1
1هي خط مون پولس، جيڪو مسيح يعني عيسيٰ جي خاطر قيد ٿيل آهيان ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان آهي. هي خط تو فليمون ڏانهن موڪلجي ٿو جيڪو اسان جو پيارو ۽ همخدمت آهين. 2#ڪل 4:17 تو سان گڏ هي خط اسان جي ڀيڻ افيا ۽ اسان وانگر مسيح جي سپاهي ارخپس ۽ تنهنجي گھر ۾ گڏ ٿيندڙ ڪليسيا لاءِ پڻ آهي.
3شل اوهان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل ۽ سلامتي هجي.
فليمون جو پيار ۽ ايمان
4جڏهن بہ آءٌ پنهنجي دعا ۾ تو کي ياد ٿو ڪريان، تڏهن هميشہ خدا جو شڪر ٿو ڪريان 5جو آءٌ تنهنجي باري ۾ ٻڌندو آهيان تہ تون خداوند عيسيٰ تي ايمان رکين ٿو ۽ مسيح ۾ سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن سان پيار ڪرين ٿو. 6منهنجي دعا آهي تہ اسان کي مسيح ۾ مليل برڪتن جي ڄاڻ تو ۾ جيئن جيئن وڌندي وڃي، تيئن تيئن اسان سان تنهنجي ايماني رفاقت مسيح جي خاطر اثرائتي ثابت ٿيندي وڃي. 7اي ڀاءُ! تنهنجي پيار مون کي وڏي خوشي ۽ تسلي ڏني آهي، ڇاڪاڻ تہ تو مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي دلين کي تازگي ڏني آهي.
اُنيسمس جي باري ۾ پولس جو عرض
8آءٌ مسيح جي ڪري ايترو تہ دلير آهيان جو تو کي هن ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏيان جيڪو تو کي ڪرڻو آهي. 9پر تنهن هوندي بہ آءٌ پولس جيڪو پيرسن ۽ هن وقت عيسيٰ مسيح جي خاطر قيد ٿيل آهيان، سو تو کي پيار وچان التجا ٿو ڪريان. 10#ڪل 4:9 منهنجي التجا #10 اُنيسمس يوناني ٻوليءَ ۾ هي هڪ نالو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”ڪم وارو“ يا ”ڪارائتو.“اُنيسمس جي باري ۾ آهي، جنهن کي مون قيد ۾ هوندي پنهنجو پٽ بڻايو آهي. 11اڳي تہ هو تنهنجي ڪنهن بہ ڪم جو ڪونہ هو، پر هاڻي تنهنجي توڙي منهنجي، ٻنهي جي ڪم جو آهي.
12آءٌ اُنيسمس کي جيڪو منهنجي جگر جو ٽڪرو آهي تو ڏانهن موٽائي ٿو موڪليان. 13حقيقت ۾ مون هن کي پاڻ وٽ رکڻ پئي چاهيو، تہ جيئن جيستائين آءٌ هتي خوشخبريءَ جي خاطر قيد ۾ آهيان، هي تنهنجي پاران منهنجي خدمت ڪري. 14تنهن هوندي بہ منهنجي اها مرضي نہ هئي تہ تنهنجي اڻڄاڻيءَ ۾ ڪجھہ ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اُنيسمس تي تون جيڪا بہ مهرباني ڪرين سا مجبوريءَ سان نہ، پر خوشيءَ سان ڪرين.
15شايد اُنيسمس تو کان ٿوري وقت لاءِ انهيءَ ڪري ڌار ٿيو تہ جيئن پوءِ هو تو وٽ اچي هميشہ لاءِ 16هڪ غلام وانگر نہ، پر غلام کان بهتر هڪ پيارو ڀاءُ ٿي رهي. هو مون کي تہ تمام پيارو آهي، پر تنهنجي گھر ۾ رهندڙ ۽ وري مسيح ۾ ڀاءُ هجڻ ڪري تنهنجو اڃا بہ وڌيڪ پيارو هوندو.
17سو جيڪڏهن تون مون کي پنهنجو ساٿي ٿو سمجھين تہ هن جو آڌرڀاءُ ائين ڪجانءِ جيئن جيڪر منهنجو ڪرين ها. 18جيڪڏهن هن تنهنجو ڪو نقصان ڪيو آهي، يا تنهنجو ڪو لهڻو ليکو اٿس تہ اهو منهنجي کاتي سمجھہ. 19آءٌ پولس پنهنجي هٿ سان لکي ٿو ڏيان تہ هن جو لهڻو ليکو آءٌ پاڻ ڀري ڏيندس. باقي مون کي ائين چوڻ جو ڪو ضرور ئي ڪونهي تہ تنهنجي جان ئي منهنجي قرضدار آهي. 20اي ڀاءُ! آءٌ چاهيان ٿو تہ خداوند عيسيٰ جا هئڻ ڪري مون کي تو کان اهو فائدو ملي. ائين مسيح ۾ منهنجي دل کي تازگي ڏي. 21آءٌ تو ڏانهن انهيءَ يقين سان ٿو لکان تہ تون منهنجي ڳالهہ تي عمل ڪندين، بلڪ منهنجي چوڻ کان بہ وڌيڪ ڪري ڏيکاريندين.
22انهيءَ کان علاوہ منهنجي ترسڻ لاءِ هڪ ڪمرو تيار رکجانءِ، ڇو تہ مون کي اميد آهي تہ اوهانجين دعائن جي وسيلي عيسيٰ مسيح مون کي قيد مان آزاد ڪرائي اوهان وٽ آڻيندو.
آخر ۾ دعا سلام
23-24 #
رس 12:12،25، 13:13، 15:37-39، 19:29، 27:2، ڪل 1:7، 4:10،12،14، 2.تيم 4:10-11 اِپفراس، جيڪو مون سان گڏ عيسيٰ مسيح جي واسطي قيدي آهي ۽ مرقس، ارسترخس، ديماس ۽ لوقا جيڪي مون سان گڏ ڪم ڪندڙ آهن، سي سڀ تو کي سلام ٿا ڏين.
25شل خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل اوهان سڀني تي هجي. آمين.