YouVersion Logo
Search Icon

عبرانين ‮تعارف‬

تعارف
عبرانين نالي هي خط خداوند عيسيٰ مسيح تي ايمان رکندڙ انهن ماڻهن ڏانهن لکيو ويو آهي جيڪي سخت مخالفت کي منهن ڏيئي رهيا هئا، ايتري قدر جو پنهنجي ايمان تان ڦرڻ تي هئا. خط جو لکندڙ سڀ کان پهريائين ايمان تي قائم رهڻ لاءِ سندن همت‌افزائي ڪندي مٿن واضح ٿو ڪري تہ عيسيٰ مسيح ئي خدا جو سچو ۽ اعليٰ ترين مظهر آهي. ائين ڪرڻ سان هو ٽن اهم حقيقتن تي زور ڏئي ٿو: 1. عيسيٰ مسيح خدا جو دائمي فرزند آهي، جنهن نهايت حوصلي سان تڪليفون سهي پيءُ جو فرمانبردار رهڻ سکيو (5‏:8). عيسيٰ مسيح خدا جو فرزند هئڻ جي حيثيت سان سڀني ملائڪن توڙي سڀني نبين، ايتري قدر جو بني اسرائيل جي وڏي نبي حضرت موسيٰ کان بہ مٿاهون آهي (3‏:6). 2. عيسيٰ مسيح کي خدا هميشہ وارو ڪاهن ڪري ظاهر ڪيو آهي، جيڪو بني اسرائيل جي ڪاهنن کان مٿاهون آهي (5‏:6‏، 8‏:1‏-6). 3. عيسيٰ مسيح تي ايمان رکندڙ سندس ئي وسيلي گناهہ، ڊپ ۽ موت کان بچي وڃي ٿو. هو عظيم سردار ڪاهن (4‏:14) جي حيثيت ۾ اهو حقيقي ڇوٽڪارو ڏئي ٿو، جنهن جي اميد يهودي مذهب ۾ ريتن رسمن ۽ جانورن جي قربانيءَ وسيلي ڏيکاري ويندي هئي (نوٽ: نئين عهدنامي جي دور ۾ هيڪل ۾ هڪ وڏو سردار ڪاهن مقرر هوندو هو، جڏهن تہ پراڻي عهدنامي مطابق سردار ڪاهن ئي وڏو ڪاهن هوندو هو. عبرانين ڏانهن خط جو ليکڪ پراڻي عهدنامي جي ڪاهنيءَ مطابق سردار ڪاهن جو لقب استعمال ڪري ٿو).
باب 11 ۾ بني اسرائيل جي تاريخ مان ڪن مشهور ماڻهن جي ايمان رکڻ جو مثال ڏيندي ليکڪ خط پڙهندڙن کي تاڪيد ٿو ڪري تہ اهي پنهنجي ايمان تي قائم رهن. پوءِ باب 12 ۾ هو خط پڙهندڙن تي زور ڀري ٿو تہ اهي عيسيٰ مسيح کي ڌيان ۾ رکندي پنهنجي ايمان تي هميشہ قائم رهن، توڙي جو کين ستايو وڃي ۽ تڪليفون ڏنيون وڃن. آخري باب 13 ۾ صلاحن ۽ تاڪيد سان هن خط جي پڄاڻي ٿئي ٿي.
سِٽاءُ
عيسيٰ مسيح خدا جي ذات جو نقش 1‏:1‏-3
عيسيٰ مسيح ملائڪن کان مٿاهون 1‏:4‏–2‏:18
عيسيٰ مسيح حضرت موسيٰ ۽ يشوع کان مٿاهون 3‏:1‏–4‏:13
عيسيٰ مسيح جي سردار ڪاهن هجڻ واري عظمت 4‏:14‏–7‏:28
عيسيٰ مسيح جي وسيلي ٻڌل عهد جي عظمت 8‏:1‏–9‏:22
عيسيٰ مسيح جي قربانيءَ جي عظمت 9‏:23‏–10‏:39
ايمان ۾ ئي خدا جو راضپو آهي 11‏:1‏–12‏:29
خدا کي وڻندڙ زندگيءَ بابت هدايتون 13‏:1‏-19
آخر ۾ دعا سلام 13‏:20‏-25

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in