Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 47

47
فلستين بابت پيغام
1 # يس 14‏:29‏-31، حز 25‏:15‏-17، يوا 3‏:4‏-8، عا 1‏:6‏-8، صف 2‏:4‏-7، زڪ 9‏:5‏-7 فلستي شهر غزہ تي فرعون جي ڪاهہ کان اڳ فلستين بابت خداوند جو فرمان مون تي نازل ٿيو تہ
2”ڏس، اتر کان لشڪر ڪيئن نہ ٻوڏ جيان چڙهندا ٿا اچن!
اهي هڪ طوفاني ٻوڏ بڻجي ويندا
۽ اٿلي فلستي ملڪ جي هر شهر ۽ ان جي هر رهاڪوءَ،
بلڪ جيڪي ڪجھہ منجھس آهي تنهن کي ٻوڙي ڇڏيندا.
ان وقت ملڪ جا سڀ رهاڪو دانهون ڪندا ۽ روئندا رڙندا،
3هائو، دشمن جي جنگي گھوڙن جي سنبن جي آواز تي،
جنگي گھوڙي گاڏين جي ڪڙڪي تي،
۽ انهن جي ڦيٿن جي کڙڪي تي،
خوف وچان پيئرن جا هٿ لولا لنگڙا ٿي پوندا،
ايتري قدر جو هو ڀڄندي ڀڄندي
پنهنجن ٻارن جي مدد لاءِ بہ نہ موٽندا.
4سڀني فلستين کي ناس ڪرڻ جو ڏينهن اچي ويو آهي،
هائو، اهي جيڪي صور ۽ صيدا جي مدد ڪن ٿا.
آءٌ خداوند فلستين کي،
يعني ڪريت ٻيٽ جي اصلي رهاڪن کي ناس ڪرڻ وارو آهيان.
5اي فلستيؤ! اوهين جيڪي تباهيءَ کان بچي ويندا
سي ڪيستائين پيا ماتم ڪندا؟
هائو، اي غزہ ۽ اسقلون شهر وارؤ!
اوهين ڪيستائين سوڳ ۾
پنهنجا مٿا ڪوڙائي ماٺ ڪري ويهندا؟
6اوهين رڙيون ڪري چوندا تہ
’اي خداوند جي تلوار!
تون ڪيستائين پئي قتلام ڪندي رهندينءَ؟
هاڻ پنهنجي مياڻ ۾ موٽي وڃ، خاموش رهہ ۽ آرام وٺ.‘
7پر اُها قتلام کان ڪيئن ٿي رڪجي سگھي،
جڏهن تہ مون خداوند ان کي سمنڊ ڪناري فلستي ملڪ تي
يعني اسقلون ۽ ٻين شهرن تي حملي جو حڪم ڏنو آهي؟
هائو، مون انهيءَ کي اتي مقرر ڪيو آهي.“

Currently Selected:

يرمياہ 47: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for يرمياہ 47