهو بہ ٻڌان تہ اوهين پنهنجن مخالفن کان ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ نہ ٿا ڊڄو. اوهان جي ايمان واري اهڙي هلت هنن جي لاءِ برباديءَ جي نشاني آهي، پر اوهان جي لاءِ ڇوٽڪاري جي. اها نشاني خدا جي طرفان آهي، 29ڇاڪاڻ تہ مسيح جي خاطر اوهان تي اها ٻاجھہ ٿي آهي تہ نہ رڳو مٿس ايمان رکو، بلڪ هن جي لاءِ تڪليفون بہ سهو. 30#رس 16‏:19‏-40 اوهين بہ خوشخبريءَ جي لاءِ ساڳيءَ سخت ڪوشش ۾ شامل آهيو، جيڪا اوهان مون کي ڪندي ڏٺي هئي ۽ هاڻي بہ ٻڌو ٿا تہ آءٌ ائين ئي پيو ڪريان.

Currently Selected:

فلپين 1: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in