Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 48

48
موآب متعلق پيغام
1 # يس 15‏:1‏–16‏:14، 25‏:10‏-12، حز 25‏:8‏-11، عا 2‏:1‏-3، صف 2‏:8‏-11 قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ
”ويل آهي نبو شهر وارن لاءِ!
ڇاڪاڻ تہ سندن شهر ويران ٿي ويندو.
قريتائم شهر جا رهاڪو پڻ خوار خراب ٿيندا،
ڇاڪاڻ تہ سندن شهر جو ڪوٽ ڪيرايو ويندو،
۽ شهر قبضي هيٺ اچي ويندو.
2موآب ملڪ جو شان وَ شوڪت ختم ٿي ويندو،
سندس شهر حشبون تي قبضو ڪري
دشمن موآبين خلاف هيءَ سازش سِٽيندا تہ
’اچو تہ انهيءَ قوم جو خاتمو آڻي ڇڏيون.‘
اي مدمين شهر وارؤ! اوهان جو بہ خاتمو آندو ويندو،
هائو، اوهين جنگ جي حوالي ڪيا ويندا.
3حورونايم شهر مان رڙين جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو تہ
’هاءِ! اسين برباد ٿي وياسين. هاءِ! اسين تباهہ ٿي وياسين.‘
4موآب ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ويندو،
انهيءَ ملڪ جي ٻارڙن جون رڙيون پيون ٻڌبيون.
5لوحيت واري چاڙهيءَ کان هو روئندا مٿي چڙهندا ويندا،
حورونايم واري لاهيءَ تائين
تباهيءَ وارين رڙين جو ڏک ڀريو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو.
6اهي چوندا ويندا تہ ’ڀڄو، ڀڄو، پنهنجا سر بچايو،
هائو، جھنگلي گڏهہ جيان تيز ڀڄو.‘
7اي موآب وارؤ! جيئن تہ اوهين پنهنجن ڪوٽن
۽ پنهنجن خزانن تي ڀروسو ٿا رکو،
سو اوهين بہ قيدي بڻايا ويندا.
اوهان جو معبود ڪموس پنهنجي مذهبي اڳواڻن
۽ عملدارن سميت جلاوطن ڪيو ويندو.
8تباهي مچائيندڙ لشڪر هر شهر توڙي ڳوٺ تي ڪاهي ايندو،
۽ ڪابہ وسندي بچي ڪين سگھندي.
پوءِ ماٿري هجي توڙي ميدان سڀ ناس ٿي ويندا،
ڇاڪاڻ تہ اهو مون خداوند جو فرمان آهي.
9هاڻ ڀلي اوهين پنهنجي ملڪ موآب تي لوڻ ڇٽي ڇڏيو،
ڇاڪاڻ تہ ان جا شهر اهڙا تہ ويران ٿي ويندا،
جو ڪوبہ انهن ۾ رهڻ وارو ڪونہ هوندو.“
10هاڻ جيڪو خداوند جي انهيءَ ڪم ۾ غفلت ڪندو سو لعنتي ٿيندو. هائو، جيڪو پنهنجيءَ تلوار کي خون وهائڻ کان روڪيندو سو لعنتي ٿيندو.
موآب جي شهرن لاءِ برباديءَ جي اڳڪٿي
11خداوند فرمائي ٿو تہ
”موآب وارا پنهنجي قوم جي شروعات کان وٺي
امن وَ سلامتيءَ سان رهيا آهن،
اهي ڪڏهن بہ جلاوطن نہ ڪيا ويا آهن.
هائو، موآب وارا مئي جي اهڙي پيالي مثل آهن،
جنهن ۾ ڪا هلچل نہ اچڻ ڪري
ان جي مئي آٺرجي صاف ٿي وڃي.
اها هڪڙي ٿانو مان ٻئي ٿانو ۾ ڪڏهن بہ نہ اوتي ويئي آهي،
جنهن سبب هن جو سواد قائم آهي،
۽ ان جي خوشبوءِ نہ بدلي آهي.
12پر ياد رکو، اهي ڏينهن اچڻ وارا آهن،
جڏهن آءٌ خداوند موآب ملڪ ڏانهن تباهي آڻيندڙ موڪليندس،
جيڪي انهيءَ کي تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندا.
هائو، ڄڻ تہ انهيءَ مئي کي هاري وهايو ويندو،
۽ ان جون صراحيون ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيون وينديون.
13پوءِ موآب وارا پنهنجي معبود ڪموس جي ڪري
اهڙا تہ خوار خراب ٿيندا،
جيئن اسرائيل وارا بيت‌ايل واري معبود جي ڪري ٿيا هئا،
جنهن تي هنن توڪل رکيو هو.
14اي موآب وارؤ! اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ
’اسين جوڌا جوان ۽ جنگي سورما آهيون‘؟
15تباهي مچائيندڙ لشڪر موآب جي شهرن تي ڪاهي ايندو،
۽ انهيءَ جي چونڊ جوان مردن کي قتل ڪيو ويندو.
آءٌ ئي بادشاهہ آهيان، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي،
۽ هي سڀ آءٌ ئي ٿو چوان.
16موآب جو زوال اچي پهتو آهي،
هائو، ان جي تباهي تمام تيزيءَ سان وڌندي پئي اچي.
17اوهين سڀ جيڪي ان جي آس‌پاس رهيا پيا آهيو،
يعني اهي جن سندس هاڪ ٻڌي آهي،
سي ان لاءِ روڄ راڙو ڪري چئو تہ
’آہ! اها مضبوط ۽ شاندار شاهي لٺ ڪيئن نہ ڀڄي پيئي آهي!‘
18اي موآب جي شهر ديبون جا رهاڪؤ!
اوهين پنهنجو مان مرتبو ڇڏي،
ڌرتيءَ جي خاڪ تي اچي ويهو.
انهيءَ سبب جو موآب ۾ تباهي مچائيندڙ لشڪر
اوهان تي بہ اچي ڪڙڪندو،
۽ اوهان جا مضبوط ڪوٽ قلعا ڪيرائي ناس ڪري ڇڏيندو.
19اي عروعير شهر جا رهاڪؤ!
رستي جي ڀر ۾ بيهي نظر ڦيرايو.
موآب ملڪ کان ڀڄي نڪرندڙ هر مرد ۽ عورت کان پڇو تہ
’ڇا ٿيو آهي؟‘
20هو اوهان کي ٻڌائيندا تہ
’موآب خوار خراب ڪيو ويو آهي.
اهو بلڪل ناس ڪيو ويو آهي.
سو اسان سان گڏ روئو رڙو.
اوهين موآب جي سرحد واري
برساتي نهر ارنون جي ڪناري تي هلندي
پڙهو گھمايو تہ موآب برباد ڪيو ويو آهي.‘
21موآب جي مٿاهين ميدان وارن هنن شهرن تي سزا نازل ٿيڻ واري آهي: حولون، يهصاہ، مفعت، 22ديبون، نبو، بيت‌دبلتايم، 23قريتائم، بيت‌جمول، بيت‌معون، 24قريوت ۽ بُصراہ. موآب جي سڀني ويجھن توڙي ڏورانهن شهرن تي اها سزا نازل ٿيندي. 25موآب جو لشڪر قتل ڪيو ويندو ۽ انهيءَ جي طاقت ختم ڪئي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
موآب جو خوار خراب ٿيڻ
26شل تہ موآب کي ايستائين سزا ڏني وڃي، جيستائين هو ڪنهن شرابيءَ جيان ڌت نہ ٿي وڃي، ڇاڪاڻ تہ هن خداوند کان پاڻ کي مٿاهون ڪيو آهي. ڀلي تہ موآب ڄڻ پنهنجي الٽيءَ ۾ پاڻ ليٿڙيون پائي ۽ ڀلي تہ ان تي کل ٺٺولي ٿئي. 27اي موآب وارؤ! ڇا خداوند جي قوم اوهان جي لاءِ کل ٺٺوليءَ جو باعث ڪين هئي؟ انهيءَ قوم کي چورن سان گڏ ڏٺو ويو هو ڇا، جو اوهين جيترا ڀيرا هن جو ذڪر ٿا ڪريو اوترا ڀيرا اوهين منهن کي موڙو ٿا ڏيو؟
28اي موآب جا رهاڪؤ!
شهرن کي ڇڏي وڃي ٽڪرن منجھہ رهو.
هائو، انهيءَ ڪبوتر جيان پنهنجي حفاظت ڪريو،
جيڪو غار واري پناهہ‌گاهہ ۾ پنهنجو آکيرو ٺاهيندو آهي.
29اسان اوهان جي مغروريءَ بابت ٻڌو آهي،
تہ اوهين ڏاڍا مغرور ٿي ويا آهيو.
هائو، اسان اوهان جي وڏائيءَ، مغروريءَ، گستاخيءَ
۽ اوهان جي دل جي هٺ بابت ٻڌو آهي.
30تڏهن تہ خداوند فرمائي ٿو تہ
”مون کي موآب وارن جي مغروريءَ جي خبر آهي،
پر اها فضول آهي.
هنن جي ٻٽاڪن مان ڪي بہ ڪين ورندو.
31تنهنڪري قيرحراست شهر،
بلڪ سڄي موآب جي ماڻهن جي تباهيءَ تي
مون کي ايترو تہ ڏک ٿيندو جو مون کي روئڻ اچي ويندو.
32اي موآب جي شهر سبماہ جا رهاڪؤ!
آءٌ اوهان جي تباهيءَ تي انهيءَ کان بہ وڌيڪ روئندس،
جيترو يعزير شهر لاءِ رنو هئس.
اوهين انگورن جي اهڙيءَ ول جيان آهيو،
جنهن جون ٽاريون کاري سمنڊ کان ٽپي ويون هجن،
۽ يعزير شهر تائين وڃي پهتيون هجن.
۽ ان ول ۾ انگورن جو قيمتي فصل پيدا ٿيل هجي.
هاڻي ان تي تباهي مچائيندڙ هڪ لشڪر اچي ڪڙڪندو.
33موآب جي زرخيز سرزمين مان
خوشي ۽ سرهائي نڪري وينديون.
آءٌ انگورن جي چيچڙن مان مئي ڪڍڻ بند ڪرائي ڇڏيندس.
ڪوبہ خوشيءَ جا آواز ڪڍندي
چيچڙي ۾ انگور لتاڙي مئي نہ ڪڍندو.
34حشبون ۽ العالي شهرن وارا رڙيون ڪندا. سندن رڙيون يهض شهر تائين، بلڪ ضغر کان وٺي حورونايم ۽ عجلت شليشياهہ شهرن تائين پيون ٻڌبيون، ڇاڪاڻ تہ برباديءَ سبب نمريم نهر جو پاڻي بہ سڪي ويندو. 35موآب ۾ غير معبودن جي پوڄا گھرن ۾ قربانيون ساڙڻ ۽ سندن معبودن لاءِ نذرانا پيش ڪرڻ کي آءٌ بند ڪرائي ڇڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.
36منهنجي دل قيرحراست بلڪ سڄي موآب جي ماڻهن لاءِ سرندي جي ماتمي سر وانگر ٿي روئي، ڇاڪاڻ تہ سندن هر طرح جو گڏ ڪيل مال متاع چٽ ٿي ويندو. 37‏-38موآب جي سڀني گھرن جي ڇتين تي ۽ ان جي سڀني چونڪن تي ماتم متل هوندو. انهيءَ ڪري هر مٿو ڪوڙيل هوندو ۽ هر ڪا ڏاڙهي ڪتريل هوندي. هر ڪنهن پنهنجي هٿن کي زخمي ڪيو هوندو ۽ پنهنجي چيلهہ تي کٿو ڍڪيو هوندو. انهيءَ سبب جو آءٌ موآب کي ردي ٿانو وانگر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو هوندو. 39آہ! اهو ڪيئن نہ ڀڃي ڀورا ڪيو ويندو! موآب وارا ڪيئن نہ واءِ‌ويلا ڪري روئندا. آہ! موآب ڪيئن نہ خوار خراب ڪيو ويندو! موآب تي اهڙي تہ ڀيانڪ بربادي اچي ڪڙڪندي، جو سندس سڀيئي آس‌پاس واريون قومون مٿس کِلَ ٺٺوليون ڪنديون. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
موآب جي پڇاڙي
40 خداوند ٿو فرمائي تہ
”دشمن لشڪر عقاب وانگر اڏامندو،
موآب ملڪ مٿان پنهنجا پر پکيڙيندو.
41ان جا سڀ شهر قبضي هيٺ اچي ويندا،
۽ مضبوط قلعا دشمن هٿ ڪري وٺندا.
انهيءَ ڏينهن موآب جي بهادر مردن جي دلين ۾
اهڙي تہ دهشت هوندي،
جهڙي ويم جي سورن واري عورت جي دل ۾ هوندي آهي.
42موآب وارا قوم جي حيثيت ۾ وري نہ اُسرندا،
ڇاڪاڻ تہ هنن مون خداوند کان پاڻ کي مٿاهون ڪيو آهي.
43اي موآب جا رهاڪؤ!
آءٌ خداوند ٿو چوان تہ دهشت، کڏ ۽ ڦندو،
اهي سڀ اوهان جا منتظر آهن.
44جيڪي دهشت کان ڀڄي نڪرندا سي کڏ ۾ ڪري پوندا،
۽ جيڪي کڏ مان مٿي نڪري ايندا سي ڦندي ۾ ڦاسي پوندا.
انهيءَ سبب جو مون خداوند اوهان موآب وارن لاءِ
سزا جو وقت مقرر ڪري ڇڏيو آهي.
45تڏهن جيڪي ڀاڄوڪڙ هوندا،
سي سيحون بادشاهہ جي شهر حشبون جي پناهہ ۾
بيتابيءَ جي حالت ۾ اچي بيهي رهندا،
پر حشبون شهر بہ ساڙي رک ڪيو ويندو،
سو اها باهہ فسادين جي ملڪ موآب کي
هڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.
46اي موآب وارؤ! ويل آهي اوهان لاءِ!
اي ڪموس معبود جا پوڄاريؤ!
اوهين نيست وَ نابود ٿي ويندا،
جڏهن تہ اوهان جا پٽ توڙي ڌيئرون
قيد ڪري جلاوطن ڪيا ويندا.“
47انهي هوندي بہ ايندڙ وقت ۾ خداوند موآب جي خوشحالي وري بحال ڪندو. سو موآب جي سزا بابت خداوند جو فرمان هتي پورو ٿيو.

Currently Selected:

يرمياہ 48: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for يرمياہ 48