Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 6

6
يروشلم گھيري هيٺ
1اي بني بنيامين! ڀڄو، ڀڄو،
يروشلم مان ڀڄي جان بچايو.
تقوع شهر ۾ نفيل وڄائي آگاهي ڏيو.
بيت‌هڪرم شهر ۾ دونهون بلند ڪري خطري جو اشارو ڪريو.
انهيءَ ڪري جو اتر کان هڪڙي آفت،
بلڪ وڏي تباهي ايندي نظر اچي ٿي.
2 صيئون جي خوبصورت ۽ نازنين بستي يروشلم
جيڪا هڪ چراگاهہ مثل آهي،
سا ناس ٿي ويندي،
3ڇاڪاڻ تہ بادشاهہ لالچي ريڍارن وانگر
پنهنجي لشڪرن سان مٿس ڪاهي ايندا.
اهي انهيءَ جي چوڌاري پنهنجا خيما کوڙيندا.
هائو، هر ڪو ڄڻ تہ
پنهنجي مرضيءَ واري جاءِ تي چراگاهہ ٺاهي ويهندو.
4هو چوندا تہ ”يروشلم تي حملي لاءِ تياري ڪريو.
اُٿو، اسين منجھند جو ئي مٿس حملو ڪنداسون.“
پر دير ٿيڻ تي هو چوندا تہ ”افسوس صد افسوس!
ڏينهن ختم ٿيڻ وارو آهي
۽ شام جا پاڇا وڌندا ٿا وڃن.
5پر خير، ڀلي رات ڇو نہ ٿئي اسين رات جو ئي حملو ڪري
سندس ڪوٽ ڪيرائي وجھنداسون.“
6قادرِمطلق خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ
يروشلم تي حملي ڪرڻ لاءِ
وڻ وڍي انهن سان شهر جي ڪوٽ تائين دِڪو ٻڌو وڃي.
هن شهر کي ضرور سزا ملڻ گھرجي،
اهو ظلم سان ڀرجي ويو آهي.
7جهڙيءَ طرح کوهہ جو پاڻي هر وقت تازو هوندو آهي،
تهڙيءَ طرح يروشلم بہ پنهنجي بڇڙائيءَ کي
هر وقت تازو رکيو ٿو اچي.
انهيءَ مان ڏاڍ ۽ برباديءَ جا واڪا مون تائين پهچن ٿا.
مظلومن جا ڏک سور ۽ زخم هر وقت منهنجي آڏو آهن.
8اي يروشلم! ڪجھہ سمجھہ کان ڪم وٺ،
نہ تہ آءٌ تو کان منهن موڙي ڇڏيندس
۽ تو کي اهڙو تہ ويران ڪري ڇڏيندس
جو تو ۾ ڪوبہ رهڻ وارو نہ هوندو.“
اسرائيل وارا خداوند جي رستي جا انڪاري
9قادرِمطلق خداوند مون کي فرمايو تہ
اسرائيل ملڪ جي باقي بچيلن کي
انگورن جي داڻن وانگر چونڊي پٽيو ويندو.
سو تون پنهنجو هٿ وڌائي جيترن کي بچائي سگھين بچاءِ.“
10مون کيس وراڻيو تہ
”آءٌ جو ساڻن ڳالهايان تہ منهنجي ڪير ٻڌندو؟
آءٌ ڪنهن کي تاڪيد ڪريان؟
هنن جي ڪنن ۾ ٻجا پيل آهن سو هو ڪونہ ٿا ٻڌن.
تو خداوند جي فرمان کان هنن کي چڙ آهي.
هنن کي انهيءَ ۾ ڪابہ خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي.
11پر اي خداوند! انهيءَ سبب هنن خلاف تنهنجي ڪاوڙ
مون ۾ ايتري تہ ڀرجي ويئي آهي،
جو هاڻ آءٌ انهيءَ ڪاوڙ کي وڌيڪ روڪي نہ ٿو سگھان.“
تنهن تي خداوند مون کي فرمايو تہ
”وڃي گھٽين ۾ گڏ ٿيل ٻارن،
۽ جوان ماڻهن جي مجلسن تي اُها اُٽلاءِ،
مرد توڙي عورتون، پوڙها توڙي عمررسيدہ،
سڀ انهيءَ ۾ ڦاسي پوندا،
ڪوبہ انهيءَ کان بچي نہ سگھندو.
12 # ير 8‏:10‏-12 هنن جا گھر سندن زالن ۽ ٻنين سميت ٻين کي ڏنا ويندا،
ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ملڪ جي رهاڪن تي
آءٌ پنهنجو هٿ کڻڻ وارو آهيان.
13منجھن ننڍو هجي توڙي وڏو
سڀني کي دولت ڪمائڻ جو حرص آهي.
نبي سڏائيندڙ کان وٺي ڪاهن تائين
سڀ ٺڳيءَ جا ڪم ڪن ٿا.
14 # حز 13‏:10 منهنجي قوم جا ڦٽ بہ هنن کي
معمولي رهڙون نظر اچن ٿا،
اهو ئي سبب آهي جو هو ’خير آهي، خير آهي،‘ چوندا وتن ٿا،
جڏهن تہ ڪوبہ خير ڪونهي.
15ڇا هو پنهنجن ڪراهت جهڙن ڪمن کان شرمندا آهن؟
نہ، هنن کي بلڪل شرم ڪونهي آيو،
کين اها بہ خبر ڪانهي تہ شرم ڪهڙي شيءِ آهي.
سو برباد ٿيندڙن سان گڏ هو بہ برباد ٿيندا.
جڏهن آءٌ کين سزا ڏيندس تڏهن سندن پڄاڻي ٿي ويندي.
اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
16 خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ
”اوهين چوواٽن تي بيهي ڏسو،
۽ اصلي رستي جي پڇا ڪريو،
هائو، پڇا ڪريو تہ اهو چڱو رستو ڪٿي آهي.
انهيءَ تي ئي هلو تہ اوهين سڪون حاصل ڪندا.
پر اوهين چئو ٿا تہ ’اسين انهيءَ تي ڪونہ هلنداسون.‘
17مون آگاهہ ڪرڻ لاءِ اوهان ڏانهن نبي موڪليا،
جن اوهان کي چيو تہ ’نفيلن وسيلي خطري جو آواز ٻڌو،‘
پر اوهان جواب ڏنو تہ ’اسين ڪين ٻڌنداسين.‘
18تنهنڪري اي قومون! ٻڌو،
اي شاهدؤ! ڏسو، تہ هن قوم سان ڇا ٿيڻ وارو آهي.
19اي دنيا وارؤ! ٻڌو،
آءٌ هن قوم تي مصيبت آڻڻ وارو آهيان،
جيڪا سندن تدبيرن جو نتيجو آهي،
ڇاڪاڻ تہ هنن منهنجيون ڳالهيون نہ ٻڌيون آهن،
۽ منهنجي شريعت کي رد ڪري ڇڏيو اٿن.
20مون کي ان لوبان جي ڪهڙي پرواهہ آهي
جيڪو شبا ملڪ مان ٿو آندو وڃي،
۽ انهن مصالحن جي ڪهڙي پرواهہ اٿم،
جيڪي منهنجي لاءِ ڏورانهن ملڪن مان آندا ٿا وڃن؟
هنن جا ساڙڻ وارا نذرانا قابلِ قبول ناهن،
نہ ئي وري سندن جانورن جون قربانيون مون کي وڻن ٿيون.
21تنهنڪري آءٌ هن قوم جي اڳيان
طرح طرح جون ٿاٻو ڏيندڙ شيون رکندس.
انهن تي پيئر ۽ پٽ هڪجهڙو ٿاٻڙبا
۽ پاڙيسري ۽ دوست سڀ گڏ ناس ٿيندا.
اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
اتر کان لشڪر جو حملو
22 # ير 50‏:41‏-43 خداوند فرمائي ٿو تہ
”ڏسو، ڌرتيءَ جي ڇيڙي کان
هڪڙي وڏي قوم کي اٿاريو پيو وڃي،
يعني اتر واري ملڪ کان هڪ لشڪر اچي ٿو.
23اهي تيرڪمانن ۽ تلوارن سان مسلح آهن.
اهي ظالم آهن ۽ منجھن ڪوبہ رحم ڪونهي.
جڏهن هو گھوڙن تي سوار ٿي اوهان سان وڙهڻ لاءِ اچن ٿا،
تڏهن سندن لشڪر جو آواز ائين ٿو لڳي،
جيئن سمنڊ گجگوڙ ڪندو هجي.
اي يروشلم! اهي جنگي جوڌا
تو سان جنگ ڪرڻ لاءِ هٿيار ٻڌي اچن پيا.“
24يروشلم وارا چون ٿا تہ
”اسان هنن جي هاڪ ٻڌي آهي،
ان ڪري اسان جا ڍڍر ڍرا ٿي ويا آهن.
اسان کي ذهني پريشانيءَ اچي وڪوڙيو آهي
۽ ويم ڪندڙ عورت جيان سورن اچي ورايو آهي.
25اسين شهر کان ٻاهر وڃي نہ ٿا سگھون،
نڪي رستن تي نڪري ٿا سگھون،
ڇاڪاڻ تہ دشمنن جي تلوار ۽ خوف
اسان کي هر طرف کان وڪوڙي ڇڏيو آهي.“
26خداوند فرمائي ٿو تہ
”اي منهنجي قوم وارؤ! کٿا ڍڪيو،
۽ خاڪ تي ليٿڙيون پايو،
زاروزار روئو ۽ رڙو،
جيئن ڪنهن سڪيلڌي پٽ لاءِ روئبو آهي،
ڇاڪاڻ تہ تباهہ ڪندڙ اوچتو اچي اوهان تي ڪڙڪندو.“
27خداوند مون کي فرمايو تہ
”اي يرمياہ! تون منهنجي قوم کي پرک،
جيئن ڪو ڌاتو پرکيو ويندو آهي.
هائو، کين پرکي ڏس تہ هو ڪيئن آهن.
28هو سڀ پٿر دل فسادي آهن،
جيڪي گلائون ڪندا ٿا وتن.
هو پنهنجي ضد ۾ پتل ۽ لوهہ جيان سخت آهن.
هو سڀ بدديانتيءَ واري هلت ٿا هلن.
29منهنجي قوم اهڙي شيهي مثل آهي،
جنهن کي جيترو بہ تيز ڌوڻي هڻي ڳاريو وڃي،
تہ بہ انهيءَ مان مير نہ نڪرندي،
ڇاڪاڻ تہ اها قوم بڇڙن ماڻهن کان پاڪ نہ ٿي ٿئي.
30ماڻهو هنن کي کوٽو سڪو ڪري سڏيندا،
ڇاڪاڻ تہ مون خداوند کين رد ڪري ڇڏيو آهي.“

Currently Selected:

يرمياہ 6: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for يرمياہ 6