Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 7

7
هيڪل ۾ يرمياہ جي تبليغ
1‏-2 خداوند مون يرمياہ کي فرمايو تہ آءٌ #7‏:1‏-2 هيڪل يعني سندس گھر جي دروازي وٽ بيهي يرمياہ جي تبليغ واري هن موقعي جو وڌيڪ تفصيل باب 26 ۾ بيان ڪيل آهي.هيڪل يعني سندس گھر جي دروازي وٽ بيهي يهوداہ جي رهاڪن، جيڪي سندس عبادت ڪرڻ لاءِ هنن دروازن کان اندر لنگھي ايندا آهن، تن سڀني کي سندس هي فرمان ٻڌايان تہ 3”آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ اوهين پنهنجا رستا ۽ پنهنجا ڪم سڌاريو تہ آءٌ اوهان کي هن ملڪ ۾ آباد ڪري ڇڏيندس. 4باقي اوهين پنهنجي حفاظت جو يقين ڪندي ائين چئي پاڻ کي نہ ٺڳيو تہ ’هيءَ خداوند جي هيڪل آهي، هيءَ خداوند جي هيڪل آهي، هيءَ خداوند جي هيڪل آهي.‘ 5جيڪڏهن اوهين واقعي پنهنجا رستا ۽ پنهنجا ڪم سڌاريندا ۽ هڪٻئي سان انصاف سان هلندا، 6جيڪڏهن اوهين يتيم ۽ رن‌زال توڙي پاڻ وٽ رهندڙ ڪنهن ڌارئي تي ظلم نہ ڪندا، نڪي هن جاءِ تي بي‌ڏوهين جو رت وهائيندا، ۽ نہ وري غير معبودن جي پوڄا ڪندي پاڻ کي نقصان پهچائيندا، 7تہ پوءِ آءٌ اوهان کي هن هنڌ تي آباد ڪري ڇڏيندس، يعني هن ملڪ ۾ جيڪو مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي هميشہ هميشہ لاءِ ڏيئي ڇڏيو هو.
8پر ان جي ابتڙ اوهين تہ انهن ڪوڙين ڳالهين تي ڀروسو رکو ٿا جن مان ڪوبہ فائدو رسي نہ ٿو سگھي. 9اوهين چوري، خون ۽ زنا ٿا ڪريو. اوهين ڪوڙا قسم ٿا کڻو، بعل ديوتا آڏو قربانيون پيش ڪريو ٿا ۽ انهن ڪوڙن معبودن جي پوڄا ٿا ڪريو، جن کان اوهين اڳي واقف بہ نہ هئا. 10توڙي جو اوهين اهڙا ڪم ڪريو ٿا جن کان مون کي سخت نفرت آهي، تڏهن بہ منهنجي نالي تي سڏجڻ واري هن هيڪل ۾ اچي منهنجي اڳيان بيهي اوهين چئو ٿا تہ ’اسين محفوظ آهيون،‘ 11#مت 21‏:13، مر 11‏:17، لو 19‏:46 اوهين ڇا ٿا سمجھو تہ هي گھر جيڪو منهنجي نالي تي ٿو سڏجي سو چورن ۽ ڌاڙيلن جو اڏو آهي؟ اوهين جيڪي ڪجھہ ڪريو ٿا ڇا آءٌ اهو نہ ٿو ڏسان؟
12 # يش 18‏:1، زب 78‏:60، ير 26‏:6 هاڻ اوهين ان هنڌ ڏانهن وڃو جيڪو #7‏:12 سيلا ۾ هي اهو شهر هو جتي عيلي ڪاهن جي دور ۾ عهد واري صندوق رکيل هئي (ڏسو 1.سموئيل باب 1). بعد ۾ فلستين انهيءَ شهر کي ناس ڪري ڇڏيو هو.سيلا ۾ آهي، جتي مون پنهنجي نالي سان پهرين رهائش اختيار ڪئي هئي. اوهين وڃي ڏسو تہ اُتي پنهنجي قوم بني اسرائيل سان مون سندن بڇڙائيءَ جي ڪري ڇا ڇا ڪيو. 13جڏهن اوهان هي سڀ بڇڙا ڪم ڪيا پئي تڏهن مون اوهان سان بار بار پئي ڳالهايو، پر اوهان منهنجي هڪ بہ نہ ٻڌي. مون اوهان کي سڏيو، پر اوهان جواب ڪونہ ڏنو. 14تنهنڪري آءٌ پنهنجي نالي تي سڏجندڙ هن گھر جو، جنهن تي اوهان جو ڀروسو آهي ۽ انهيءَ جاءِ جيڪا مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني هئي، تنهن جو بہ اهڙو ئي حال ڪندس جهڙو مون سيلا جو ڪيو هو. 15آءٌ اوهان کي ائين پنهنجي حضور مان ڪڍي اڇلائيندس، جيئن مون اوهان جي هم‌قوم #7‏:15 بني افرائيم سيلا شهر بني افرائيم جي علائقي ۾ هو. جيتوڻيڪ بني اسرائيل جي بادشاهن جي دور کان اڳ ۾ ان ۾ خداوند جو مقدس خيمو موجود هو، تنهن هوندي بہ اتر واري اسرائيل ملڪ جي ٻين قبيلن سان گڏ خدا افرائيم قبيلي کي بہ جلاوطن ڪري ڇڏيو هو ۽ سيلا شهر دشمنن جي قبضي هيٺ اچي ويو هو.بني افرائيم کي اڇلائي ڇڏيو هو.“
غير معبودن جي پوڄا جي سزا
16خداوند فرمايو تہ ”اي يرمياہ! تون انهيءَ قوم لاءِ دعا نہ گھر، نڪي انهن جي لاءِ آواز اٿار ۽ نہ عرض ڪر، نڪي مون وٽ انهن جي سفارش ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي نہ ٻڌندس. 17تون نہ ٿو ڏسين ڇا تہ هو کُليو کُلايو يروشلم جي گھٽين ۾ بلڪ پوري يهوداہ جي شهرن ۾ ڇا ٿا ڪندا وتن؟ 18#ير 44‏:7‏-19 ٻار ڪاٺيون گڏ ڪن ٿا، پيئر باهہ ٻارين ٿا ۽ مائرون اٽو ڳوهين ٿيون تہ جيئن انهيءَ ديويءَ لاءِ لوليون پچائين، جنهن کي هو آسمان جي راڻيءَ ٿا سڏين. هو غير معبودن لاءِ اوتڻ واريون قربانيون ٿا پيش ڪن، تہ جيئن مون کي چڙ ڏيارين. 19پر ڇا ائين ڪرڻ سان هو واقعي ئي مون کي ڪو نقصان پهچائين ٿا؟ هرگز نہ، هو پاڻ کي ئي نقصان پهچائي خوار خراب ڪن ٿا. 20تنهنڪري آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ منهنجو قهر ۽ غضب هن هيڪل تي، انسان ۽ حيوان تي، جھنگلي وڻن ۽ زمين جي پيداوار تي نازل ٿيندو ۽ اهو پيو ٻرندو ۽ اُجھامندو ئي ڪين.“
21قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين قاعدي مطابق ڪي قربانيون مون لاءِ مخصوص ڪري قربان‌گاهہ تي ساڙي ڇڏيندا آهيو ۽ ڪي کائيندا آهيو. پر هاڻي انهن جي ڪابہ اهميت ناهي. سو ڀلي تہ اوهين سڀ جون سڀ کائي ڇڏيو. 22انهيءَ سبب جو جنهن ڏينهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر ملڪ مان ڪڍي آندو هو، تنهن ڏينهن ساڙڻ وارين قربانين يا جانورن جي قربانين بابت مون انهن کي ڪوبہ حڪم ڪونہ ڏنو هو. 23پر مون کين اهو حڪم ڏنو هو تہ ’منهنجي فرمانبرداري ڪريو تہ آءٌ اوهان جو خدا هوندس ۽ اوهين منهنجي قوم هوندا. جنهن رستي جو آءٌ اوهان کي حڪم ڏيان، تنهن تي هلو تہ جيئن اوهان جو ڀلو ٿئي.‘ 24پر هنن منهنجي اها ڳالهہ نہ ٻڌي ۽ نہ ڪو ڌيان ئي ڏنائون، اُٽلندو هو پنهنجي بڇڙي دل جي هوڏ تي هليا. اهڙيءَ طرح اهي سڌرڻ بجاءِ وڌيڪ بڇڙا ٿي ويا. 25جنهن ڏينهن اوهان جا ابا ڏاڏا مصر ملڪ مان نڪري آيا تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين، هميشہ بروقت مون پنهنجا ٻانها نبي اوهان ڏانهن موڪليا آهن. 26پر اوهان مان ڪنهن بہ منهنجي نہ ٻڌي ۽ ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو. اوهان هٺ کان ڪم وٺندي پنهنجن ابن ڏاڏن کان بہ وڌيڪ بڇڙائي ڪئي.“
27سو خداوند فرمايو تہ ”اي يرمياہ! تون جيتوڻيڪ اهي سڀ ڳالهيون هنن کي ٻڌائيندين تہ بہ هو تنهنجي نہ ٻڌندا. تون جڏهن کين سڏيندين تڏهن هو تو کي ڪوبہ جواب نہ ڏيندا. 28تنهنڪري تون کين چئُہ تہ ’اوهين اهڙي قوم آهيو جنهن خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري نہ ڪئي آهي ۽ نہ وري سڌرڻ قبوليو اٿوَ. وفاداري اوهان مان ايتري قدر تہ ختم ٿي ويئي آهي جو اوهان جي وات مان انهيءَ بابت ڪا ڳالهہ ئي نہ ٿي نڪري.‘“
ڪوس جي ماٿري
29اي يروشلم وارؤ!
سوڳ وچان پنهنجا وار ڪوڙي اڇلايو،
ٽڪرين تي آہ وَ زاري ڪريو،
ڇاڪاڻ تہ اوهان جي موجودہ پيڙهي
خداوند جي ڪاوڙ هيٺ آهي،
جنهن کي هن رد ڪري ڇڏي ڏنو آهي.
30 خداوند فرمائي ٿو تہ ”يهوداہ وارن اُهي ئي ڪم ڪيا آهن جيڪي منهنجي نظر ۾ برا آهن. هنن ڪراهت جهڙيون شيون يعني بت ٺاهي منهنجي نالي پٺيان سڏجندڙ هيڪل ۾ رکي ان کي پليت ڪيو آهي. 31#لاو 18‏:21، 2.با 23‏:10، ير 19‏:5‏-7، 32‏:35 هنوم ماٿريءَ ۾ توفت نالي جڳهہ تي هنن پوڄا جون جايون ٺاهيون آهن، انهيءَ لاءِ تہ اتي پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن جي قرباني پيش ڪن. پر مون کين اهڙو ڪوبہ حڪم نہ ڏنو هو ۽ نہ ئي وري منهنجي ڌيان ۾ ڪا اهڙي ڳالهہ هئي. 32تنهنڪري آءٌ خداوند چوان ٿو تہ ياد رکو، اُهو ڏينهن اچي رهيو آهي جنهن ڏينهن ماڻهو ان کي آئيندہ #7‏:32 ’توفت‘ هنوم ماٿريءَ ۾ توفت نالي هن جڳهہ تي غير معبودن لاءِ هڪ قربان‌گاهہ ٺهيل هئي جتي ماڻهو پنهنجن ٻارن کي قربانيءَ طور پيش ڪندا هئا ۽ ڪنهن زماني ۾ گھڻو ڪري هن ئي جاءِ تي يروشلم شهر جو گند ڪچرو ساڙيو ويندو هو.’توفت‘ يا ’هنوم ماٿري‘ نہ سڏيندا پر ’ڪوس جي ماٿري‘ ڪري سڏيندا، ڇاڪاڻ‌‌تہ قتل ٿي ويلن جي لاشن پورڻ جي جاءِ نہ هئڻ سبب توفت بہ قبرستان بڻجي ويندو. 33پوءِ هن قوم جا لاش پکين ۽ جھنگلي جانورن جو کاڄ بڻجي پوندا ۽ ڪوبہ اهڙو ماڻهو نہ هوندو جيڪو انهن پکين ۽ جھنگلي جانورن کي اتان هڪالي ڪڍي. 34#ير 16‏:9، 25‏:10، مڪا 18‏:23 اهڙيءَ طرح آءٌ يروشلم جي گھٽين مان بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن مان خوشيءَ ۽ سرهائيءَ جي آواز ۽ شادين جي آواز جو خاتمو آڻي ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ ملڪ ويران ٿي ويو هوندو.

Currently Selected:

يرمياہ 7: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for يرمياہ 7